Editor's pickMain Slideاولھ ايشياڪالم

عرب امارات تي ڊرون ۽ ميزائل حملن ۾ مارجي ويلن ۾ پرڏيهي پورهيت شامل

ايراني ميزائل ۽ ڊرون حملن ۾ ڇهه پرڏيهي شهري مارجي ويا آهن، جن ۾ ٽي پاڪستاني، هڪ فلسطيني، هڪ بنگلاديشي ۽ هڪ نيپالي شامل آهن

حملي ۾ فوت ٿي ويل آلاءِ جي والد کي ماڻھو آٿت ڏئي رھيا آھن

حبيب تومي

مانامه: گڏيل عرب امارات (UAE) تي ايراني ميزائل ۽ ڊرون حملن ۾ ڇهه پرڏيهي شهري مارجي ويا آهن، جن ۾ ٽي پاڪستاني، هڪ فلسطيني، هڪ بنگلاديشي ۽ هڪ نيپالي شامل آهن. اهي حملا وڌندڙ تڪرار ۾ شهرين جي جاني نقصان جي نشاندهي ڪن ٿا.

مارجي ويلن جي سڃاڻپ مريب زمان نزار، مظفر علي غلام، ۽ اسماعيل سليم خان (پاڪستان)، آلاءِ نادر عوني (فلسطين)، صالح احمد علي (بنگلاديش) ۽ ديباس شريسٿا (نيپال) جي نالن سان ٿي آهي.

مريب زمان نزار، جنهن جي عمر 44 سال هئي، 28 فيبروري تي ابوظهبي ۾ ميزائل جو ملبو ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو. هو اصل ۾ پاڪستان جي خيبر پختونخواهه جي علائقي بنون سان تعلق رکندڙ هو ۽ پنهنجي پنجن ننڍڙن ٻارن جي مستقبل ۽ گهر وارن جي مدد لاءِ ڪيترن ئي سالن کان ابوظهبي ۾ ڊرائيور طور ڪم ڪري رهيو هو. حملي وقت هو هڪ رهائشگاهه جي اندر هو جڏهن فضائي حملي جو ملبو عمارت تي اچي ڪريو. دوستن موجب، مريب پنهنجي اباڻي شهر ۾ گهر ٺاهڻ لاءِ پئسا بچائي رهيو هو ۽ پنهنجي پيرسن والدين کي عمري تي وٺي وڃڻ جو خواهشمند هو. پنهنجي موت کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هن گهر پئسا موڪليا هئا ته جيئن سندس ٻار عيد لاءِ نوان ڪپڙا خريد ڪري سگهن.

آلاءِ نادر عوني، جيڪا هڪ نوجوان فلسطيني عورت هئي، تڏهن مارجي وئي جڏهن هڪ حملو گاڏي تي ٿيو.

هيومن رائٽس واچ جي مطابق، صالح احمد علي عجمان جي الطلہ پاڙي ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ گڏ ڪري رهيو هو ته حملي جو ملبو سندس پاڻي جي ٽينڪر تي ڪريو. ملبو لڳڻ ڪري ٽينڪر جو اڳيون حصو (ڪيبن) تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ صالح مارجي ويو ۽ ٻه ٻيا پورهيت (هڪ بنگلاديشي ۽ هڪ پاڪستاني) زخمي ٿي پيا.

نينگري آلاءِ جي مارجڻ تي سوڳ ۾ گڏ ٿيل ماڻھو

نيپالي شهري ديباس شريسٿا تڏهن فوت ٿيو جڏهن ابوظهبي جي زيد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڊرون حملو ٿيو، جتي هو سيڪيورٽي گارڊ طور ڪم ڪري رهيو هو.

هيومن رائٽس واچ رپورٽ ڪيو آهي ته 16 مارچ تائين بحرين، ڪويت، عمان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات سميت خليجي ملڪن تي ايراني ڊرون ۽ ميزائل حملن جي لهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 11 شهري مارجي ويا آهن ۽ 268 زخمي ٿيا آهن. متاثر ٿيندڙن جي اڪثريت لڏپلاڻ ڪندڙ پورهيتن (Migrant workers) جي آهي.

مارجي ويلن مان گهٽ ۾ گهٽ 10 پرڏيهي شهري هئا، جن مان ڪيتريون ئي موت ميزائلن کي روڪڻ دوران ڪرڻ واري ملبي سبب ٿيون.

هيومن رائٽس واچ چيو ته، “ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي فوجي حملن جي جواب ۾ جاري ايراني حملن سبب خليجي ملڪن (GCC) ۾ شهري سخت خطرن ۾ آهن. ڪيترائي حملا رهائشي عمارتن، هوٽلن، هوائي اڏن، سفارتخانن ۽ مالي مرڪزن تي ٿيا آهن.” تنظيم ايراني اختيارين تي زور ڀريو آهي ته اهي شهرين جي تحفظ لاءِ فوري قدم کڻن، ۽ خبردار ڪيو ته سڄي خليج ۾ موجود پرڏيهي پورهيت انهن حملن جو وڌيڪ شڪار ٿي رهيا آهن.

________________

Habib-2 (1)

حبيب تومي سينئر صحافي، ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو ميمبر ۽ دي ايشيا اين انگريزي ايڊيشن جو ايڊيٽر اِن چيف آھي. ھُو بحرين ۾ رھي ٿو

ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري The AsiaN جي انگريزي ايڊيشن جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button