ڪراچيءَ جا قديم حوض: ورھاڱي کان اڳ اُڃايلن جي اُڃ اُجهائيندڙ وساريل ورثو
برطانوي دور ۾ لڳ ڀڳ 30 کان وڌيڪ اهڙا حوض تعمير ڪيا ويا هئا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن مان اڪثريت سرڪاري فنڊن بدران سَرنديءَ وارن ماڻھن پنهنجي پيارن جي ياد ۾ صدقي طور تعمير ڪرائي هئي.
ڪراچيءَ جا قديم پيئڻ جي پاڻي جا حوض نه رڳو تاريخي يادگار آهن، پر اهي ان دور جي سماجي خدمت ۽ فنِ تعمير جو هڪ بهترين نمونو پڻ آهن. ھن وقت انھن مان اڪثر حوض تباھ ٿي چُڪا آھن

نصير اعجاز
ڪراچي جڏهن برطانوي راڄ جي قبضي هيٺ هئي، تڏهن شهر جي ترقيءَ لاءِ ڪيترائي اهڙا قدم کنيا ويا جيڪي عام ماڻهن ۽ جانورن جي سهولت لاءِ هئا. انهن مان سڀ کان اهم شهر جي مختلف هنڌن تي تعمير ٿيل پاڻيءَ جا حوض (Water Troughs) آهن، جن کي سبيلون بہ چئي سگھجي ٿو. اهي حوض يورپي طرزِ تعمير جو سنگم هئا، جيڪي اڪثر مقامي گزري پٿر سان تيار ڪيا ويا هئا.

انهن حوضن جي تعمير جو بنيادي مقصد شهر جي پورهيت طبقي، مسافرن ۽ باربرداري ڪندڙ جانورن (جهڙوڪ گهوڙا، اٺ ۽ گڏهه) کي مفت پاڻي مهيا ڪرڻ هو. 19هين صديءَ جي آخر ۽ 20هين صديءَ جي شروعات ۾، جڏهن گاڏين جو وجود نه هو، يا تمام گھٽ گاڏيون ھيون، تڏهن اهي حوض شهر جي پيٽرول پمپن وانگر هئا، جتي جانور پنهنجي اڃ اجهائيندا هئا.

برطانوي دور ۾ لڳ ڀڳ 30 کان وڌيڪ اهڙا حوض تعمير ڪيا ويا هئا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن مان اڪثريت سرڪاري فنڊن بدران سَرنديءَ وارن ماڻھن پنهنجي پيارن جي ياد ۾ صدقي طور تعمير ڪرائي هئي.
ڪجهه اهم ۽ مشهور حوضن جا تفصيل ھن ريت آھن.

پاڪستان چوڪ ويجھو ٺاڪر مرارجي شيو بودا حوض ٺاڪر والمجي مرارجيءَ پنهنجي پيءُ جي ياد ۾ اڏايو. ميري ويدر ٽاور ويجھو پهلاج راءِ ريواچند پنجابي حوض پهلاجراءِ ريواچند جو عطيو ڪيل ھو. گرومندر ويجھو بائرام ايدلجي حوض 1893ع ۾ تعمير ٿيو، جيڪو پارسي برادريءَ جي سخاوت آهي. ديوان ديارام چيلارام ميرچنداڻي حوض مشن روڊ 1927ع ۾ تعمير ٿيو.
وقت گذرڻ سان گڏ، ٽيڪنالاجي ۽ شهري ترقيءَ انهن قديم اڏاوتن کي پسمنظر ۾ ڌڪي ڇڏيو. اڄ صورتحال هيءَ آهي جو اڪثر حوض گندگيءَ جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي ويا آهن يا روڊن جي توسيع جي نالي تي ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن.
سڄي شهر ۾ صرف ٽي حوض اهڙا آهن جيڪي شايد اڃان تائين ڪم ڪري رهيا آهن. اهي به حڪومت بدران انهن مقامي ماڻهن جي ڪري قائم آهن، جن پنهنجي مدد پاڻ تحت انهن کي بحال رکيو آهي.

