Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ٽول ٽيڪس جي نالي ۾ ڦُُرلُٽ: رستا تباھ، بااثر ماڻھن کي ڇُوٽ، عام ماڻھن تي عذاب

سنڌ ۾ هر قومي ۽ صوبائي شاهراهه تي ٿوري ٿوري پنڌ تي ٽول پلازا آهن پر روڊن جي حالت انتهائي خراب آهي. ٽيڪس جو اصل بار عام ماڻهو کڻي ٿو. قانون ۽ پاليسيون ٺاهيندڙ بااثر ماڻھو انهن ئي پاليسين کان آزاد هوندا آهن.

سويڊن ۾ ھرھنڌ ٽول پلازا ناھن. اتي هفتي جي موڪلن، سرڪاري موڪلن توڙي موڪل کان اڳ واري ڏينهن تي به ٽول ٽيڪس لاڳو نٿو ٿئي. شام جو ڇھين کا صبح جو چھين وڳي دوران بہ ٽول ٽيڪس نه ٿو ورتو وڃي.

عبدالله عثمان مورائي

ڪجهه مهينا اڳ مون سويڊن جي اترين علائقن ڏانهن لڳ ڀڳ ڇهه سئو ڪلوميٽرن جو سفر ڪيو. هن ڊگهي سفر دوران مون رڳو ٻه ڀيرا ٽول ٽيڪس ادا ڪيو. هڪ ڀيرو اسٽاڪهولم مان نڪرندي ۽ ٻيو ڀيرو سُندسوال پل تي. سويڊن ۾ هن کي انفراسٽرڪچر ٽيڪس چيو وڃي ٿو. رقم ايتري معمولي هئي جو جيڪڏهن ان کي پاڪستاني رپين ۾ حساب ڪجي ته ست سئو رپين کان به گهٽ بيهندي.

پر اصل ڳالهه رقم نه هئي، اصل ڳالهه ھُئي نظام جي. نه هر هر ٽول پلازا نه هر ڪجهه ڪلوميٽرن کان پوءِ ادائيگي ۽ نه ئي مسافرن لاءِ ذهني پريشاني. ٽيڪس خودڪار هو، شفاف هو، ۽ سڀني لاءِ برابر هو. ماڻهو ڄاڻن ٿا ته ڪٿي، ڪڏهن ۽ ڇو ٽيڪس ڏنو پيو وڃي.

جڏهن مان تازو ئي پاڪستان، خاص طور تي سنڌ آيو هوس ته صورتحال بلڪل ابتڙ نظر آئي. هتي هر قومي ۽ صوبائي شاهراهه تي ٽول پلازا موجود آهن. حيدرآباد کان سکر، ڪراچي کان ٺٽو يا سکر کان لاڙڪاڻو، هر رستي تي هر هر ٽول. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته انهن ٽولن جي باوجود روڊن جي حالت انتهائي خراب آهي،  کوٽيل رستا، ڀڳل پُليون، پاڻيءَ سان ڀريل رستي جا کڏا، رستي ۾ ڏامر رجي ۽ ان جا پٽا ٺهيل ۽ هر وقت حادثن جو خطرو.

سوال اهو ناهي ته ٽيڪس ڇو ورتو وڃي ٿو. اصل سوال اهو آهي ته ٽيڪس ڪير ڏئي ٿو ۽ فائدو ڪير وٺي ٿو؟

سنڌ ۾ ٽيڪس جو اصل بار عام ماڻهو کڻي ٿو. موٽر سائيڪل سوار، ننڍي گاڏي وارو يا مزدور، سڀ ٽول ادا ڪن ٿا. پر بااثر ۽ طاقتور ماڻهو جيڪي قانون ۽ پاليسيون ٺاهين ٿا اڪثر انهن ئي پاليسين کان پاڻ آزاد هوندا آهن. جيستائين ٽيڪس خودڪار نظام سان ڳنڍيل نه هجي تيستائين ڪيترن لاءِ ٽيڪس فرض نه پر اختيار بڻجي وڃي ٿو.

اهڙي صورتحال ۾ قانون جي اخلاقي حيثيت ختم ٿي وڃي ٿي. ضابطا غريبن لاءِ ٺاهيا وڃن ٿا ۽ طاقتور ماڻهو انهن کي پاڻ ئي ٽوڙين ٿا. نتيجي ۾ ٽيڪس سماجي ذميواري بدران زبردستي محسوس ٿئي ٿو ۽ رياست ۽ شهري جي وچ ۾ اعتماد جو رشتو ڪمزور ٿي وڃي ٿو.

ٽول ٽيڪس جو اثر رڳو ذاتي گاڏين تائين محدود نه آهي. سامان کڻندڙ ٽرڪون جيڪي اٽو، ڀاڄيون، کاڄرو تيل، پئٽرول، ڊيزل، دوائون ۽ روزمرهه جون ٻيون ڪيتريون ئي ضرورتن جون شيون کڻي هلن ٿيون، هر ٽول پلازا تي ادائيگي ڪن ٿيون. انهن اضافي خرچن جو بار آخرڪار عام انسان تي پوي ٿو. نتيجو اهو نڪري ٿو ته مارڪيٽ ۾ مهانگائي وڌي ٿي ۽ غريب ماڻهوءَ لاءِ جيئڻ وڌيڪ ڏکيو بڻجي ٿو.

ان جي ابتڙ سويڊن ۾ ٽيڪس جو تصور انساني ضرورتن سان جڙيل آهي. اتي هفتي جي موڪلن تي ٽول ناهي هوندو، سرڪاري موڪلن (Red Days) تي ٽول ناهي ۽ موڪل کان اڳ واري ڏينهن تي به ٽيڪس لاڳو نٿو ٿئي. ان کانسواء صبح ڇهين وڳي کان اڳ ۽ شام ساڍي ڇهين کان پوءِ به ٽول ٽيڪس نه ٿو ورتو وڃي. رياست ماڻهن جي وقت، سفر ۽ زندگيءَ جو خيال رکي ٿي.

سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته سويڊن ۾ ماڻهن کي صاف نظر اچي ٿو ته سندن ٽيڪس ڪٿي خرچ ٿي رهيو آهي مٿال طور سٺا رستا، محفوظ سفر، ۽ منظم انفراسٽرڪچر. اتي ٽيڪس هڪ ذميواري محسوس ٿئي ٿو، نه ڪي سزا.

جيستائين سنڌ ۽ پاڪستان ۾ قانون ٺاهيندڙ پاڻ قانون جي تابع نه ٿيندا تيستائين ٽول پلازا ترقي جي علامت نه پر ناانصافيءَ جي نشاني رهندا. منصفاڻو نظام اهو ناهي جنهن ۾ غريب ادا ڪري ۽ امير بچي وڃي، پر اهو ان ۾ آهي جنهن ۾ سڀني لاءِ ساڳيا قانون لاڳو ٿين.

ڇو ته رستا ماڻهن کي ملائڻ لاءِ هوندا آهن نه ڪي کين طاقتور ۽ ڪمزور طبقن ۾ ورهائڻ لاءِ.

_____________________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button