قصو چيني يونيورسٽين ۾ داخلائن، پاڪستاني ٺڳن ۽ سندن مقامي ساٿارين جو
ھڪ شنچياني چيني مسلمان ۽ ٻن پاڪستانين سان ملڻ ٿيو جن لاءِ خبر پئي تہ شاگردن کي يونيورسٽين ۾ داخلا ڏيارڻ بھاني لکين رُپيا ٺڳيندا رھيا آھن ۽ بدنام آھن. شنچياني مسلمان کي به پاڪستاني پنجابي مسلمان جي هوا لڳي ويئي آهي
چيني ڪرنسي نوٽ تي پنج ٻولين ۾ لکت مان ھڪ شنچيان صوبي جي عربي لِپيءَ واري ايغور آهي
ليکڪ کي ھڪ سُھڻي چيني ڊانسر وڻي وئي، جنھن سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ تي ڏاڍي دل ھيس پر گھر واريءَ جي ڊپ ۾ دل تي پٿر رکي ڇڏيائين.
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
6 نومبر 2024: ڪالهه کان وٺي جنھن مھل اٿندو آهيان ته ٻاهر نڪري ’هو چو لو‘ (اسٽريٽ) تي قائم ’سٽي سويٽس‘ کان ڊبل روٽيون وٺي ايندو آهيان. وشال نوين بجي ڌاري اُٿي، وري وڃيو ڊبل روٽيون به وٺيو اچي، بھتر اهو سمجهيم ته اهو ڪم پاڻ ڪجي. سٽي سويٽ تي ڀانت ڀانت جون روٽيون ۽ مٺايون رکيل آهن. صفا تازيون ڪي ته گرم گرم.
ڪالهه جيڪي روٽيون ورتم اهي ساڍا چوويھه يوانن جون ٿيون ۽ اڄ گهٽ ورتم، چوڏهن يوان جون. چيني ڪرنسي ۾ وڏي ۾ وڏو نوٽ هڪ سئو يوآن جو آهي. ان کان پوءِ پنجاهه، ويھه، ڏهه، پنج ۽ هڪ يوان جا نوٽ آهن. هڪ يوان جو سڪو به ٿئي. هڪ يوان ۾ اٺ مائو ٿين، جيڪي سڪي جي صورت ۾ آهن. ليو يعني اڌ يوآن ۽ پوءِ مائو. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏو نوٽ پنج هزار جو ٿئي.چيني ڪرنسي جي پويان چيني، ۽ ٻي ٻولي جنھن جي رسم الخط عربي جھڙي آهي، ان ۾ لکت لکيل آهي، انهن سڀني ڪرنسي نوٽن جي هڪ پاسي چيئرمن مائوزيتنگ جي تصوير ۽ ٻي پاسي چين جي ڪنھن نه ڪنھن نظاري جي تصوير ڇپيل آهي. منھنجي سامھون ويھن يوانن جو نوٽ آهي. جنھن جي ٻي پاسي هيئن لکيل آهي:
ZHONGGUO RENMIN YINHANG CONGHGOZ YINZMINZ YINZHANGZ C16 MAEZN
– ئون يودن جو کلو حه لق پانکس
ابوذر جيڪو گوانگسي يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي پيو ڪري ان ٻڌايو ته چين جي ان نوٽ تي پنجن ٻولين ۾ لکيل آهي، جيڪا منھنجي لاءِ حيرت واري ڳالهه هئي عربي اسڪرپٽ ۾ جيڪو لکيل آهي، اها چين جي صوبي Xinjiang سنگيانگ ياشنچيان جي ٻولي ايغور آهي، ان کان سواءِ چيني ڦينن ۾ به لکيل آهي.

*
آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ ڊونالڊ ٽرمپ، ڪملا هيريس کي هارائي آمريڪا جو 47 هون صدر چونڊجي ويو. هن چونڊ آمريڪا جي تاريخ ۾ ڪجهه نوان اضافا ڪيا. ٽرمپ آمريڪا جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو صدارتي چونڊ وڙهندڙ عورت صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن کي شڪست ڏيئي آمريڪا جو 45 هون صدر چونڊيو، چئن سالن کان پوءِ ٿيل چونڊن ۾ جوبائيڊن، ڊونالڊ ٽرمپ کي هارائي 46 صدر چونڊيو. وري چئن سالن کان پوءِ ٽرمپ جو مقابلو ڪملا هيريس سان ٿيو. ايئن ٽرمپ ٻن عورتن صدارتي عورت اميدوارن کي هارايو. جنھن مان هڪ ڳالهه اها به واضع ٿي ته آمريڪي اڃا ڪنھن عورت صدر جي حق ۾ نه آهن. ٽرمپ بائيڊن کان هارائي کيس عھدو ڏنو ۽ هاڻ وري بائيڊن کان ئي صدارت واپس وٺندو. پنھنجي وڪٽري اسپيچ ۾ ٽرمپ چيو آهي ته هو پنھنجي اڳوڻين پاليسين کي برقرار رکندو، غير قانوني تارڪين وطن کي واپس موڪليندو ته هو قانوني طريقي سان واپس اچن. آمريڪا کي مضبوط ڪندو ۽ ان جي سرحدن جي حفاظت ڪندو ۽ هو جنگيون نه ٿو چاهي. چين بابت به تقرير ۾ پاليسي بيان ڪئي اٿس.
