Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڪھاڻيڪار حفيظ شيخ: نظر انداز ڪيل ٻارڙو ۽ اثر انداز ٿيندڙ شخص 

حفيظ شيخ پنھنجي ھر ڪھاڻيءَ ۾ انھن نظر انداز ڪيل، ھيڻن، اٻوجهن، مسڪينن ۽ نادارن سان گڏ بيٺو آھي۔ پنھنجي نجي زندگيءَ ۾ جيئن محنت ڪري ٿو تيئن ئي ڪردارن کي ھمٿائي ٿو۔ جيئن پاڻ ڏکين حالتن سان مھاڏو اٽڪائي وڌيڪ پڙھي ٿو، تيئن ئي ڪردارن کي اتساھي ٿو، جيئن پاڻ سماجي خدمتون ڪري ٿو ڪردارن کان بہ تيئن ڪرائي ٿو

وقت جي مؤرخ مجرمانہ خاموشي ڪري ھن ھيڏي ساري ديو قامت شخص کي نظر انداز ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آھي۔ اڄ بہ ھيڏن سارن ميلن ۽ فيسٽيولس ۾ ڪو سندس نالو وٺڻ لاء بہ تيار ناھي!! ھونءَ بہ ميلائي اديبن جو ڇا وڃي پنھنجي ھيرن سان؟

ڊاڪٽر خادم منگي

منھنجي دوست شاعر بيخود بلوچ جو شعر آھي تہ

“نظر انداز ڪريو ٿا، اثر انداز ٿيندا سين۔

صدين تائين پيو ٻڌبو، اھو آواز ٿيندا سين۔”

 حفيظ شيخ ھڪڙو اھڙو ئي ٻارڙو ھيو، جنھنکي ٻالجتيءَ ۾  سندس سڳو پيءُ گهر اچڻ سان ئي ڪُٽڪو ڏيندو ھيو ڇو تہ سندس ماءُ، پيءُ جي پھچڻ سان ئي شڪايتن جا انبار کڻي آڏو رکندي ھئي۔ ماءُ تہ پنھنجي ڪاڻي پٽ کي بہ راڻو چوندي آھي، پر ھيءَ ڪھڙي ماءُ ھئي جيڪا پنھنجي ئي پٽ کي “کوٽو سڪو” چوندي ھئي؟ ھي ٻار Seriously neglected child ھيو، معنا شديد نظر انداز ڪيل ٻارڙو۔ ھي ٻارڙو ٿورڙو ائنٿرو، ٿورڙو حرڪتي ۽ ٿورڙو کڻي مختلف ھيو بس۔ اھڙن ٻارڙن کي ڊاڪٽريءَ جي ٻوليءَ ۾ attention seeking personality وارو ٻار چئبو آھي۔ معنا ڌيان ڇڪائيندڙ ٻارڙو۔ جنھن ٻارڙي کي ڌيان گهٽ ملندو آھي اھو پيءُ ماءُ جو وڌيڪ ڌيان ڇڪائڻ لاء ڪجهہ عجيب غريب حرڪتون ڪندو آھي۔ ظاھر آھي نَوَنِ ٻارن جا والدين ڪنھن ھڪ ٻار تي ڪيترو ڌيان ڏئي سگهندا؟ مون تہ مائرن کي الائي ڪھڙيون ڪھڙيون دعائون ڏيندي بہ ٻڌو آھي۔ مثال طور شل پڙھيو نصيب ٿيندءِ، شل ڪوسو واءُ نہ لڳندءِ، لڱين سور نہ پوندءِ، شل ڪنھن جو محتاج نہ ٿيندين، ڏيھن کي ڏئي کائيندين، شل گهوٽ ٿيندين، شل آڍڙو ٻڍڙو ٿيندين وغيرہ۔ پر ھن ٻار کي الائي ڇو پِٽون، پاراتا ۽ نفرتون پلئہ پيون؟ ھونءَ بہ جنھن ٻار کي سندس ماءُ جو پيار نہ ملي سگهندو آھي، سڄي دنيا مِلي ڪري، ان کي پيار ڏيڻ جي ڀلي ڪوشش بہ ڪري، پر اھو خال ڀرجي نہ سگهندو آھي. دل جا چارئي خانا خالي رھجي ويندا آھن۔

وري ٻيو مرحلو ايندو آھي مڪتب يا اسڪول جو۔ ھن ٻارڙي جو ڪو مقدر شايد ڪجھ اھڙو ئي ھيو جو کيس جنھن مدرسي ۾ قرآن شريف پڙھڻ لاءِ ويھاريو ويو، اتان جي مولوي صاحب کيس ھڪڙي سوال پڇڻ جي پاداش ۾، ٺڪاءُ جو کڻي مٿي ۾ رھل ڪيس تہ ڇوڪرو چَري نہ پئي۔ وري رھي کُھي ڪثر  پرائمريءَ جي استاد پوري ڪئي، جنھن پَٽي نہ لکي اچڻ جي ڏوھ ۾ اونڌو ٽنگي پيرن جون تريون ئي تريون ڪُٽيس۔ يار ھي ان دؤر جا استاد ھئا يا جلاد؟ وڏو ٿي “امان مان اسڪول نہ ويندس“ جھڙي ھانوَ ۾ ھٿ وجهندڙ ڪھاڻي، ان ئي پس منظر ۾ لکي ھوندائين۔ ان ڪھاڻيءَ ۾ ٻارڙو، استاد جي مار جي ڪري، مري ويل ڏيکاريو ويو آھي۔ پر حفيظ شيخ زندھ رھيو۔ زندھ وري ڪھڙو رھيو، ڄڻ تہ ڪو زندھ لاش ھيو۔ ڪچڙي ذھن تي تشدد تمام گهڻو ناڪاري اثر وجهندو آھي۔