ثقافتي نقصان
گزري پٿر تي ٿيل خوبصورت ڪاريگري ۽ تاريخي ڪتبا تيزيءَ سان مٽجي رهيا آهن. اهي حوض صرف پٿر جا ڍير نه هئا، پر ڪراچيءَ جي مذهبي هم آهنگيءَ جو ثبوت هئا. انهن کي هندو، مسلم، پارسي ۽ عيسائي برادرين جي ماڻهن گڏجي تعمير ڪرايو ھو. ڪراچيءَ جي قديم علائقن جهڙوڪ برجيس اسٽريٽ، ۽ رنڇوڙ لائين ۾ انهن جا نشان اڄ به ملي سگهن ٿا.
هي حوض اسان جي شهر جي ان دور جي ياد ڏيارين ٿا جڏهن ڪراچي دنيا جي سڀني کان صاف شهرن مان هڪ هئي ۽ هتي رڳو انسانن نه پر جانورن جي حقن جو به خيال رکيو ويندو هو. پهلاج راءِ ريواچند پنجابيءَ جو ميري ويدر ٽاور وارو حوض ان دور ۾ تعمير ٿيو جڏهن ڪراچي بندرگاهه کان سامان کڻي اٺ گاڏيون ۽ گهوڙا گاڏيون شهر ڏانهن وينديون هيون، ته هي پهريون پڙاءُ هوندو هو جتي جانورن کي پاڻي پياريو ويندو هو. پهلاج راءِ ريواچند هڪ خوشحال هندو واپاري هو، جنهن ميري ويدر ٽاور (جيڪو 1892ع ۾ ٺهيو) جي ڀرسان هي حوض ان ڪري ٺهرايو ته جيئن بندرگاهه تان ايندڙ مسافرن کي سهولت ملي. ميري ويدر ٽاور وٽ پهلاج راءِ ريواچند حوض اڃان موجود آهي، پر تمام گهڻي گندگي ۽ قبضي هيٺ آهي.

گرو مندر وٽ بائرام ايدلجي حوض پارسي برادريءَ جي سخاوت جو وڏو مثال آهي. پارسي برادري ڪراچي جي ترقيءَ ۾ اڳڀري رهي آهي. هن حوض جي تعمير ۾ گوٿڪ (Gothic) فنِ تعمير جو اثر نظر اچي ٿو. 1893ع ۾ تعمير ٿيل هن حوض جي هڪ خاصيت اها هئي ته ان ۾ مٿاهين سطح تي انسانن لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ هيٺين سطح تي جانورن لاءِ کليل حوض هوندو هو.
هڪ ٻيو اهم حوض جنهن جو ذڪر گهٽ ملي ٿو، اهو جيوڻ ٻائي (Jewan Bai) نالي هڪ عورت تعمير ڪرايو هو. هي حوض رنڇوڙ لائين واري علائقي ۾ هو. ان دور ۾ عورتن پاران اهڙيون سماجي خدمتون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ڪراچيءَ جو سماج ڪيتري قدر ترقي پسند هو.
انهن حوضن جي اڏاوت ۾ گزري پٿر (Yellow Sandstone) استعمال ڪيو ويو هو. هن پٿر جي خاصيت اها آهي ته هي گرميءَ ۾ پاڻيءَ کي ٿڌو رکندو آهي. ان دور ۾ جڏهن برف يا فرج عام نه هئا، تڏهن اهي پٿر جا حوض پورهيتن لاءِ وڏي نعمت هئا.