دنيا ۾ چين ۽ آمريڪا ٻه حريف آهن، خاص ڪري ٽريڊ جي ميدان ۾، سو ٻنھي ملڪن ۾ هلڪو ڦلڪو گوڙ شور ته جاري رهندو، چين جڏهن ’ڊبليو ٽي او‘ جو ميمبر ٿيو هو ته ٽرمپ چيو هو: ”جيڪڏهن چين کي ڊبليو ٽي. او جو ميمبر نه بنايو وڃي ها ته اهو آمريڪا ۽ مغرب جي لاءِ بھتر هجي ها.“
ٽرمپ پنھنجي پھرين صدارتي مدي دوران 2018ع ۾ چين تي پابنديون هڻي ’ٽريڊ وار‘ جي شروعات ڪئي هئي. تقرير ۾ جيڪو به چيو اٿس اهو پنھنجي جاءِ تي پر مڙس ڦڏائي آهي، سو عھدو سنڀالڻ کان پوءِ نوان ڦڏا ضرور ڪندو.
*
شام جو هڪ وڏو چڪر هنيم، واڪ به ٿي ويئي ته وندر به. هڪ سئنڊل ٽائپ چپل به وٺڻو هوم، جھڙو وشال کي پاتل هو، سو هڪ بوٽن جي دڪان تي چڙهيس ۽ هڪ چپل پسند ڪيم، چينائي دڪاندار کان اگهه پڇيم ته 35 يوان ٻڌايائين. مون 25 چيس ته کلي انڪار ڪيائين. هتي وڏن اسٽورن تي فڪس اگهن جون پرچيون لڳل آهن ۽ ٻاهران وري لکيل هوندي آهي Sale. پنج پرسنٽ کان 8 تائين وغيره. پر ٻين هنڌن تي بار گينگ هلندي آهي. واپس پھتس ته وشال سان ان سئنڊل ٽائپ چپل جي ڳالهه ڪيم ته موبائيل کولي ان جي تصوير ڏيکاريائين. ها اها ئي- گهڻيون کپن، پڇيائين، ٻه جواب ڏنم. گهرايون ٿا. ائين چئي موبائيل ۾ ڪجهه لکي ڪلڪ ڪيائين ۽ چيائين آن لائين گهرايون اٿم. ٻن ڏينھن ۾ پھچي وينديون. ڪيتري ۾ پيون پڇيم. ٻئي ڏهه يوان. زبردست… معنيٰ ته چينيءَ کان ڦرجڻ کان بچي ويس.
اڄ وشال ٻه ٻيون پينون ڏنيون. جيڪي ڏاڍيون سٺي ڪوالٽيءَ جون هيون. وشال ايتريون ته پينون وٺي ڏنيون آهن جو ٻه سال هلن ته به نه کٽن. چيومانس پشو هيترين پينن کي ڇا ڪندس، وراڻيائين ڪم اينديون، ڪجهه دوستن کي به ڏج. پينون کولي ڏٺيوسين ته ان مان هڪ ڀڳل هئي. جنھن تي چيومانس ’پئسا ئي پاڻي ۾.‘ ’نه… ڪمپلين ڪريون ٿا.‘ ان مھل ئي پين جو فوٽو ڪڍي ڪجهه لکي موڪليائين. ٿوري دير ۾ جواب اچي ويو ته معذرت ٿا ڪريون. سڀاڻي اوهانکي ٻي موڪلي ٿا ڏيون. جنھن تي چيم واهه. وشال ٻڌايو ته آن لائين گهرايل شئي خراب نڪتي ۽ ڪمپلين ڪئي ته ڪمپني هڪدم ازالو ڪندي، ٻي موڪلي ڏيندي آهي. نقصان برداشت ڪندا آهن، پر پنھنجي ساک خراب ٿيڻ نه ڏيندا آهن.
اهڙا ننڍا ننڍا مشاهدا ۽ تجربا هتي جي ماحول ۽ سماج کي سمجهڻ ۾ گهڻي مدد ٿا ڏين. سوچيم، جي پاڪستان ۾ ائين ٿئي ها ته حرام ڪو ازالو ٿئي ها.
