ھندستان جي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات علائقن ۾ سنڌي قبيلا
راجپوت، جاڙيجا، چوڙاسمان ۽ پرمار سنڌ مان لڏي آيا. فوربس جي ”راس مالا“ موجب، اٽڪل روءِ 2000 سال اڳ ڏڪر سبب، سوڍا پرمار پارڪر مان لڏي ڪاٺياواڙ ۾ اچي آباد ٿيا
(ھن آرٽيڪل ۾ مختلف مختلف قبيلن، ذاتين ۽ برادرين جي آباديءَ جا انگ اکر مُني صديءَ کان بہ گھڻو اڳ جا آھن ڇو تہ ھي آرٽيڪل ورھاڱي کان اڳ جو لکيل آھي. ھاڻي انھن قبيلن جي آبادي گھڻو وڌي چُڪي ھوندي)
تحقيق: بي.ڊي. ميرچنداڻي
ترجمو: غلام محمد لاکو
(بي.ڊي.ميرچنداڻي، انڊين سِول سروس ۾ آفيسر ٿي رهيو. ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ويو، جتي هن چوهتر سالن جي ڄمار ۾ 1- ڊسمبر 1980ع تي وفات ڪئي. مير چنداڻي، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي جرنل لاءِ ڪيئي مضمون لکيا. هن هندستان جي اڪثر نامور رسالن ۾ پڻ مقالا لکيا. هن جون اڪثر لکتون سنڌ جي تاريخ سان تعلق رکن ٿيون. سندس وفات کان پوءِ هن جي ڀيڻ مسز سرسوتي گلراجاڻي، مير چنداڻي صاحب جي انگريزي مضمونن جو هڪ ڪتاب: ”گلمپسز آف اينشنٽ سنڌ“ نالي سان ڇپايو. هي مضمون سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي جرنل آڪٽوبر 1945ع (جلد ستون، حصو چوٿون) ۾ ڇپيو هو. مضمون مختصر مگر معلوماتي آهي، ان ڪري ان جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو.)

شايد ئي هندستان جي ٻئي ڪنهن به حصي، ذات يا برادري سرشتي کي برجستگيءَ سان محفوظ ڪيو آهي، جيترو ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ ٿيو آهي. گجرات ۾ اهڙين ذاتين جو انگ 300 کان به مٿي آهي، جي يا ته هڪ ٻئي سان کائيندا نه آهن، يا وري پاڻ ۾ شاديون نه ڪندا آهن. پر جي ذاتين جي پاڻ ۾ وڌيڪ تقسيم کي نظر ۾ رکجي، اهي پاڻ ۾ گڏ کائيندا به هجن، پر اهي پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون نه ٿا ڪن ته، پوءِ ته تعداد اڃا به وڌي ويندو. هن صورت حال جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا. نين آبادين جي صورت ۾ نيون ذاتيون وجود ۾ اچي رهيون آهن، ان جو وڏو سبب هڪ غير هندو ٻاهران ايندڙ ۽ ٻيو اصلي قبيلن (اصل رهاڪن) جو برهمڻي تهه ۾ ڇپيل هجڻ آهي. جڏهن هڪ نئين برادري برهمڻ ازم کي قبول ڪري ٿي، تڏهن ان کي اڳ موجود برداري پاڻ ۾ جذب نه ٿي ڪري، پر پاڻ مرادو اها هڪ ذات جي صورت وٺي ٿي ۽ ڪڏهن ته اهي ڪيئي ذاتين ۾ تقسيم ٿي وڃن ٿا. ايئن ٿيڻ جو پس منظر يا ته ذات برادري آهي يا وري وڻج واپار. اهي ذاتيون ڪجهه وقت کان پوءِ پاڻ ۾ ميل ملاقات به ختم ڪري ڇڏين ٿيون. لڏپلاڻ به ذاتين جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اتر هندستان کان گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ طرف لڳاتار لڏپلاڻ به اهم عنصر آهي. خاص ڪري مارواڙ، سنڌ ۽ هندستان جي ٻين علائقن کان به ماڻهو هن طرف اچن ٿا. هن مضمون ۾ منهنجو مقصد اهڙين ذاتين ۽ قبيلن بابت گفتگو ڪرڻ آهي، جي سنڌ مان اچي هتي آباد ٿيا آهن.
برهمڻن جي ڪيئي ذاتين مان صرف سر سوت (سارسوت) جي سنڌ ۾ به ملن ٿا، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پنجاب مان سنڌ کان ٿيندا گجرات پهتا آهن. هن ذات جو نالو وڃايل سرسوتي درياه مان اخذ ڪيل آهي. پنجاب ۾ هنن جي اڪثريت آهي، جتي برهمڻن ۾ انهن جي پهرين حيثيت آهي. سندن خانداني ديوتا سرسوتي آهي، جو پنجاب ۾ انهن جي عبادت جو مکيه مرڪز آهي. ڏسجي ٿو ته انهن جا سرپرست لوهاڻا ۽ کتري پنجاب ڇڏي، ڏکڻ طرف وڌيا تڏهن سرسوت به هن طرف لڏي آيا.
راجپوت، جاڙيجا، چوڙاسمان ۽ پرمار سنڌ مان لڏي آيا. فوربس جي ”راس مالا“ موجب، اٽڪل روءِ 2000 سال اڳ ڏڪر سبب، سوڍا پرمار پارڪر مان لڏي ڪاٺياواڙ ۾ اچي آباد ٿيا. ماهي ڪنٺا وٽ اڄ به پرمارن جون ٻه سرداريون دنت (دانت) ۽ سڌاشڻ (سوداسنا) قائم آهن. اهي 1050ع ڌاري ٺٽي مان مسلمانن جي دَٻاءَ سبب نڪتا هئا. ڪڇ جا پرمار، پرمارن جي ننڍي ذات سوڍا، ڏسجي ٿو ته اهي پڻ سنڌ مان آيا هئا. اهي گهڻو ڪري اتر ڪڇ ۾ آباد آهن ۽ ڪي رڻ ڪڇ جي ٻيٽ ۾ به رهن ٿا. انهن مان ٿورا هاري ۽ اڪثر ڌنار آهن. انهن جو ڪڇ سان وڏو تعلق، مکيه جاڙيجا ۽ مسلمان ذاتين سان، پنهنجين نياڻين جي شاديءَ جي ذريعي جڙيل آهي. سوڍن جون ڇوڪريون ڏاڍيون خوبصورت ۽ گهر ڌڃاڻيون آهن.
سمان راجپوتن ۾ جاڙيجا مکيه هندو جاتي آهن. سمن راجپوتن سنڌ تي راڄ ڪيو، جن ڪيئي ڀيرا سومرن ۽ سرائي مهدوين جي ظلمن کان بچڻ لاءِ لڏپلاڻ ڪئي. هن ذات جا حڪمران خاندان ڪڇ، نواننگر، گوندل، ڌرول، راج ڪوٽ، ۽ ڪاٺياواڙ ۾ ماروي ماڳن سان تعلق رکن ٿا. سندن روايتن موجب ڪڇ جي سمن 1350ع ڌاري جاڙيجا لقب ان ڪري اختيار ڪيو، ڇو ته ٺٽي جي ڄام جاڙيجي کي ”لاکو“ نالي سان پٽ هو. چوڙا سمان، اصل ۾ سمان قبيلي جي شاخ آهن. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهي ڏهين صدي عيسويءَ ڌاري، ڪڇ مان لڏي اچي ڪاٺياواڙ ۾ آباد ٿيا.
کتري وڏي تعداد ۾ ڪپڙي اڻڻ سان وابسته آهن. اهي وڏي پيماني تي سورت ۽ احمد آباد ۾ رهن ٿا ۽ انهن جو تعداد پنجاهه هزار کان مٿي آهي. اهي نسلي طرح برهمڻ کتري هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. انهن سورهين ۽ سترهين صديءَ ۾ سنڌ مان گجرات طرف لڏپلاڻ ڪئي. ڇو ته اتي يورپين پاران انهن جي ٺاهيل ڪپڙي جي گهڻي طلب هئي. ايسٽ انڊيا ڪمپني پاران سنڌ ۽ گجرات مان وڏي مقدار ۾ سوٽي ڪپڙو خريد ڪيو پي ويو. ڪپڙي جي خريداري مستقل جاري رکڻ لاءِ، ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺٽي ۾ پنهنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي هئي. کترين جو سنڌ واسي هجڻ جو وڏو ثبوت هي آهي ته، انهن جو ديوي مندر ”هنگلاج“ لس ٻيلي ۾ يعني سنڌ جي اولاهين سرحد تي قائم آهي.
