Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

خوابن جو قاتل سماج _ سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ نوجوانن جي بيروزگاريءَ تي ھڪ تاثِر   

نيٺ ته سج به نڪرڻو آھي. اُھو ڏينھن بہ ايندو جيڪو سماج جي بُراين کي ختم ڪندو، نوجوانن لاء اڳتي وڌڻ جو پيغام اڻيندو، نيون واٽون کُلنديون. نيٺ ته گُم ٿيل مُرڪون موٽي اينديون ۽  سنڌ جي سرزمين فخر جا گيت ڳائيندي.

ڪومل ھنڱورو

اُھا ھڪ سرد رات ھئي. ھُوءَ سوچي رھي ھئي ته صبح جو سندس ٽيسٽ آھي . صبح سوير ئي کيس پنھنجي منزل طرف وڃڻو آھي. ھُن ڪيئي سال محنت ڪئي  ھُئي. ھُن پاڻ کي منزل جي ويجھو محسوس ڪيو. سوچيائين:  نيٺ اھو وقت بہ  اچڻو ھو. ھاڻ منزل ويجھو آھي. ھاڻي سمورا ڏک، تڪليفون ختم ٿينديون.

پر ھُوءَ ان ڳالھ کان به واقف ھئي ته ھيُ سماج ڪيترو نہ بي حس آھي. کيس اندازو ھو تہ ھتي جيتري وڌيڪ منافقت هوندي آھي، اُھو ماڻھو ئي ايترو ڪامياب ھوندو آھي …..ھتي اُھو ئي ڪامياب آھي جنھن وٽ ناڻو آھي، جنھن وٽ سياسي پھچ آھي.

”مون وٽ ڇاھي؟“ ھُن سوچيو. سندس اندر مان ئي آواز اُٿيو، ”ڪجھ بہ نہ.“

ھوءَ سوچي رھي ھئي ته ھڪ خواب پوري ڪرڻ لاء ڪيتريون راتون جاڳڻيون پون ٿيون ….

ھوءَ سمھي پوي ٿي. صبح سوير اٿي نماز پڙهي دعا گُھري ٿي ته مولا اڄ ڪا ٻاجھ ڪجان .

دِل کي آٿت ڏيندي ھُوءَ ٽيسٽ ڏيڻ لاء رواني ٿي وڃي ٿي. ھُوءَ سوچيندي رھي ٿي تہ ڪيڏو نه ڊگھو رستو آھي. ھوءَ اھو سفر به طئہ ڪري ٿي….

ٽيسٽ سينٽر وٽ پھچي ٿي ته کيس اُميدوارن جو وڏو انگ نظر اچي ٿو.” ڪيتري نه وڏي قطار آھي. اسان جي سماج ۾ بي روزگاري ڪيتري نه وڌي وئي آھي …“ ھُن سوچيو.  

بيروزگاريءَ جي ڪري ئي اسان وٽ ڏوھن  جو لاڙو به وڌيڪ ٿي ويو آھي ۽ ماڻھو ڪيترين ئي براين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا…ان کان علاوه ڪيترائي ماڻھو ھن سماج جي نا انصافين کان تنگ ٿي پنھنجي زندگيءَ جو انت آڻن ٿا.. نه ته سوچو ايتري خوبصورت زندگيءَ کي ڪير وڃائڻ پسند ڪندو. انسان تہ ٻيا به جيون جيئڻ چاھيندو.

ھُوءَ ان ڳالھ کان به واقف ھئي ته ھن سماج ۾ ميرٽ نالي ڪا شئي ناھي . تنھن هوندي به ھن چاھيو ته ھوءَ پنھنجي منزل تي پھچڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ضرور ڪري.

ھُن ٽيسٽ ڏني ۽ ڪامياب ٿي . سندس مُنھن تي مُرڪ ھئي، ھن سمجھيو تہ کيس سندس محنت جو ڦل ملي ويو. ھُوءَ خوش ھئي…

پر کيس خبر نه ھئي ته ھاڻي جيڪو مرحلو ايندو اُھو ھُن لاء ناڪامي آڻيندو.

 ھُن لکت وارو امتحان پاس ڪيو پر کيس وائيواز ۾ ناڪامي ملي.

انسان ھڪ خواب پورو ڪرڻ لاء ڇا ڇا تڪليف برداشت نه ٿو ڪري.

ھن پنھنجي ان شڪست تي بہ ھِمت ڪو نہ ھاري ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت جاري رکي، انھيءَ عزم سان ته نيٺ تہ منزل ملڻي آھي، نيٺ ته سج به نڪرڻو آھي. اُھو ڏينھن بہ ايندو جيڪو ھن سماج جي بُراين کي ختم ڪندو ۽ نوجوانن لاء اڳتي وڌڻ جو ھڪ پيغام اڻيندو، نيون واٽون کُلنديون. نيٺ ته ڪڏھن پنھنجو وقت ايندو ۽ گُم ٿيل مُرڪون موٽي اينديون ۽ انھن  رونقن سان سنڌ جي سرزمين فخر جا گيت ڳائيندي.

________________

 ڪومل ھنڱورو، ڪِرمنالاجسٽ، دادو، سنڌ  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button