جنھنکي انگريزيءَ ۾ post-traumatic stress disorder چئبو آھي۔ انڪري تارا مسيح جھڙن جلاد استادن کي باقي يا عمر سلام ئي نہ ڪيائين۔ سندس دل ۾ ڪڏھن ڪڏھن ايئن پئي آيو اھڙن استادن کي جيڪر قتل ڪري ڇڏي۔ ھي ڪھاڻي ”امان مان اسڪول نہ ويندس“ سنڌي ادب جو ماسٽر پيس آھي۔ سڀني کي پڙھڻ کپي ۽ سمورين ٻولين ۾ ترجمو بہ ٿيڻ کپي۔ استاد ڪيئن ھجڻ کپي ان لاءِ اسانکي عامر خان جي فلم ”تارے زمين پر“ ڏسڻ کپي۔

حفيظ شيخ جو والد صاحب نئون مسلمان ھيو۔ نامياري تعليمدان دادي ليلا وتيءَ جو ويجهو رشتيدار ھيو۔ انھن ڏينھن ۾ ھندو، مسلمان جو تضاد ڪجهہ سرس اڀريو ھو۔ ھي نوجوان سمجهندو ھوندو تہ جڏھن ڪو مسلمان کي گهٽ وڌ پيو ڳالھائي تہ ڄڻ سندس پيءُ جي گلا پيو ڪري ۽ جڏھن ڪو ھندوءَ کي گهٽ وڌ پيو ڳالھائي تہ ڄڻ سندس ڏاڏي جي گلا پيو ڪري۔ اھڙي صورتحال ۾ ھڪڙي ڪچڙي ذھن تي ڇا نہ گذرندو ھوندو؟ پاڻ لکي ٿو تہ انھن ڏينھن ۾ اھڙا بحث سندس ھانوَ ۾ ھٿ وجهندا ھئا۔

سندس پيءُ گمبٽ جي سرڪاري اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر ھيو. پر نَوَن ٻارن جي پالنا مشڪل ھئي۔ جلدي گذاري ويو. ان ڪري حفيظ شيخ ننڍڙي وھيءَ ۾ ئي يتيم ٿي ويو۔ صرف پنج درجا پڙھي سگهيو۔ پوءِ ننڍڙا ننڍڙا پورھيا ڪري پيٽ پالڻ لڳو۔ بوٽ پالش ڪيائين، کٽمٺڙا کپايائين، بيراگيري ڪيائين۔ اتي محسوس ڪيائين تہ ڪيئن ننڍڙن ٻارڙن سان جسماني ۽ جنسي تشدد پيو ٿئي۔ ان موضوع تي “ٻہ ڳوڙھا” جھڙي انساني ضمير کي ڌونڌاڙيندڙ ڪھاڻي لکيائين ۽ اھو ڏيکاريائين تہ مسڪين پورھيت ٻارڙن سان ڪيئن work place تي تشدد ڪيو ٿو وڃي۔ شايد ان وقت چائيلڊ ليبر/ٻاراڻي پورھئي جي خلاف ڪم ڪندڙ اين جي اوز اڃا نہ جڙيون ھيون، جيڪي روڊن تي اچي واويلا ڪن ھا۔ انھن ڏينھن ۾ اھو ڪم بہ ڪھاڻيڪار ۽ اديب ئي ڪندا ھئا ۽ وڏي ڳالهہ تہ بنا پگهار جي ڪندا ھئا۔ اين جي اوز وانگر ھڙپشن نہ ڪندا ھئا۔ اوھان وري پڇندو تہ ھي ھڙپشن ڇاھي؟ ھي ڪرپشن جي ماءُ آھي۔ ڪرپشن ڪرڻ وارن کي اڃا ڪو آنو ٽڪو حياءُ ٿيندو آھي۔

حفيظ شيخ، بيروزگاري ختم ڪرڻ لاء فوج ۾ ڀرتي ٿيو۔ گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتائين۔ ان دوران، ھٿ جون لڪيرون ڏسندڙ ڪنھن پنانگ فقير چيس تہ توکي سڀ ڪجهہ ملندو پر تنھنجي ھٿ ۾ تعليم جي لڪير ناھي۔ ان وقت فوج جي نوڪريءَ کي خيرباد ڪري ھليو آيو خيرپور۔ ناز ھاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺو ۽ پاس ڪيائين۔ استاد غلام اصغر سندس مدد ڪري کيس ويھ منٽ پڙھايو ۽ بس۔ ھھڙن استادن جا جيڪر پير ڌوئي پيئجن۔ نيٺ وڃي پنجاب يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ايم اي ڪري ڇيھ ڪيائين۔ صحافت ڪيائين، صحافت جي کاتي ۾ نوڪري ڪيائين ۽ آخرڪار خانداني منصوبہ بنديءَ جي کاتي مان ڊويزنل انچارج جي عھدي تان رٽائير ٿيو۔ فقير جي چيل ڪوڙ بدوڙ تي ڇو اعتبار ڪري؟ ڪامريڊ لينن چواڻي پنھنجي محنت سان پنھنجي تقدير پاڻ لکيائين۔ مون تازو نوازالدين صديقيء جو ھڪڙو جملو پڙھيو جنھن ٻڌايو تہ سندس ماءُ چوندي ھئي تہ ڪچري جي ڍير جي بہ جڳھَ تبديل ٿيندي آھي، پٽ! تون تہ انسان آھين، ھڪ ڏينھن تنھنجو بہ ايندو۔ ھھڙا جملا ماڻھن جي ھمت وڌائيندا آھن، ڏکين حالتن سان مھاڏو اٽڪائڻ لاء اتساھ ڏيندا آھن۔

حفيظ شيخ پڪو ڪميونسٽ ھيو۔ ڪميونسٽ ھجڻ جي ناتي ماڻھو کائنس نفرت ڪندا ھئا، آخري ڏينھن تائين سندس سڳي ڀيڻ کيس ڪميونسٽ سمجهي نفرت ڪندي ھئي۔ چوندي ھيس تہ اسان جي گهر نہ ايندو ڪر۔ تون ايندو آھين تہ اسان جي گهر رحمت جا ملائڪ نہ ايندا آھن۔ سندس ان چَرڙي ڀيڻ کي ڪير سمجهائي تہ حفيظ جھڙو ڀاءُ ڪن ڀاڳ وارين ڀينرن کي ملندو آھي۔ آخري ڏينھن ۾ شاديءَ جو سوچيائين۔ پر جيڪا ڇوڪري پسند ڪيائين ان جي والدين اھو چئي شاديءَ کان انڪار ڪيس تہ ھمراھ ڪميونسٽ خيالن جو آھي۔ ڪميونسٽ تہ لفظ ڪميونٽيءَ مان ورتل آھي۔ ڪميونٽي معنا سماج ۽ ڪميونسٽ معنا سماج جو ڄاڻو۔ جيئن ڪيمسٽ معنا علم ڪيميا جو ماھر۔ باٽنسٽ معنا نباتاتيات جو ماھر، زولاجسٽ معنا حياتيات جو ماھر۔ ان ۾ فارسي ڪھڙي آھي جيڪا ماڻھو سمجهن ڇو ڪونہ ٿا؟ اجايو لفظ ڪميونسٽ کي atheist سان جوڙين ٿا۔ بحرحال ان ۾ پروپيگنڊا ۽ ڊس انفرميشن جو وڏو ھٿ آھي۔ جيڪي وتن ٿا ڪچڙن ذھنن کي ورغلائيندا. اڳتي ھلي بھاولپور جي ھڪ غريب ھاريءَ جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جيڪا سندس ئي محڪمي ۾ ملازم ھئي۔ ان کي پريالي ڀرسان پنھنجي زمين تي جهوپڙيءَ ۾ رکيائين۔ افسوس جو شادي جي پھرين سالگرھ ملھائڻ کان اڳ ۾ ئي وفات ڪري ويو۔ گهر کي ڍنگهرن جو لوڙھو ڏنل ھوس، ٻڪرين جو ڌڻ پاليائين، جن جي کير مان دوستن لاء چانھن ٿيندي ھئي۔ ھن ڊويزنل انچارج جي زال ڪاٺين ۽ ڇيڻن تي رڌ پچاءُ ڪندي ھئي۔ پاڻ چوندو ھيو، ھي مون ڪَميون جوڙيو آھي۔ معنا سمورن ساٿين جي گڏيل ملڪيت۔ جتي آئي وئي جي خاطر تواضع ٿيندي ھئي ۽ دنيا جھان جي موضوعن تي بحث مباحثا ٿيندا ھئا۔ مان سمجهان ٿو پنھنجي نظرئي سان ايڏي وڏي ڪمٽمينٽ جو ويجهڙ ۾ مونکي ٻيو ڪو مثال ئي نہ ٿو ملي۔ معنا جيڪو چيائين سو ڪري بہ ڏيکاريائين۔ ٻيا اديب صرف چوندا آھن، ڪري ڏيکارڻ مھل وڃي ڪو ٻيو ڪري۔ ۽ ٻيا بيوروڪريٽ رٽائرمينٽ کان پوء بنگلا جوڙائيندا آھن۔ ھي ھمراھ پنھنجي زمين تي جهوپڙي ٿو اڏي۔ ڇا تہ ڪمال جو ماڻھو ھيو۔

خوشنصيب صرف ھڪڙي ڳالهہ ۾ لڳي ٿو جو کيس نقاد شاندار مليا۔ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کيس پيار سان سمجهائيندي چيو تہ ڏس نہ تنھنجو ھيرو ظلم جو بدلو ظالم جي ڀيڻ ماءُ کان ٿو وٺي۔ ھي ڪٿان جو انصاف آھي، جو ڪَري ھڪڙو ڀَري ٻيو؟ جيڪڏھن تنھنجي ڪھاڻيءَ جي ھن ھيري وانگر ھر ڪو ظلم جو بدلو ظالم جي ڀيڻ ماءُ کان وٺندو تہ ھي ظلم سمجهين ٿو ڪٿي وڃي دنگ ڪندو؟ ھڪڙو vicious cycle ٿي ويندو ۽ دنيا ھڪڙو ظلم جو وڏو  آماجگاھ ٿي ويندو۔ رسول بخش پليجو جنگشاھيءَ کان ھلي، ٺھي سنبري، ڀاڙي جا پنج روپيا اڌارا وٺي، ڪراچي وڃي اھڙي عزت ڪري آيس، جنھنجي لائق ھيو۔ حفيظ شيخ وڏو انا پرست ھيو، ڪنھن ايري غيري، نٿو خيري کي ليکيندو ئي نہ ھيو۔ پر اڳيان بہ رسول بخش پليجو ھيو۔ مجبور ٿي نيٺ آڻ مڃيائين ۽ پنھنجي ڪھاڻيءَ جو ڪلائيميڪس/پڄاڻي تبديل ڪري ڇڏيائين۔ ھمعصر ۽ وڏڙا ھجن بہ تہ اھڙا۔ جيڪي ليکو چوکو ڪن، آڏي پڇا ڪن، ڪَن مھٽ ڪن۔ تڏھن ئي وڃي فرد ۽ ادارا درست ٿيندا۔

“اڏيو جو اوڏن، تنھن جو ڍَنگر ڍلو مَ ٿئي۔

جنھن پر ويھي ڪَن، ليکو لاکي ڄام سين”

حفيظ شيخ ننڍڙي وھيءَ ۾ ئي گذاري ويو۔

چانھن جو موالي ھيو ۽ سگريٽ جو چين سموڪر chain smoker۔ حڪيم ھجان ھا تہ چوان ھا گهڻي چانھن پيئڻ جي ڪري موت ٿيس، پر ڊاڪٽر آھيان چئي سگهان ٿو تہ گهڻن سگريٽن پيئڻ جي ڪري دل جو دؤرو پيو ھوندس۔ پر اڃا وري شاعر ھجڻ جي ناتي چوان ٿو تہ موت جو اصل ڪارڻ چانھن سگريٽ نہ ھو، محبت جي اڻاٺ ھئي۔ جيئن خون جي ڪمي ٿيندي آھي، جيئن ڪيلشيم جي ڪمي ٿيندي آھي، جيئن آيوڊين جي ڪمي ٿيندي آھي، ايئن ئي محبت جي ڪمي بہ ٿيندي آھي ۽ سڀ کان وڌيڪ موتمار بيماري محبت جي ڪمي ئي آھي۔ نہ تہ چاليھ ٻائيتاليھ ورھيہ ڪا مرڻ جي عمر ٿورو ئي آھي؟ جڳ مشھور محبت جي شاعر John Keats کي ننڍڙيءَ وھيءَ ۾ ڪو سلھ ٿورو ئي ماريو ھيو، اصل ۾ محبت جي اڻاٺ ھئي نہ تہ پنجويھن ٽيھن سالن جي عمر ۾ ماڻھو ايئن ئي مريو وڃي، ڇا حيرت جي ڳالهہ ناھي؟

بيدل مسرور ھڪ دفعو ڄامشوري کان سکر تائين گڏجي سفر ڪندي ٻڌايو ھيو تہ حفيظ شيخ پنھنجي ھمعصرن ۾ سڀني کان وڌيڪ پڙھيل ڳڙھيل ھيو۔ انگريزي ڳالھائڻ ۾ ڪو سندس مَٽ نہ ھو۔ عورتون کيس ڀائينديون ھيون ۽ ساڻس ڪچھري ڪندي پاڻ کي محفوظ سمجهنديون ھيون۔ جيڪا ڳالهہ شايد سندن ساڙ سڙين ھمعصرن جي سيني ۾ ٻرندڙ باھ تي پيٽرول ھاريندي ھوندي، جيڪي ڪنھن نياڻيءَ سياڻيءَ جي سيني جي اڀار تان اکيون ئي نہ ھٽائيندا ھئا۔ اڄ تائين جيڪڏھن عزتدار گهراڻن جون نياڻيون سياڻيون ادب ۾ نہ ٿيون اچن تہ اھو اھڙن جي ئي ڪرتوتن جو نتيجو  آھي۔ حيرت ٿيندي اٿم، جڏھن سنڌي ادبي سنگت جھڙي ترقي پسند تنظيم جون ميمبر عورتون، پنھنجي لاءِ، عورتن جي ڌار شاخ قائم ڪيون ويٺيون آھن۔ منھنجو خيال آھي تہ ھنن کي اڃا تائين ھرڻين وانگر بگهڙن کان نہ ڊڄڻ کپي۔ ھنن ايڪويھين صديءَ جي عورتن کي شينھڻن جيان ڇاتي تاڻي مقابلو ڪرڻ کپي۔ حفيظ شيخ، روشن آرا مغل جي مرتئي بعد رسالي “شاگرد” جو ھڪ خاص ايڊيشن “روشن آرا مغل نمبر” ڇپرايو۔ ڇو تہ سندس زندگي، علمي سفر ۽ حاصلات جو  سڀ کان وڌيڪ ساکي ھُو ئي ھيو۔ روشن آرا مغل جو نالو ٻڌڻ سان ئي حفيظ شيخ ڄڻ تہ گونگو ٿي ويندو ھيو۔ زبان تارونءَ سان لڳي ويندي ھيس ۽ اکيون ڀرجي وينديون ھيس۔ عزت ڀريو ۽ ڀروسي لائق رشتو ان کي ئي چئبو آھي۔

بيدل مسرور اھو بہ ٻڌايو تہ “روشن آرا، نهايت سنجيده ڇوڪري هئي، شيخ حفيظ جي، ان جي مڙس اسحاق سان بہ دوستي هئي، ۽ روشن جي بلند خياليءَ جو قدر ڪندڙ هو، ان دؤر جا ڪجهہ نانوَ ڪٺيا شاعر عورتن جي ڪڍ چريا هوندا هئا، ۽ خاص طور حفيظ سان ساڙ هوندو هئن، ڇاڪاڻ تہ حفيظ پنهنجي انسان دوستيءَ سبب وڏو ماڻھو ھيو، جنھن جي ڪري هُن جي مڃتا گهڻي هئي، ڊاڪٽر تنوير يا رشيد ڀٽي بہ پھرين حفيظ جا دوست هئا۔”

حميد سنڌي لکي ٿو تہ ياريءَ ۾ جيترو سولو ھيو اوترو ئي ڏکيو۔ ايترو تنگ ڪندو ھو جو دل چوندي ھئي تہ ھن کان ڀڃي وڃي جيڪر بَر مُنھن ڪجي۔ پر ڏکئي وقت تي جيڪو ھوندس يارن تي لٽائيندو، اسان کي جيڪڏھن سندس سر کپي ھا تہ سر بہ لاھي ڏي ھا۔

حفيظ شيخ جي ڪھاڻين جا اڪثر موضوع پنھنجي ئي آسپاس جي سماج جا کنيل آھن، سندس ڪردار سماج جا ڌڪاريل، نظر انداز ڪيل، پيڙھيل ۽ ڏتڙيل شخص آھن۔ ھو انھن ڪردارن ذريعي اڪثر پاڻ تي ٿيل وارتا يا پنھنجي ڪنھن ويجهي شخص تي ٿيل وارتا بيان ڪري ٿو۔ “امان مان اسڪول نہ ويندس” ۾ ھڪ طرف معصوم ٻارڙو آھي تہ ٻئي طرف جلاد استاد، ٻارڙي جي امڙ بيوس ۽ لاچار آھي ۽ سندس پيءُ نادار ۽ وري ٻئي طرف جيڪو اسڪول جي انسپيڪشن ڪندڙ صاحب آھي سو بي ترس ۽ سماج کان لاتعلق آھي۔ پنجن ڪردارن جي چوگرد ڦرندڙ ھيءَ ڪھاڻي سنڌي ادب جو ماسٽر پيس آھي، جمال ابڙي جي پيراڻي، ۽ نجم عباسيءَ جي ڇوڏو يا ماڻڪ جي حويليءَ جا راز وانگر ھڪ دفعو پڙھڻ کانپوءِ، ياعمر ياد جي ڦرھيءَ تان ميسارجي نہ سگهڻ جھڙي ڪھاڻي آھي۔ ھن ڪھاڻيءَ ۾ معصوم ٻارڙي جي موت وارو ڪلائيميڪس تہ سمورن پڙھندڙن ٻچڙيوالن جي ھانوَ ۾ اصل ھٿ ٿو وجهي۔ ڪھاڻي ”امان مان اسڪول نہ ويندس“ جي پلاٽ جو جڏھن ڇيد ڪيون ٿا تہ ڪھاڻي ھر زاويي کان سگهاري آھي۔ ”امان مان اسڪول نہ ويندس“ پنھنجي ٽائيٽل مان ئي پڌري آھي تہ ٻارڙي کي سجهي ٿو تہ اسڪول ۾ ڪو استاد نہ ويٺو آھي پر جلاد ويٺو آھي۔ ٻارڙي ھن نام نھاد استاد کي ٻين کي بہ گهرو ڪم نہ ڪرڻ جي پاداش ۾ مار ڏيندي ڏٺو ھوندو۔ تڏھن تہ ڊڄي ٿو۔ ان ڪري ٻار جي ذھن ۾ جيڪا عجيب ڪشمڪش آھي اھا کيس اسڪول وڃڻ کان روڪي ٿي۔ ٻئي طرف اھا ذميداري، جيڪا کيس نڀائڻي آھي، سا اسڪول وٺي ٿي وڃي۔ ان ڪري ھن ڪھاڻيءَ جو تعارف اتي ئي نمايان ٿي ٿو پوي۔ ٻارڙي جو بي دليو ٿي اسڪول ڏي وڃڻ، گهرو ڪم نہ ڪرڻ تي تشدد برداشت ڪرڻ، سندس بيمار ٿيڻ ۽ بيماريءَ دوران ٻار جو جڏھن نروس بريڪ ڊائون nervous break down ٿئي ٿو تہ اتي ڪھاڻي پنھنجي ڪلائيميڪس climax تي پڄي ٿي جتي سندس ماءُ چوي ٿي تہ “مونکي ڪھڙي ڪاريءَ کاڌو” يا “پنھنجي پيرن تي پاڻ ڪھاڙو ھنيم” اتي ڪھاڻي اصل جڪڙي ڇڏي ٿي، ڪردار پنھنجي پوري شدت سان احساسن کي جهنجهوڙين ٿا ۔ ٻئي طرف ٻارڙي تي بيھوشيءَ جا دورا ۽ ماءُ جون رڙيون يا بيوسي ھن ڪھاڻيءَ جو turning point آھي۔ ھاڻي ڪھاڻي  اڳتي ھلندي نيٺ پنھنجي منطقي انجام تي پھچي ٿي۔ ڪھاڻي ڦري گهري ان ھڪ جملي تي اچي دنگ ڪري ٿي۔ امان۔۔۔۔امان۔۔۔۔۔۔مان۔۔۔۔۔۔۔۔اسڪول۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ھي ٻار جي زبان مان ادا ٿيل آخري لفظ آھن ۽ ٻارڙو ڪنڌ لاڙي ڇڏي ٿو۔ آخر ۾ ڪھاڻيڪار جا جملا آھن تہ ٻارڙو اتي وڃي پھتو جتي ڪو اسڪول ڪونھي، جتي ٻنين تي ڪو ٻار ماني ڏيڻ نہ ويندو آھي۔ ڪو اسڪول ناھي، ڪو ماستر ناھي ۽ ڪا مار ناھي۔

سندس ھڪ ٻي ڪھاڻي “مبارڪون” سماج جي ھڪ ناسور، بي جوڙ شاديءَ جي رسم تان پردو ھٽائي ٿي۔ ان ۾ ڪھاڻيءَ جو ھيرو گلڻ ۽ ھيروئن جانل بظاھر تہ ھڪ پوڙھي کي زھر ڏئي ماريندڙ قاتل آھن۔ پر انھن ھم صلاح ٿي ماريندڙ قاتلن سان اوھانکي ھمدردي جاڳندي ڇو جو ھي زور جي مينديءَ خلاف وڙھن ٿا ۽ ٻليدان ڏين ٿا۔ پوڙھي کي ڳجهہ ڳوھ ۾ زھر ڏئي مارڻ کانپوءِ اڳتي ھلي ھي ٻئي پاڻ ۾ شادي ڪن ٿا، پر شاديءَ رات ئي پڪڙجي پون ٿا ۽ کين سزا ملي ٿي۔ جانل کي عمر قيد ۽ گلڻ کي ڦاسي، پر پاڻ ڪورٽ ڏانھن پوليس جي پھري ۾، حاضريءَ تي ويندي ھڪ ٻئي سان ھي زال مڙس ريلوي ويٽنگ روم ۾ ملن ٿا ۽ اڳتي خبر پوي ٿي تہ جانل اميد واري ٿي وڃي ٿي ۽ گلڻ ڦاسيءَ تي چڙھڻ کان اڳ خوشخبري ٻڌي ٿو تہ سندس پيار جي نشاني روپ وٺي چڪي آھي ۽ جانل اميد سان آھي۔ ھي مبارڪون دراصل پيار جي فتح آھن ۽ بي جوڙ شاديءَ جھڙي ڪڌي رسم تي ھڪ ڪاري ضرب۔ حفيظ شيخ پاڻ پنھنجي زندگيءَ ۾ بہ اھڙو ئي ھيو۔ ھن پنھنجي ڀيڻ کي پنھنجي پسند جي شادي ڪرڻ لاء آزاد ڇڏي ڏنو ھيو۔ ھي ڪھاڻي نج ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي، بيل گاڏين تي ڄڃ جي وڃڻ وارا منظر زبردست نموني قلمبند ڪيا ويا آھن۔ ڳوٺاڻي زندگي، گاھ پٺو ڪرڻ، لاب رونبو ڪرڻ، سرنھن جو ڦولارجڻ، ھي ڪھاڻي پڙھڻ کانپوء اوھان پاڻ کي ھڪ نئين دنيا ۾ موجود ڏسندو ۽ ھڪ نئين ماحول جا عڪس ۽ اولڙا محسوس ڪندو۔

“فقير رمندا رھن ٿا” ۾ فٽ پاٿ تي ٿيندڙ موت جي ڪھاڻي آھي۔ ھن ۾ ڏيکاريو ويو آھي تہ ڪيئن سج ٻہ پاڇا آھي، ڪڏھن ڳاڙھا گهوٽ، ڪڏھن مڙھ مقام ۾ وانگر، انسان ڪڏھن ڀريءَ ۾ آھي تہ ڪڏھن ڀاڪر ۾۔ ھيءَ ھڪ رشوت خور تپيدار جي ڪھاڻي آھي۔ جيڪو جڏھن بيٺو آھي تہ سوين سلامي اٿس پر ڪِري ٿو تہ ڪو بہ نہ اٿس۔ ”تِر جي گٿي سوَ چوٽان کائي“ وانگر، جڏھن ھڪ دفعو رشوت ۾ پڪڙيو تہ ست سال ٽيپ ڪاٽيائين، جيل مان نڪتو تہ ايڪسيڊنٽ ۾ ڄنگهہ ڀڄي پيس، اسپتال ويو۔ اتان پوءِ ڦٽ پاٿ تي اچي ويو۔ مري ويو تہ لاوارث ٿي دفنايو ويو۔ منھنجو خيال آھي تہ حفيظ شيخ بہ بي گهر ماڻھن وانگر فٽ پاٿ تي رھيو ھيو، ھي ان دؤر جي ڪنھن فقير کان ورتل انٽرويو آھي۔ جنھنکي بعد ۾ ڪھاڻيءَ جو روپ ڏنائين۔

ڪھاڻي “اديب” ۾ ھو ھڪ طرفو پيار ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويو آھي۔ سنڌيءَ ۾ جنھن لاء چوڻي مشھور آھي تہ “اديءَ کي جَن نہ ڪَن، ادو عشق ۾ انڌو۔” ھڪڙو اديب ڪنھن ڇوڪريءَ جي عشق ۾ گرفتار ٿي ويو آھي۔ پر ڇوڪري پرديس ۾ پڙھڻ لاء رواني ٿي وڃي ٿي۔ ھن ھمراھ جا خطن مٿان خط۔ نيٺ ڇوڪريءَ  جي شادي ٿي وڃي ٿي ۽ اديب ڊپريشن ۾ ھليو وڃي ٿو۔۔۔۔۔۔ بعد ۾ شاعريءَ مان بہ رس چس ختم ٿي وڃيس ٿو۔ ھي بہ سندس ئي دؤر جو اکين ڏٺو احوال آھي۔ جنھنکي فرضي نالن سان لکيو اٿائين۔ ھن ڪھاڻيءَ ادبي دنيا ۾ ڀونچال مچائي ڇڏيو ھيو۔ ھن ڪھاڻيءَ کي سمجهڻ لاء اوھانکي ان دؤر جي ادبي تاريخ تان بي رحميءَ سان پردا ھٽائڻا پوندا ۽ اھو نتيجو ڪڍڻو پوندو تہ اڄ تائين سنڌي ادب ۾ ڇوڪريون ايندي ڇرڪن ڇو ٿيون؟ حفيظ شيخ، ھن ڪھاڻيءَ ۾ نرگسيت پسند اديب کي واھ جو وائکو ڪيو آھي ۽ ھڪ معصوم ڇوڪريءَ جو زبردست نموني بچاءُ ڪيو آھي۔

ڪھاڻي “پن ٻوڙين پاتال ۾” بي جوڙ شاديءَ ۽ ڪارو ڪاريءَ جي ڪڌيءَ رسم جو ذڪر آھي۔ جنھن ۾ ڇوڪري نوران جيڪا جوان زال آھي ان جي پوڙھي مڙس سان نہ پَئي۔ ۽ سڄي ڳوٺ جا ڳڀرو اجايو مٿس اڪن شڪن ٿي پيا، پر ھوءَ ڪنھن تي بہ ھرک نہ ٿي ھاري۔ نيٺ وڃي ھڪڙي سادڙي سان کِلي ڇا ٿي ڳالھائي، ان تي کيس سڳو  سؤٽ ئي ڪارو ڪري ٿو۔ جيڪو پاڻ بہ اميدوار ھيو۔ انور پيرزادي چواڻي “سنڌ جي ڳوٺن ۾ جيڪا ڇوڪري ڪنھن مرد سان “ٺھيل” ھوندي آھي باقي سڄو ڳوٺ ان کي “کريل” چوندو آھي۔” ڇوڪري مھينو راتين جو وڏيري جي ڪوٽ تي چڙھي ٿي، ڪاري تي ھزار روپيا ڏنڊ پوي ٿو ۽ نيٺ ڇوڪري ٻئي ڳوٺ پرڻجي وڃي ٿي۔ ڪاري کي ڪھاڙين سان ڪپيو ويندو آھي. ان کي “وڍي” چوندا آھن۔ پر جنھن کي وڍي نہ سگهندا آھن ان کي پرديس ٽڪن تي وڪڻندا آھن جنھن کي “ڪَڍي” چوندا آھن۔ سو وڍي يا ڪڍي برابر سمجهي ويندي آھي۔ جيڪو نياڻين لاءِ عذاب آھي۔ اھڙيون ڇوڪريون جڏھن پنھنجي ڳوٺن مان پرڻجي وينديون آھن تہ ان ڏينھن سندن ڄڃ ڳوٺ مان نہ ويندي آھي پر سندن جنازو نڪرندو آھي۔ ھن ڪھاڻيءَ جو ڪلائيميڪس بہ ڪجهہ اھڙو ڏيکاريو ويو آھي۔ جتي ھڪڙي ڳوٺ مان ڪنوار جي روپ ۾ مڙھ کنيون ٿا وڃن۔ ڪاري کان صرف پئسا وٺندا آھن۔ اتر سنڌ جي معيشت اھڙين مِني فيڪٽرين جي ڪري ھلندي آھي۔ صرف مُڇن کي وٽ ۽ تاوَ نصيب ٿيندا آھن باقي پٽڪن کي اڃا وڌيڪ ور ايندا آھن۔ ھارين جا جهڳا جهڻ ٿيندا آھن ۽ وڏيرن جا ڪوٽ اوڏڪين ڀتين مان پَڪ سِرا ٿيندا آھن۔ مطلب تہ پن پاتال ۾ ٻڏي ويندا آھن ۽ پاھڻ تري ويندا آھن۔۔۔۔۔۔۔

ڪھاڻي “ساگر جي لھرن تي” ھڪ اھڙي ڇوڪريءَ جي گرد ڦري ٿي جنھنکي ماٽيلي ماءُ زبردستي پوڙھي ۽ بي ڊولي شخص سان شادي ڪرائي ٿي، پر ھوءَ زھر کائي پنھنجي احتجاج جو اظھار ڪري ٿي۔ ڊاڪٽر کيس بچائي وٺن ٿا ۽ پوءِ پنھنجي زندگيءَ جو ساٿي چونڊي گهران نڪري وڃي ٿي ۽ باقي سڄي ڪھاڻي پوئتي ڇڏيل خط ۾ لکي وڃي ٿي۔ ھن ڪھاڻيءَ ۾ “اسٽيٿو اسڪوپ” جي جاءِ تي سنڌي لفظ دريافت ڪري لکيو اٿائين “ساھ تپاسڻي” جيئن نجم عباسي ڪندو ھيو۔ ٿرماميٽر کي تپ تپاسڻي،  ٽيلي اسڪوپ کي ڏور ڏسڻي پوسٽ مارٽم لاء لفظ “چير ڦاڙ” يار! ھي ڪيڏا نہ باڪمال شخص ھئا۔۔۔۔۔

ڪھاڻي “ٻہ پاڇا” بہ فراق ۽ وصال جي ٻن phases تي ھلي رھي آھي۔ ڇوڪرو فوج ۾ ڀرتي ٿئي ٿو ۽ ڇوڪريءَ جي شادي ٿي وڃي ٿي۔ جنھنکي ٻار پيدا ٿي وڃن ٿا ۽ پنھنجي گهر گهاٽ جي ٿي وڃڻ باوجود بہ پنھنجي پھرين پيار کي وساري نہ ٿي سگهي۔ جڏھن سالن بعد سندن مکا ميلو ٿئي ٿو تہ ڇوڪريءَ جي اکين جا بند ڀڄي پون ٿا۔ مان سمجهان ٿو ھن ڪھاڻيءَ جي نائڪ ۽ حفيظ شيخ ۾ ھڪجھڙائي اھا آھي تہ ٻئي فوج ۾ ڀرتي ٿيا۔