ڪاٺيا، جن جو تعداد 3000 ٿيندو، اهي هڪ اندازي موجب مرڪزي ايشيا جي رولو قبيلن مان هڪ آهن(1). مسلمانن جي لڳاتار حملن سبب اهي، لاڙ واري علائقي ڏي لڏي آيا. انهن جي سنڌ ۾ ڪا مستقل آبادي (بستي) نه رهي. ڪرنل والڪر موجب انهن پاڻ کي سنڌ ۽ ڪڇ جي ٿر واري علائقي ۾ محدود رکيو هو. فوربس جي ”راس مالا“ موجب ڪاٺيا، اصل ۾ سنڌ جي سومرن حاڪمن جا نائب هئا. سومرا جڏهن انهن کان ناراض ٿيا، تڏهن انهن جي نيڪاليءَ جو حڪم ڏنائون. تسليم ڪيو ٿو وڃي ته 1400ع ڌاري اهي اڃا به ڏکڻ ڏي يعني ڪاٺياواڙ ڏي هليا ويا. ڪرنل جي. ڊبليو. واٽسن موجب اشوريا جي ڪتبي موجب کٽي ۽ توريت موجب هٽيز (هٽي) آهن
سنگهار، مسلمان توڙي هندو، 500 جي تعداد ۾ ٿيندا ۽ اهي ڪڇ جي نارجي سامونڊي ڪنارن سان رهن ٿا. اهي نوان ننگر رياست جي ڪجهه ننڍن شهرن ۾ به موجود آهن. اهي سنڌي راجپوت تسليم ڪيا وڃن ٿا. جي جاڙيجن سان ڪڇ ڏي ويا هئا. صدين تائين انهن جو ڌنڌو هندستان جي اتر- اولهه ڪنارن (سامونڊي) ۾ ڦرلٽ هو. اوڻيهين صديءَ جي اچڻ بعد انهن جي ڦرلٽ واري ڌندي کي ڪچليو ويو هو. مون اڳ ۾ ئي هڪ مضمون (جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي) ۾ سنگهارن جي ڦرلٽ جهڙين سرگرمين تي تفصيل سان لکيو آهي.
لوهاڻا، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ آباد آهن. اصل ۾ راٺوڙ راجپوت، جن کي پنجاب جي مسلمانن ڊوڙائي سنڌ طرف ڌڪي ڇڏيو. تيرهين صدي عيسويءَ کان پوءِ انهن ڪڇ طرف رخ ڪيو. انهن جو خانداني ”ديوتا“ سرسوت برهمڻ آهن. هڪ بيان موجب ملتان جي ڀر ۾ لوهن پوريا لوهاڪوٽ جي نسبت سان، اهي لوهاڻا سڏجڻ ۾ آيا. ٻي روايت موجب اهي ”لوهاڻا“ ته سنڌ تي مسلمان حملن کان به اڳ موجود هئا. ڪتاب ”چچ نامه“ موجب چچ جي دور ۾، برهمڻ آباد جو گورنر اگهم لوهاڻو هو. ڪڇ جا ڪجهه لوهاڻا مسلمان ٿي ميمڻ بنجي ويا. عالمن ۾ لوهاڻن جي اصل وطن تي گهڻو بحث هلندڙ آهي. شايد انهن جو اصل وطن افغانستان هجي.
ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ موجود ”ڀنسالي“ به، ڏسجي ٿو ته سنڌ مان آيا هئا. انهن جو خانداني پوڄا مرڪز ”سوسوته“ ۽ لس ٻيلي بلوچستان ۾ سندن خانداني ”ديوتا“ هنگلاج ماتا آهي.
ڀاٽيه، گهڻو ڪري ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ آهن. انهن مان اڪثر بمبئي لڏي ويا آهن، جتي جي ڪاروباري زندگيءَ ۾ انهن جو اهم ڪردار آهي. ڀٽي راجپوت هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. اهي ڀٽي يا ڀاٽيه جيسلمير ۾ حاڪم هجڻ واري ذات سان تعلق رکن ٿا. پر مسلمان ڀٽي: ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. سنڌ ۾ اهي شڪارپور سان تعلق رکندڙ گهڻو مشهور واپاري آهن. ڀاٽيه اصل ۾ پنجاب جا آهن. محمود غزنويءَ جي ڪاهن وقت، ڀاٽيا يا وري جهلم جي کاٻي ڪناري تي ڀيره وٽ، ڀاٽين جي مضبوط حڪومت هئي. شايد انهن حملن وقت ڀاٽين ڀڄي اچي ڏکڻ ۾ سنڌ، ۽ ٿر ۾ پناهه ورتي. سنڌ مان ئي اهي لڏي اچي ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ آباد ٿيا.
____________




God knowledge