موجودہ وقت ٽن حوضن مان هڪ نيپيئر روڊ تي آهي، جيڪو اڄ به مقامي دڪاندارن ۽ پورهيتن جي مدد سان هلي رهيو آهي. اهي ماڻهو روزانو صبح جو ان حوض جي صفائي ڪن ٿا ۽ ان ۾ پاڻي ڀرين ٿا، جيڪو پُراڻي وقت کان هلندڙ هڪ روايت جو تسلسل آهي.
هڪ دلچسپ پهلو ھيءُ آھي تہ انهن حوضن تي اڪثر سنڌي، گجراتي ۽ انگريزي ٻولين ۾ تختيون لڳل هونديون هيون. اهي ڪتبا نه رڳو تعمير ڪندڙ جو نالو ٻڌائين ٿا، پر ان وقت جي لساني تنوع (Linguistic Diversity) کي پڻ ظاهر ڪن ٿا.
ٺاڪر مرارجي شيو بودا حوض (پاڪستان چوڪ ويجهو)
تي گجراتي ۽ انگريزي ۾ اڪريل لکت تمام اهم آهي:
”هيءُ حوض ٺاڪر والمجي مرارجي، پنهنجي مرحوم والد ٺاڪر مرارجي شيو بودا جي ياد ۾، عام ماڻهن ۽ جانورن جي سهولت لاءِ تعمير ڪرايو. سال 1900ع.“
هي حوض ڪراچي جي ”لوهاڻا“ برادري جي سخاوت جو نشان آهي، جن جو ان دور جي تجارت ۾ وڏو نالو هو.

پاڪستان چوڪ ۽ ميري ويدر ٽاور وارن حوضن تي اڃا به گجراتي ۽ پراڻي سنڌي رسم الخط ۾ ڪجهه اکر موجود آهن. اهي اکر ان دور جي ڪراچي جي سماجي جوڙجڪ کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا.
ٺاڪر مرارجي حوض پاڪستان چوڪ (آرام باغ ويجهو) ڪافي حد تائين محفوظ آهي ۽ ان تي لڳل ڪتبو اڃا پڙهي سگهجي ٿو. بائرام ايدلجي حوض گرو مندر (نشتر روڊ) روڊ جي وچ ۾ هڪ يادگار وانگر بيٺل آهي، پر هاڻي استعمال ۾ ناهي.
ديوان ديارام حوض مشن روڊ تي هينئر زبون حالي جو شڪار آهي ۽ ان جو گهڻو حصو مٽجي چڪو آهي.
کڏا مارڪيٽ لياريءَ وارو حوض جا آثار هن قديم علائقي ۾ اڄ بہ ملن ٿا جيڪو پورهيتن لاءِ هو.
بائرام ايدلجي حوض (گرو مندر) تي انگريزي ۾ هڪ خوبصورت تختي لڳل هئي (جيڪا هاڻي زبون حال آهي).
ڪتبي جي عبارت (مفهوم):
”هي حوض بائرام ايدلجي پاران پنهنجي خاندان جي ياد ۾ ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ 1893ع ۾ تحفي طور ڏنو ويو.“ پارسي برادري هميشه اها ڪوشش ڪندي هئي ته اهڙيون اڏاوتون شهر جي مرڪزي رستن تي هجن جتي مسافرن جو لنگهه گهڻو هجي.
ديوان ديارام چيلارام ميرچنداڻي حوض (مشن روڊ) تي اڪريل لکت ان دور جي سنڌي هندن جي علمي ۽ سماجي مرتبن کي ظاهر ڪري ٿي.
ڪتبي جي عبارت (مفهوم):
”ديوان ديارام چيلارام ميرچنداڻي پاران هي پاڻي جو حوض مسافرن ۽ بي زبان جانورن جي اڃ اجهائڻ لاءِ 1927ع ۾ تعمير ڪرايو ويو. “
هن تي لکيل ”ديوان“ جو لقب ظاهر ڪري ٿو ته تعمير ڪرائيندڙ سرڪاري يا تعليمي حلقن ۾ وڏو اثر رکندڙ هو.
گزري پٿر نرم هوندو آهي، تنهنڪري ڪيترن ئي ڪتبن تي لکيل اکر وقت ۽ موسم جي سختي سبب مٽجي چڪا آهن.
ڪيترن ئي هنڌن تي ماڻهن انهن تاريخي پٿرن تي چونو (Lime) يا تيل وارو رنگ هڻي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري اصل لکت لڪي وئي آهي.
ڪجهه حوضن تان ڪنجهي (Bronze) يا سنگِ مرمر جون لڳل تختيون چوري ٿي چڪيون آهن.
اڄ جي ڪراچي، جتي پاڻيءَ جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ جھيڙا جھٽا ٿين ٿا، اتي هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن شهر جي چونڪن تي مسافرن ۽ جانورن لاءِ مفت پاڻي جا خوبصورت حوض موجود هئا. هي رڳو پٿر جون اڏاوتون نه، پر ڪراچي جي سخاوت جا اُھڃاڻ آهن.

