Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڊاڪٽر نجم عباسي:  سنڌ جي ضمير ۽ خمير مان ڳوهيل شخص

25 آڪٽوبر 1995ع تي، 68 سالن جي ڄمار ۾، نجم عباسي هميشه لاءِ دنيا کان وڇڙي ويو. پر سندس فڪر، سندس لفظ، ۽ سندس خدمت اڄ به سنڌي ادب جي هر صفحي تي زنده آهن.

ڊاڪٽر نجم عباسيءَ پنهنجي حياتيءَ ۾ سنڌي ادب کي بي پناهه دولت ڏني. هن 30 ڪتاب، 300 کان وڌيڪ ڪهاڻيون، 4 ناول، ڪيترائي ترجما ۽ ذاتي ڊائريون لکيون.

مُشتاق ٽانوري

سنڌ جي فڪري ۽ ادبي تاريخ ۾ ڪجهه نالا اهڙا آهن، جيڪي نه فقط پنهنجي فن سان امر ٿيا، پر ھنن پنهنجي فڪر، سوچ ۽ انسانيت سان به وقت جي  ضمير کي بيدار ڪيو. انهن روشن ستارن ۾ هڪ نالو ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو آهي  جيڪو نه رڳو ماهرِ طب هو، پر پنهنجي قلم سان سنڌي ادب کي فڪري روشنيءَ سان مالا مال ڪندڙ ليکڪ، محقق ۽ انسان دوست فڪر جو علمبردار پڻ هو. نجم عباسي اُن نسل سان تعلق رکندو هو، جنهن علم کي عبادت ۽ ادب کي انساني خدمت جو ذريعو بڻايو. سندس زندگيءَ جو هر ورق علم، احساس ۽ سماجي سچائيءَ سان ڀرپور هو. هو انهن شخصيتن مان هو، جن علمي ميدان ۾ به نالو ڪمايو ۽ ادبي دنيا ۾ به پنهنجي فڪر جو نشان ڇڏيو.

ڊاڪٽر نجم عباسي 18 آڪٽوبر 1927ع تي سنڌ جي تاريخي شهرخانواهڻ ۾ هڪ علم دوست گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد استاد الهندو عباسي پاڻ به علم ۽ ادب سان محبت ڪندڙ شخص هو، جنهن جي گهر ۾ ڪتابن ۽ فڪر جو اهڙو ماحول هو، جنهن نجم عباسيءَ جي ذهن کي ننڍپڻ کان ئي علم دوستيءَ ڏانهن مائل ڪيو. ابتدائي تعليم والد وٽ حاصل ڪرڻ بعد، هن خانواهڻ جي ڀرسان ڳوٺ تنيا بقا شاهه ۽ پوءِ نواب شاهه لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ۾ تعليم ورتي. اهو دؤر برصغير ۾ سياسي جاڳرتا ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جو زمانو هو، جنهن جو اثر نجم عباسيءَ جي شعور تي به پئجي ويو. هو آزاديءَ جي تحريڪ ۾ فڪر ۽ جذبي سان شامل رهيو. سن 1946ع ۾ جڏهن مسلم نيشنل گارڊ جي شاخ خانواهڻ ۾ قائم ٿي ته ان جو بنياد نجم عباسيءَ پاڻ وڌو. ان ئي سال هن آزاديءَ جي جذبي سان ڀرپور هڪ ترانو به لکيو، جيڪو ان وقت جي نوجوان نسل ۾ قومي جوش پيدا ڪندڙ بڻيو. نجم عباسي 1946ع ۾ مئٽرڪ امتيازي حيثيت سان پاس ڪئي ۽ پوءِ سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچي  ۾ داخلا ورتي. 1948ع ۾ انٽرميڊيٽ پاس ڪري هو طب جي شعبي ۾ داخل ٿيو. ذهانت ۽ محنت سبب 1953ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن پنهنجي پيشوراڻي زندگيءَ جي شروعات سرڪاري اسپتالن مان ڪئي، جتي 1958ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. پر سرڪاري نوڪري سندس آزادي پسند مزاج سان ٺھڪي نه آئي. هن نوڪريءَ کي الوداع چيو ۽ حيدرآباد جي گاڏي کاتي  ۾ ذاتي ڪلينڪ قائم ڪيائين، جتي زندگيءَ جي آخري لمحي تائين غريبن ۽ ضرورت مند مريضن جي بي لوث خدمت ڪندو رهيو.