*
ھڪ ھوٽل ۾ ڊنر لاءِ وياسين. ٿوري دير کان پوءِ کشين پريان ويٺل نھايت خوبصورت ڊريس ۾ ويٺل هڪ چيني ڇوڪريءَ کي وٺي مون واري ٽيبل تي آئي. وشال ٻڌايو ته هيءَ ڇوڪري ٽريڊيشنل چيني ڊانس ڪندي آهي. وشال ساڻس منھنجو تعارف ”ماءِ پاپا‘ چئي ڪرايو. پوءِ ته سڳوري شروع ٿي ويئي. پنھنجي موبائيل ڪڍي انڊين ۽ پاڪستاني گانن تي اسٽيج تي ڪيل پنھنجي پرفارمنس ڏيکاريائين. پوءِ اتي ئي ويٺي ۽ اردو ۾ ڳائڻ لڳي.
پوءِ وري کشين ۽ پاڻ ڳائڻ لڳيون ۽ مون اهو رڪارڊ ڪري ورتو. وري مريم کي کڻي پنھنجي موبائيل اسٽينڊ ۾ فٽ ڪري ڊانس ڪرڻ لڳي. سندس نالو ’هي لي فانگ (Hi li fang) هو، جيڪو منھنجي پڇڻ تي ٻڌايائين ۽ پوءِ انگريزي ۾ منھنجي نوٽ بوڪ تي لکيائين. پوءِ گڏجي فوٽو ڪڍياسين، شڪل صورت ۾ موچاري هئي، سو دل ۾ آيم ته ساڻس گڏ هڪ فوٽو ڪڍرايان، پر وشال جي ماءُ گڏ هئي، سو نه ڪڍايم، ٻين لفظن ۾ زال کان ڊڄي ويس.

رات جا يارهن ٿيا ته هوٽل مان اٿي ٻاهر نڪتاسين ته وشال جا ٻه دوست هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر شمائيل ۽ ٻيو چيني، جنھن جو نالو ’محمد‘ هو ۽ مسلمان هو بائيڪ تي گڏجي آيا. چين ۾ مسلمانن ۾ ’محمد‘ نالو گهڻو پاپولر آهي. گوانچو ۾ جيڪو مسلم هوٽل وارو مليو هو، جتي چين ۾ پھريون ناشتو ڪيو هوسين، ان جو نالو به محمد هو. هي محمد به ڄائي ڄم مسلمان هو. ڊاڪٽر شمائيل جي شادي گهاري مان هڪ سيد ڇوڪري ڊاڪٽر مديحه سان ٿي آهي، جنھن جي پيءُ جو نالو دائم علي شاهه آهي ۽ شيرازي فئملي مان آهي. ٻڌايائين ته منھنجي سھري هڪ هزار ايڪڙ زمين ٺاهي آهي. چيومانس جي واقعي تنھنجو سھرو شيرازي فئملي مان آهي ته پوءِ هڪ هزار ايڪڙ ته ڪا ڳالهه ڪونهي. اڳ ۾ ٻئي ضلعا (جڏهن هڪ ٺٽو هو) شيرازين جي ڪنگڊم هئا. جنرل مشرفي دور ۾ ته شيرازي ٺٽي ضلع ۾ ايم ڪيو ايم هئا. اسپتال مان هڪ گوري به شيرازين جي اجازت کان سواءِ ڪنھن کي نه ملندي هئي. وشال ٻڌايو ته ڊاڪٽر شمائيل هتي ڇوڪرن جون داخلائون ڪرائيندو هو، پر پوءِ ڪيترن ئي ڇوڪرن جي داخلا جا لکين روپيا کڻي ويو. جنھن ڪري هاڻ هن جي ساک خراب ٿي ويئي آهي ۽ هاڻ وري ٻيھر هٿ پير هڻڻ جي لاءِ ميدان ۾ لٿو آهي ۽ هي شنچياني مسلمان ’محمد‘ سندس ان ڪم ۾ پارٽنر آهي. جنھن تي چيومانس ته ”هن شنچياني مسلمان کي به پاڪستاني پنجابي مسلمان جي هوا لڳي ويئي آهي.“
ڪجهه ڏينھن اڳ هڪ ٻيو همراهه ناصر هڪ چينيءَ سان گڏجي ڊنر ڪرڻ آيو. وشال سان سٺو تعلق هئس. پوءِ به ايندو رهندو آهي. ان چيني بابت وشال ٻڌايو ته هي اسان واري گوانگسي ميڊيڪل يونيورسٽي جي هڪ شعبي جو ايڊمن آهي ۽ شاگردن کي ڏاڍو تنگ ڪندو هو. خود مونکي به ڪيترائي ڀيرا تنگ ڪري پريشان ڪيائين. ناصر به ڪيترن ئي شاگردن جا لکين روپيا کائي ڀڄي ويو. جيڪي شاگرد پاڪستاني، انڊين ۽ بنگلاديشي هئا. هاڻ وري هن چينيءَ سان گڏجي هٿ پير هڻي رهيو آهي.جنھن تي وشال کي چيم چيني ۽ پاچيستاني ڦنگيو ٺڳين ۾ هڪٻئي کان گهٽ ناهن.
________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي