Editor's pickMain Slideدنياڪالم

يوگنڊا ياترا: ڳالھيون اوڀر آفريقي مُلڪ جي ڳوٺن، ٻيلن، سياست ۽ سياحت جون  

يورپ وانگر دڪان گهڻي قدر مايون ٿيون هلائن، ٻيو ته دنيا جي گهڻن ملڪن وانگر اتي هفتي واري موڪل آچر نه پر جمعو آهي. هندستاني به گهڻي وقت کان اتي رهائش پذير آهن. ھتان جا ماڻهو پهرين ملاقات ۾ ذاتي سوال ڪرڻ ۽ ان جو جواب ڏيڻ کان نٿا لهرائين يا ٻارن جا فوٽو اجازت وٺڻ کان سواءِ ڪڍجن ته به ان تي ڪنهن به قسم جي ڪاوڙ نٿا ڪن

بلوچ صحبت عليءَ جي سفرنامي ”يوگنڊا ياترا“ جو جائزو، جنھن ۾ اتان جي جاگرافي، تاريخ، معيشت، سياحت، سياست، زراعت، ڍنڍن، مذهبن، ميون، حڪمرانن، اميگريشن، مختلف ٻولين، مختلف گروهن جي پاڻ ۾ ويڙهه ، ڦورن، موالين کان بچڻ جي اُپائن، مقامي کاڌن، موٽر سائيڪلن وارين ٽيڪسين، گهاٽن ٻيلن، نيل درياهه جي شروع ٿيڻ واري جاءِ، نباتاتي باغ ، قومي پارڪن، آفريقي آدمخورن ۽ ٻين انيڪ موضوعن بابت گهڻي ڄاڻ ڏنل آهي.

عبداللہ عثمان مورائي

بلوچ صحبت علي صاحب جو خط استوا يعني ايڪوئيٽر تي موجود ملڪ يوگنڊا جو سفرنامو “يوگنڊا ياترا” مون اڳيان رکيو آهي. سچ پچ ته پڙهڻ کان اڳ ئي تمام گهڻي خوشي، تجسس ۽ جوش جاڳي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته مان پاڻ به ان سفرنامي کي پڙهڻ جي وسيلي اوڀر آفريڪا جو موتي سڏجندڙ اهو ملڪ گهمندس.

يوگنڊا ٻُڌل تہ گھڻو هو پر منهنجو گهڻو خيال تڏهن ويو جڏهن اتان جو هڪ ڪينگي نالي يوگنڊين هڪ بين الاقوامي اداري گلوبل واٽر پارٽنرشپ ۾ منهنجو دوست هو، جيڪو پوءِ اسٽاڪهولم مان کٽمنڊو نيپال يونيسيف ۾ ڪم ڪرڻ لاء ويو هو. سندس مطابق ته سندن ملڪ يعني يوگنڊا خط استوا تي هجڻ ڪري اتي موسم تقريبن هڪ جهڙي هوندي آهي، جنهن ڪري ماڻهو گهڻي قدر اتي موسم جي باري ۾ ڳالهائيندا ئي ناهن.

Gemini_Generated_Image_Uganda-TheAsiaN

سفر ڪرڻ منهنجو پنهنجو به شوق کان وڌيڪ عشق آهي ۽ اهو عشق جنهن کي لڳو ته پوء اهو ان مان ٻاهر نڪري نه سگهندو ۽ نڪرڻ به نه گهرجي. منهنجي خيال ۾ اهو عشق انسان کي هميشه جوان رکندو.

بلوچ صحبت علي جي ڳالهه وانگر ته پنهنجي پاڻ کي رولاڪين جي ايئن ور ڪري ڇڏيوسين ڄڻ ڪو پن پاڻي جي وهڪري تي ترندو وتندو هجي. پاڪستان ۾ ٽرڪن تي پنجابيءَ ۾ هڪ مزي واري ڳالهه لکيل هوندي آهي ته “رل تي گيان هان پر چس آگئي هي”، سو ها ان رولاڪين ۾ وڏو چسُ ۽ وڏو مزو آهي، پوءِ ڀلي اهي رولاڪيون دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ئي ڇونه هجن. هاڻي سوچجي ته روزاني واري بيزار ڪندڙ زندگي کي خدا حافظ چئي دادو، لاڙڪاڻي, گهوٽڪي، ميرپورخاص، ٿر، ڪوهستان, ڪراچيءَ يا موري مان نڪري وڃي يوگنڊا جي وڪٽوريا ڍنڍ تي پهچجي ته دلي سڪون ته ملندو نه.

مرحوم ڊاڪٽر محمد لائق زرداري صاحب چوندو هو ته بابا جاڏي به گهمڻ ڦرڻ وڃو ته ان کي قلم بند ڪري تاريخ جو حصو ڪري ڇڏيو.

جتي سفرنامي جو ذڪر هجي ۽ الطاف شيخ صاحب جو ذڪر نه نڪري ته اها وڏي زيادتي ٿيندي، سائين الطاف شيخ سفرنامن جي حوالي سان هڪ ڪمال جي ڳالهه ڪئي ته بابا اسان کي پنهنجن ماڻهن جا لکيل سفرناما ان ڪري پڙهڻ گهرجن، ڇو ته انهن جو تجربو اسان کي وڌيڪ ڪم ايندو بنسبت انهن جي جيڪي اسان مان ناهن. مثال طور جيڪڏهن هڪ انگريز، عرب يا فرينچ جيڪڏهن ڪو ملڪ گهمڻ ويندو ته اتان جي مقامي ماڻهن جو رويو ان سان، اسان جي بنسبت ٻيو هوندو، ته ان جو مطلب ته ان جي لکيل سفرنامي کي پڙهي لطف اندوز ته ٿي سگهجي ٿو پر جڏهن ماڻهو پاڻ انهن ديسن ڏانهن وڃي ته اسان کي پنهنجن ماڻهن جو اتي ڪيل تجربو وڌيڪ ڪم ايندو. مقامي ماڻهن جا رويا اسان جهڙن ماڻهن سان ڪهڙا هئا، انهن بابت پڙهبو ته اهي ڪم ايندا. بلوچ صحبت علي کي جس هجي جنهن يوگنڊا جو سفرنامو لکي ان کي تاريخ جو حصو ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ يوگنڊا ويندڙ دوستن لاء هڪ قسم جو سياحتي سونهون ڇڏيو آهي. 

مختيار سمون، جنيد ڏهر، پرتاب شيواڻي، محمود پتوجو ۽ هن سفرنامي جي ليکڪ بلوچ صحبت علي جي گڏجي ڪيل هن يوگنڊا جي سفرنامي ۾ اها صلاح ڏنل آهي ته توڙي جو پاڪستاني پاسپورٽ تي يوگنڊا جي ويزا اتي پهچي به وٺي سگهجي ٿي پر سٺو آهي ته ماڻهو هروڀرو جي خفي کان بچي اڳواٽ ئي آن لائين اها وٺي ڇڏي. ٻي اهم ڳالهه ته ييلو فيور جي باري ۾ پڻ صلاح ڏنل آهي ته ان جو ٽڪو لڳرائڻ پڻ ضروري آهي.

سفر جو مزو تڏهن کان شروع ٿي ويندو آهي جڏهن کان پاڻ سفر جي تياري شروع ڪندا آهيون ۽ ان ڏينهن جڏهن روانگي هوندي آهي ته دوستن کي فونون ڪرڻ ته ڪٿي آهيو، يا اسان ميهڙ ڪراس ڪري آيا آهيون، دادو باءِ پاس تي پهچو ته اوهان کي کڻون ٿا، ڪراچي هوائي اڏي تائين جو سفر، ايف آئي اي وارن جون فنڪاريون، صبر، برداشت، چئلينجز، سفر جي ساٿين جا رويا، سندن کونگهرا ۽ ننڊ ۾ ڳالهائڻ، کلڻي عورت سلما جي مهمانوازي ۽ سندس سڀني جي  اڳيان شاپنگ مال ۾ جنيد ڏهر کي ڀاڪر پائڻ لاء چوڻ، مختلف قسم جا وسوسا ، اتي رهندي پسند نا پسند، حال يعني ريئل وقت ۾ فيصلا ڪرڻ ته هن هوٽل ۾ رهڻو آهي يا ناهي رهڻو، اهي سڀ ڳالهيون اتساهيندڙ، کلائيندڙ، مزي واريون ۽ سکڻ لائق هونديون آهن.