نجم عباسيءَ کي گهر ۾ ئي علمي ۽ ادبي فضا نصيب ٿي. جڏهن هن پنهنجي والد جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا، تڏهن سندس فڪري تشڪيل تي مشهور عالم ۽ اديب محمد عثمان ڏيپلائي  جي لکڻين جو گهرو اثر پيو. اسڪول جي زماني ۾ کيس مخدوم امير احمد جھڙي استاد جي رفاقت ملي، جنهن ” بزمِ ادب “ نالي تنظيم قائم ڪري شاگردن ۾ ادبي شعور پيدا ڪيو. نجم عباسي ان تنظيم جو سرگرم رڪن رهيو ۽ 1944ع کان 1946ع تائين سيڪريٽري طور ڪم ڪيو. هن پنهنجو ادبي سفر شاعريءَ سان شروع ڪيو. پهريون شعر 1941ع ۾ ”بزمِ ادب“ جي گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيو. پر جلد ئي سندس قلم ڪھاڻين ۽ افسانن ڏانهن مائل ٿيو، جتي هن پنهنجي فڪر کي وڌيڪ پختگيءَ سان اظھاريو. نجم عباسيءَ پھرئين ڪھاڻي ” همت ۽ ڪوشش “ 1944ع ۾ لکي ، جيڪا 1947ع ۾ مشھور ادبي رسالي ” مھراڻ “ ۾ شايع ٿي. ان کان پوءِ سندس ٻي ڪھاڻي ” کنڊ جي چوري “ ساڳئي سال شايع ٿي، جنھن کيس ادبي حلقن ۾ سڃاڻپ ڏني. 1956ع ۾ جڏهن ون يونٽ خلاف ادبي مزاحمت جي تحريڪ زور وٺي رهي هئي، تڏهن نجم عباسي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي رسالي ” انسان “ سان لاڳاپيل رهيو. هي رسالو سنڌي شعور جي مزاحمتي آواز جو مرڪز هو، جتي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، فضل الله بچاڻي، عبدالقادر جوڻيجو ۽ ممتاز مرزا جهڙا ليکڪ پنهنجي قلم سان ون يونٽ جي ظلم خلاف لکي رهيا هئا. نجم عباسي به ان ئي صف ۾ شامل هو، جنھن پنھنجين ڪھاڻين وسيلي سنڌي قوم جي احساس، ڏکن ۽ جدوجهد کي اجاگر ڪيو. سندس مشهور ڪھاڻي ” قدم ڄمائڻ جي لاءِ “ کي فڪشن هائوس لاهور سنڌي ادب جو شاهڪار قرار ڏئي ڇپرايو.

نجم عباسيءَ جي ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جي حقيقتن جو اهڙو نرالو اظھار ملي ٿو، جيڪو پڙهندڙ جي دل کي ڇھي وڃي ٿو. هن ڪڏهن به مصنوعي موضوعن يا غير حقيقي ڪردارن جو سهارو نه ورتو؛ سندس ڪھاڻيون سنڌي سماج جي اصل زندگيءَ مان جنم وٺنديون هيون. هن پنهنجي قلم وسيلي انهن ماڻھن جي ڳالهه ڪئي، جيڪي سماج جي ڪنڊن ۾ وسيلن کان محروم، ڏکن ۽ ڏوجهرن ۾ جڪڙيل هئا. سندس ڪهاڻين ۾ سماجي بي انصافي، عورتن جي حالت، طبقاتي فرق، انسان جي اندروني ٽٽڻ ۽ نئين اميدن جي تلاش جهڙا موضوع بار بار اچي ٿا وڃن. عباسيءَ جي لفظن ۾ پيڙا به آهي، پر اها پيڙا مايوسي نه پر اميد ۽ جدوجهد جو پيغام بڻجي اچي ٿي. سندس لکڻين ۾ درد سان گڏ فڪر، جذبي سان گڏ دانش، ۽ تخليق سان گڏ سماجي ذميواري نظر اچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪهاڻيون اڄ به پڙهندڙ جي دل کي ڇهي وڃن ٿيون.

1989ع ۾ ڊاڪٽر نجم عباسي تي فالج جو حملو ٿيو، جنهن سبب کيس اسپتال بند ڪرڻي پئي. پر بيماريءَ باوجود هن پنهنجي روحاني ۽ فڪري طاقت کي ختم ٿيڻ نه ڏنو. ڇهن سالن تائين بيماريءَ سان جدوجهد ڪئي، پر قلم کي ٿڪجڻ نه ڏنائين. ڊاڪٽر نجم عباسيءَ پنهنجي حياتيءَ ۾ سنڌي ادب کي بي پناهه دولت ڏني. هن 30 ڪتاب، 300 کان وڌيڪ ڪهاڻيون، 4 ناول، ڪيترائي ترجما ۽ ذاتي ڊائريون لکيون. سندس تخليقن ۾ جديد سائنسي سوچ، روشن خيالي ۽ انسان دوستيءَ جو پيغام نمايان آهي. هن پنهنجي قلم سان نوجوان نسل جي ذهنن ۾ شعور، وطن پرستي ۽ فڪري آزاديءَ جو احساس پيدا ڪيو. سندس ڪهاڻيون ۽ ناول اڄ به پڙهندڙ کي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ معاشري کي بهتر بڻائڻ لاءِ اُتساهين ٿا.

25 آڪٽوبر 1995ع تي، 68 سالن جي ڄمار ۾، نجم عباسي هميشه لاءِ دنيا کان وڇڙي ويو. پر سندس فڪر، سندس لفظ، ۽ سندس خدمت اڄ به سنڌي ادب جي هر صفحي تي زنده آهن.

ڊاڪٽر نجم عباسي صرف هڪ اديب يا ڊاڪٽر نه هو، پر ”فڪر جو سفير“ هو، جنهن سنڌ جي فڪري ورثي کي نئين فڪر ۽ انساني قدرن سان مالا مال ڪيو. سندس ادبي سفر علم، شعور ۽ سماجي خدمت جو حسين سنگم هو. نجم عباسيءَ جو نالو سنڌي ادب جي انهن چمڪندڙ ستارن ۾ هميشه زنده رهندو، جن پنهنجي فڪر، محبت ۽ خدمت سان ڌرتيءَ کي روشن ڪيو. سندس ڪهاڻيون اڄ به سنڌ جي ماڻهن لاءِ اُميد، حوصلي ۽ انساني محبت جو پيغام ڏين ٿيون. نجم عباسيءَ جو فڪر فقط ڪتابن ۾ نه، پر سنڌ جي فضا ۾ به ساھ کڻي رهيو آهي ۽ جيستائين سنڌي ٻولي زنده آهي، تيستائين ڊاڪٽر نجم عباسي جو نالو به امر رهندو.

____________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button