سنڌ جو عوامي ۽ منفرد شاعر استاد بخاري: صديون جاڳائيندڙ سرجڻهار
ڪتاب ”ڳائي پيو جاڳائي پيو“ ۾ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ هر صديءَ ۾ آزاد سنڌ، سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙ ۽ جاڳرتا ڦهلائڻ جي ڀرپور سگھ موجود آهي جيڪا کيس صديون جاڳائيندڙ سرجڻهار بڻائي ٿي
سنڌي ٻوليءَ جي سدا حيات، وڏي عوامي، غير معمولي، منفرد ۽ غير روايتي شاعر استاد بخاريءَ کي سندس ورسيءَ تي ڀيٽا
عزيز ڪنگراڻي
استاد بخاري (جنم 16 جنوري 1930 ۽ وفات 9 اڪٽوبر 1992) پنهنجي همعصر دور جو اهڙو سرجڻهار آهي جنهن پنهنجي لازوال تخليقي صلاحيتن ۽ سمنڊ جهڙيون ڇوليون هڻندڙ اوهاڳ تخيل جي ذريعي وقت جي نظر اندازي واري هر سوچ کي لوڙهي مڃتا جو معراج ماڻيو ۽ موت کانپوءِ واري زندگيءَ جو صدين تائين روشن سج اڀاري ڇڏيو. بخاري ڄاتو ٿي ته زندگي جي ڄم ۽ موت واري وڇوٽيءَ کي جڏهن ڏات جي سڦلتا جو واس واسيندو ته انهيءَ زندگي تي امرتائن جي ڪائنات جون رنگينون وکري موت سان گڏ نظر انداز ڪندڙ ۽ نه مڃيندڙ سوچ تي هارجي وينديون ته پوءِ موت به حياتي بڻجي ويندو. ان ڪري وقت جي مخالفت ۽ نظر اندازيءَ اڳيان هار کائڻ بجاءِ هن پنهنجو لازوال تخليقي پورهيو جاري رکيو. هن سوچي ڇڏيو هوندو ته ڪو مڃي نه مڃي پر رڪجڻو يا مايوس ٿيڻو ناهي. ڏاهِي ڏات جي نرالي اوت وسيلي موت کي مات ڏيڻي آهي. موت کي جوت ۽ جلا ۾ تبديل ڪندڙ بخاري چوي ٿو:
مڃين موت متان، نيهِي سَتُ نِسَت ٿي
ڇڏڻا ناهن ڇا به ٿئي، همت، هوش هٿان،
ويندِي وير وٽان، ٻيهر هٿ نه ٿي اچي.
ملڪ الموت وٺي، نيندو نانهن نراس ڏي
آدم ذات اُٿي، ايندو واس ولهار ڏي.
مرڻ مڃون ڇو؟ جيئڻ سان جندڙو جُڙيو
ڪڏهن، ڪاٿي ڪيئن پر، موٽيو ناهي ڪو،
تنهن هوندي پڻ تو، جوڙيو جيوڻ آپڻو.
(ڪوڪڻ يا ڪلياڻ)

مون ساڻس گڏجي ادبي پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جا سفر ڪيا. استاد مون سان سفر ۾ توڙي سندس گھر بيٺڪ تي ڪچهرين ۾ اهي حال به اوريندو هو ته مون خود به اهي نظر اندازيون ڏٺيون ۽ محسوس ڪيون. استاد بخاري انهيءَ پنهنجي همعصر دور جي نظر انداز ڪندڙ ۽ کيس نه مڃڻ واري مايوس ڪندڙ سوچ جي رد عمل ۾ خود به اظهاريو آهي:
جئين زندگي تيز تڪڙي ٿي گذري،
ائين تون به تڪڙو لکي وٺ لکي وٺ،
پٺيان پاڻهي نقاد فيئر ڪندا پيا،
تون رف جهڙو تهڙو لکي وٺ لکي وٺ.
بهرحال استاد بخاري انهن رَوَين کان بي نياز ٿي پنهنجي تخليقي اُڏام اُتم کان اُتم ڏانهن جاري رکي. هن سرتي سان گڏ ڌرتي کي ڳايو. بخاري اڃا به سرتي جي ڀيٽ ۾ ڌرتي کي ترجيح ڏني. جاڳي جاڳرتا ڪري سنڌ، سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي ٻوليءَ سان اُنسيت جا گيت ڳاتائين جيڪي صدين کي جاڳائيندا رهندا. هونئن ته هن لحاظ کان سندس کوڙ شاعري آهي پر سندس ڪتاب ”ڳائي پيو جاڳائي پيو“ ۾ استاد بخاري جي شاعري ۾ هر صديءَ ۾ آزاد سنڌ، سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙ ۽ جاڳرتا ڦهلائڻ جي ڀرپو سگھ موجود آهي جيڪا کيس صديون جاڳائيندڙ سرجڻهار بڻائي ٿي. ايئن کڻي چئجي ته سندس شاعري صدين تائين سڄاڳي ۽ ساڃاھ جي روشني ورڇيندي ۽ رهبري ڪندي رهندي. سندس مذڪوره ڪتاب ۾ شامل چند شعر ئي انهي عنصر جي ساک ڀرن ٿا:
او ٻيلي بچايو منهنجي ٻولي
او سنڌي بچايو پنهنجي ٻولي
اچو جاڳ جا راڳ استاد ڳايون،
نشا ننڊ وارا نڀاڳا نڀاڳا.
جو ڪاڇي ٿر جي ڪاڻ ڪڙهي،
جو هارين جي حق لاءِ لڙي،
سو خان ته ڇا خانان جئي.
ڪُونڌر ڪنڌ منجھان ڪڍ هاڻي،
پرماري پاڃارِي،
ڪلڪ، ڪُهاڙو، ڪوڏر ڏاٽو،
چارئي يار بخاري.
جاڳو جاڳو وقت پڪاري، جاڳو جاڳو يارو.
جاڳڻ ساڻ سهاڳ ملي ٿو، سانگ ٿئي سوڀارو.
(ڳائي پيو جاڳائي پيو)
استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جواهڙو سدا حيات ۽ وڏو عوامي، غير معمولي، منفرد ۽ غير روايتي شاعر آهي جنهن سادي ٻولي ۾ اعلي تخيل کي سموهيو ۽ جاڳ جي جنبش پيدا ڪئي آهي. عام ٻولي جو مطلب عام يا روايتي ناهي پر عام ٻوليءَ ۾ ڳُوڙها خيال پيش ڪرڻ جو ڏانءُ هڪ بخاري وٽ نظر اچي ٿو ۽ ٻيو شاھ عبداللطيف ڀٽائي وٽ ئي آهي. ڀٽائي لاءِ خود بخاري چوي ٿو:
اباڻن ۾ ڄايون، اباڻن نپايون.
ڀٽائيءَ جون وايون، ڀٽائيءَ جون وايون.
______________

عزيز ڪنگراڻي ناميارو ليکڪ، ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف، محقق ۽ اينٿروپولاجسٽ آھي