هن سفرنامي ۾ يوگنڊا جي وڏن ۽ ڊگهن سفرن جا قصا، اتان جي جاگرافي، تاريخ، معيشت، سياحت، سياست، زراعت، ڍنڍن، مذهبن، ميون، جانورن ۽ وحشي جانورن، حڪمرانن، اتان جي اميگريشن، مختلف ٻولين، مختلف گروهن جي پاڻ ۾ ويڙهه ، ڦورن، موالين کان محتاط رھڻ ۽ انهن کان حفاظت جي اپائن، مقامي کاڌن، مقامي موٽر سائيڪلن وارين ٽيڪسين، بجلي جي سُئچن، عمارتن جن ۾ اسٽيٽ لائيف، سپريم، هاء ڪورٽ، مندرن، مسجدن، گرجا گهر ، عجائب گهر، لائبريري، آرٽ ۽ ڪرافٽ مارڪيٽ، وڪٽوريا مال ، ڪنگ پئليس، جهنگلي جيوت جي تعليم جي عجائب گھر، گهاٽن ٻيلن، نيل درياهه جي شروع ٿيڻ واري جاءِ، نباتاتي باغ ، نيشنل پارڪن، آزادي واري يادگار , آفريقي آدمخورن، بگهڙن ۽ ڪتن جي اوناڙ ، مڇرن جي پٽڻ ۽ چڪن، بابت گهڻي ڄاڻ آهي.

هڪ بهترين ڳالهه اها به پڙهڻ لاء ملي ٿي ته ڪنهن به شئي جي جيڪڏهن گهرج آهي ته پڇجي، جيئن دوستن بهائي مذهب جي مندر ۾ اندر وڃڻ لاء پڇا ڪئي، سو پڇڻ ۾ ڪو هرج ناهي هوندو يا همٿ ڪري يونيورسٽي جي وي سي صاحب سان ملڻ جي خواهش ڪرڻ به هڪ سٺي ڳالهه محسوس ٿئي ٿي. سفرنامي ۾ ڪٿي ڪٿي ڀٽائي سائين ۽ استاد بخاري جي شاعري کي پڻ ان موقعي ۽ مناسبت جي حوالي سان سمجهڻ ۾ مزو اچي ٿو.

مزي واري ڳالهه ته هن سفرنامي مان اها به ڄاڻ ملي ٿي ته اتي يورپ وانگر دڪان گهڻي قدر مايون ٿيون هلائن، ٻيو ته دنيا جي گهڻن ملڪن وانگر اتي هفتي واري موڪل آچر نه پر جمعو آهي. هندستاني به گهڻي وقت کان اتي رهائش پذير آهن.

هن سفرنامي کي پڙهڻ کان پوء ٻي جيڪا ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ اچي ٿي ته يورپ جي بنسبت شايد يوگنڊا ۾ ماڻهو پهرين ملاقات ۾ ذاتي سوال ڪرڻ ۽ ان جو جواب ڏيڻ کان نٿا لهرائين يا ٻارن جا فوٽو اجازت وٺڻ کان سواءِ ڪڍجن ته به ان تي ڪنهن به قسم جي ڪاوڙ نٿا ڪن. ٻيو ته اتي ديسي کاڌن ۽ ريسٽورنٽس جي باري ۾ چڱي معلومات ڏنل آهي جيڪا پڪ سان مستقبل ۾ اوڏانهن ويندڙن لاء  گهڻي ڪارائتي ثابت ٿيندي.

سنڌ جي سڄڻ سائين اياز لطيف پليجو صاحب کي ارپيل هي يوگنڊا جو سفرنامو صاف ۽ سولي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، جنهن سان لڳي ٿو ته پڙهڻ وارو پاڻ به اتي موجود آهي. سفرنامو پڙهندي مون کي اهو احساس شدت سان ٿيو ته جيڪر مان به انهن سان انهيءَ سفر ۾ گڏ هجان هان ته ڀلو ٿئي ها. اتان جي سهڻن ڳوٺن ۽ ٻهراڙين بابت احوال پڙهي دل صفا چري ٿي وڃي ٿي ۽ سوچجي ٿو ته هڪدم يوگنڊا جو سفر ڪجي. گهمندا رهو، شين کي قلم بند ڪري سانڍيندا وڃو، اها پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجن ماڻهن جي ڪنهن حد تائين خدمت ئي آهي. ڳالهه وڻي واري قصي ۽ تڪئي ڪلام وانگر ته، ها بلڪل ڳالهه وڻي، هي سفرنامو پڙهي ڳالهه بلڪل وڻي.

______________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.    soomro.sweden@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button