اُداسيءَ جي ڏينھن ۾: سچن جذبن جو اظھار
جڏهن سچا جذبا ۽ احساس فن بڻجي وڃن، تڏهن اهي رڳو ليکڪ جو احساس نه رهندا آهن؛ پر عام پڙهندڙ به ان ۾ پنهنجو ڪو وساريل ڏک، ڪا پراڻي ياد يا اڌورو خواب ۽ اڻپوري محبت جي درد کي ڳولي وٺندو آهي. ذوالفقار ڪانڌڙي جي شاعريءَ جي ڪتاب تي تبصرو

اصغر گُُگو
ذوالفقار ڪانڌڙو اسان جو ماٺيڻو، سنجيده ليکڪ آهي. سندس شخصيت ۾ نهٺائي ۽ محبت نمايان آهي۔ هُو آفيسر هوندي به اجائي وڏائيءَ کان پري, انسان دوست محبتي ۽ ڏاڍو سادو شخص ۽ فقير منش آهي۔
ذوالفقار جي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار طور سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ آهي۔ سندس ڪهاڻين جا ڪردار حقيقي هوندا آهن۔ هُن ڪهاڻين جي ڪردارن وسيلي پنهنجي دل جي ڳالھ ۽ پنهنجن ماڻهن جي ڳالھ ايمانداريءَ سان پڙهندڙن تائين پهچائي آهي۔ سندس ڪهاڻيءَ جي اڻتڪاري ۽ اسلوب الڳ آهي۔ سندس ڪهاڻي ڪتابَ ”دريءَ وٽ بيٺل ڇوڪري“ ۽ ”بند ٿيل دروازو“ پڙهندڙن ۾ گهڻي مڃتا ماڻي چڪا آهن ۽ هاڻ جڏهن هُن نظم لکيا آهن ته سندس اندر جو هڪ ٻيو جهان به پڙھندڙن جي سامهون آيو آهي۔
سندس نظمن جي ڪتاب “اداسيءَ جي ڏينهن ۾” شامل نظمن ۾ لفظن کان وڌيڪ احساس ڳالهائين ٿا. هر نظم ۾ هڪ اهڙي خاموش ڪيفيت محسوس ٿئي ٿي، جيڪا پڙهندڙ کي پنهنجي ئي اندر جي ڪنهن اڻڄاتل اداسيءَ سان وڃي ملائي ٿي.
هُو نظم” اداسيءَ جي ڏينهن ۾” لکي ٿو:
آئون سڀ ڪجه ٿي سگهيس
پر تنهنجو پرين نه ٿي سگهيس
پوءِ آئون وڇوڙي جو گيت ٿي ويس
هاڻ اداسيءَ جي ڏينهن ۾
تون مونکي جهونگاريندي آهين
الائي ڪنهن کي ساري روئي پوندي آهين۔۔
هر اڻپوري محبت جو درد هن نظم ۾ ملي ٿو۔ ذوالفقار جي ماٺيڻي طبيعت جو اثر به سندس نظمن ۾ صاف نظر اچي ٿو؛ هو گوڙ شور سان پنهنجي ڳالهه نٿو ڪري، پر آهستي، اندر تائين لهندڙ لهجي ۾ پنهنجي احساس کي اظهاري ٿو.
نظم ”هڪ ننڍڙي آتم ڪٿا“۾ لکي ٿو:
۔۔۔چمچاگيري جي هنر کان به اڻ واقف رهيس
سڀ چون ٿا
سڀ ماڻهو ڪيڏي اوچائي تي چڙهي ويا
۽ تون هيٺ زمين تي رهئين
مڃان ٿو يارو
ايماندار ناهيان
پر بي ايمان به ته ناهيان۔۔
ڇا ته سادن لفظن ۾ سچن جذبن سان اندر اوري ڇڏيو اٿس۔۔
يا سندس نظم دريافت۔۔۔۔۔
تون
مون ۾
پاڻ کي ڳولي آئي هئينء
پاڻ کي مون ۾ دريافت ڪري
مونکي پاڻ کان ئي وڃائي ڇڏيئي
هاڻي آئون پاڻ ۾ موجود ناهيان۔۔
پاڻ وڃائي ويهڻ جو ڏک به عجيب هوندو آهي. سڀني اڳيان هوندي به پاڻ نه لڀجي سگهي، ان درد کي هر ڪو نٿو سمجهي سگهي۔
ڪهاڻيڪار هجڻ ڪري سندس نظم ۾ به رڳو جذبات جو اظهار ناهي ڪيو ويو پر انهن ۾ منظر، ڪيفيت، ياد، انتظار ۽ انساني رشتن جا پاڇا به نظر اچن ٿا. اداسي هتي رڳو ڏک ناهي، پر هڪ اهڙو تجربو آهي، جيڪو انسان کي پاڻ سان روبرو ڪري ٿو.
ذوالفقار جا هي احساساتي نظم شايد سندس شاعريءَ جو ڪو دعويدار تعارف نه هجن، پر اهي سندس اندر جي سچائيءَ جا گواهه ضرور آهن. ڪڏهن ڪڏهن انسان سڀ کان خوبصورت لفظ تڏهن لکندو آهي، جڏهن سندس چوڌاري خاموشي هجي ۽ اندر ۾ گهڻو ڪجهه ڳالهائي رهيو هجي. تڏهن جيڪو ڪجه تخليق ٿيندو آهي سو شاهڪار هوندو آهي۔ ذوالفقار جو هيءُ ڪتاب ۽ ان ۾ شامل خيال دل ۾ لهي وڃن ٿا۔
*خوابن جي خودڪشي
*اڌوري آتم ڪٿا
*هن جي منهنجي ڪهاڻي
*ننڊ
*اداس ماڻهن لاء نظم
۽ ٻيا ڪيترا نظم جن کي پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته ذوالفقار پنهنجي اداسيءَ کي رڳو برداشت نه ڪيو، پر ان کي لفظن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي ۽ هو جيڪو ڪجه ڪهاڻي ۾ نه چئي سگهيو سو هن هنن نظمن ۾ چئي ڇڏيو آهي۔ جڏهن سچا جذبا ۽ احساس فن بڻجي وڃن، تڏهن اهي رڳو ليکڪ جو احساس نه رهندا آهن؛ پر عام پڙهندڙ به ان ۾ پنهنجو ڪو وساريل ڏک، ڪا پراڻي ياد يا اڌورو خواب ۽ اڻپوري محبت جي درد کي ڳولي وٺندو آهي. هي ڪتاب هڪ حساس دل رکندڙ ماٺيڻي ۽ محبوب ماڻهوءَ جي سچن جذبن جو اظهار آهي جيڪو هر حساس دل پڙهندڙ کي وڻندو۔
_______

اصغر گگو، دڙو شھر