صِرف ڪاغذن ۾ رھجي ويل حوض
ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي قديم رڪارڊ ۽ گزيٽيئرز مان مليل معلومات موجب ڪيترا ئي حوض هاڻي صرف ڪاغذن ۾ موجود آهن يا انهن جا نشان مٽجي چڪا آهن:
ايڊلجي وائنچ حوض نيپيئر روڊ (ويجهو رنڇوڙ لائين) هي حوض خاص طور تي اٺن ۽ گهوڙن جي وڏي تعداد کي نظر ۾ رکي ٺاهيو ويو هو.
خان بهادر حسن علي افندي حوض بندر روڊ تي سنڌ مدرسته الاسلام جي باني جي نالي سان منسوب هڪ وڏي سماجي خدمت هو.
هوتچند وشنداس حوض آءِ آءِ چندريگر روڊ (اڳوڻو مڪلوڊ روڊ) تي بينڪن واري علائقي ۾ واپارين جي سوارين لاءِ هو.
مائي ڪولاچي يادگار حوض ڪياماڙي بندرگاهه ويجهو مڇي ماريندڙن ۽ بندرگاهه جي پورهيتن لاءِ تعمير ٿيل هڪ قديم حوض.
لياري ريور سائيڊ حوض لياري نديءَ جي ڪناري انهن قافلن لاءِ هو جيڪي لسٻيلي کان ڪراچي ۾ داخل ٿيندا هئا.

حوضن جي تعمير جا ٽي وڏا دور
ڪراچيءَ ۾ پاڻي جي انهن حوضن جي تعمير کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
ابتدائي برطانوي دور (1843-1880): جڏهن ڪراچي هڪ فوجي ڇانوڻي هئي. هن دور جا حوض تمام سادا ۽ رڳو ضرورت لاءِ هئا.
سونهري دور (1881-1920): هن دور ۾ ڪراچي جا امير هندو ۽ پارسي واپاري مقابلي ۾ خوبصورت حوض ٺهرائيندا هئا. اڪثر فنڪارانه حوض هن دور جا آهن.
پڄاڻي وارو دور (1921-1947): جڏهن پائپ لائنن جو نظام گهر گهر پهچڻ لڳو ۽ حوضن جي اهميت گهٽجڻ لڳي.
انهن سڀني حوضن کي پاڻي جي فراهمي ڊملوٽي کوُھن (Damloti Wells) مان ٿيندي هئي. ملير ندي جي ڪناري تي موجود اهي کوهه برطانوي دور جي انجنيئرنگ جو معجزو هئا، جتان گريوٽي (Gravity) جي ذريعي پاڻي سڄي شهر تائين پهچندو هو.
افسوس! اڄ 30 کان وڌيڪ حوضن مان صرف ٽي يا چار اهڙا آهن جيڪي اڃا بيٺا آهن، پر اهي به بيوسيءَ جي تصوير بڻيل آهن. اسان جو تاريخي ورثو اڄ ڪچرا ڪونڊي بڻجي چڪو آهي.
ڪراچي جي انهن حوضن جي بحالي صرف پٿرن جي مرمت ناهي، پر اسان جي ان تهذيب جي بحالي آهي جنهن ۾ اڃايل کي پاڻي پيارڻ سڀ کان وڏي عبادت هئي. ڇا اسان پنهنجي شهر جي هن سڃاڻپ کي بچائي سگهنداسين؟“
_______________
نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