“ھز ماسٽرس وائيس” ڪھاڻيءَ ۾ اسان کي حفيظ شيخ جڳ جھان ٿو گهمائي۔ صحافتي دنيا ۽ وڪيلن جي دنيا جا احوال۔ ھيءَ ھڪ مزاحيہ ڪھاڻي آھي۔ پھريان تہ وڪيلن کان معذرت ٿو ڪري تہ متان defamation جو ڪيس نہ ڪن۔ بدعنوان ماڻھوءَ جو نالو ڀلي علم دين ھجي يا ڪرم دين ۽ سندس ھوٽل جو نالو “ھذا من فضل ربي” پر ڪندو اھي ئي ڪم، جيڪي سندس طبيعت ۾ شامل آھن۔ ھن ڪھاڻيءَ ۾ بنا پگهار يا گهٽ پگهار تي ڀرتي ڪيل صحافين جا بک جا چڪ ڏيکاريا ويا آھن۔ صحافي، چڪلا/بازار حسن، رنڊيون/ڪسبياڻيون، ڀڙوو/ مڊل مين، پوليس جو جمعدار ۽ صوبيدار ھنن ڪردارن جي واتان گهڻو ڪجهہ ڳالھائي ويو آھي۔ شراب، بيئر ۽ گتا، سگريٽن جا برانڊ ۽ عورتن جا جسم.  وڪيل صحافيءَ کي چوي ٿو تہ تون رڳو سگريٽن جا مارڪا يعني برانڊ ٿو مٽائين، آئون عورتن جا جسم مٽائيندو آھيان۔ تماڪ ۽ عورت جي جسم جو نشو ساڳيو ئي آھي۔ ڪانٽ جو فلسفو بار بار بحث ھيٺ اچي ٿو۔ صحافي Bohemian وانگر سماج جي ڪابہ ذميواري نہ ٿو کڻي ۽ ٻئي طرف پئسي جي نشي ۾ بدمست گهاگهہ وڪيل پنھنجي گهر ۾ سھڻي، سيبتي، پيار ڪندڙ ۽ پرگهور لھندڙ زال جي باوجود بہ وتي ٿو نوس نوس ڪندو۔ سندس گفتگو جو لھجو بازاري آھي۔ پنھنجي جونيئر کي باسٽرڊ ۽ راسڪل جھڙن لفظن سان ٿو پڪاري۔ ڏسو تہ پيٽ گذر خاطر ڪيئن نہ عورتون جسم فروشي ۽ مرد ضمير فروشي ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿا۔ وڏي ڳالھ اھا ٿو ٻڌائي تہ ڪيئن نہ ڪسبياڻيء جي پورھئي تي ڀڙوو ۽ پوليس جو جمعدار ٿا پلجن۔ ھن ڪھاڻي پڙھڻ کان پوءِ اوھان کي ساحر جو نظم “چڪلي” ۽ فيض جو نظم ”مجھ سي پہلي سي محبت ميرے محبوب نہ مانگ” وڌيڪ سولائيءَ سان سمجهہ ۾ ايندا۔ سعادت حسن منٽو بہ ھھڙن موضوعن تي لکڻ جي ڪري بدنام ھيو۔ ھن ڪھاڻيءَ ۾ سچ لکڻ لاءِ جنھن بھادريءَ کان ڪم ورتو ويو آھي، ان بھادريءَ کي سلام۔ گهڻين جاين تي طنز و مزاح کان بہ ڪم ورتو ويو آھي۔ مثال طور سڀاڻي جيڪڏھن آءُ ھتي پڪڙجي ويس ۽ منھنجو فوٽو اخبار ۾ ڇپجي ويو تہ منھنجي اھا سس، جنھن اڃا مون سان شادي ڪرڻ لاءِ ڌيءَ ئي نہ ڄڻي آھي، سا مون لاء ڇا سوچيندي؟ حفيظ شيخ جيڪڏھن مزاح ئي لکندو رھي ھا تہ علي احمد بروھيءَ ۽ حليم بروھيءَ کان وٺي پطرس بخاريءَ ۽ مشتاق يوسفيءَ جون سِڪون لاھي ھا۔

ڪھاڻي “ٽِوَاٽو” ۾ ھڪڙو صدين کان بيٺل پوڙھو جيڪو عقيدن جي بنياد تي ٿيل سماج جي تسلسل جو ساکي آھي ان جي ڪردار کي انساني تاريخ سان جوڙيو ويو آھي۔ جيڪو ارسطو ۽ بقراط جي اختلاف کان وٺي اڄ تائين جي اٿل پٿل جي ڪھاڻي ٻڌائي ٿو۔ مندر، ديول ۽ مسجد جي اڏاوتن کي اکين سان ڏٺو اٿائين۔ مسجد جي شروعاتي اوڏڪي ڀت ۽ کجيءَ جي ڇڙين واري ڇت جي بناوت کان وٺي سنگ مرمر جي ڀتين، گنبذن جي ڇتين ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ منارن سان جڙيل مسجدن جي ڳالهہ ڪيل آھي۔ منھنجو خيال آھي تہ ھن ڪھاڻيءَ کي لکڻ مھل اسٽريم آف ڪانشسنيس کان ڪم ورتو ويو آھي۔ فلسفي جا موضوع ڪتب آندا ويا آھن۔ ۽ منھنجو ھي بہ خيال آھي تہ آغا سليم “ھمہ اوست” ۽ “اونداھي ڌرتي روشن ھٿ” جھڙا شاندار ناول لکڻ کان اڳ ھيءَ ڪھاڻي ضرور پڙھي ھوندي ۽ ان مان بہ اثر ورتو ھوندو۔

ڪھاڻي “پوءِ ڇا ڪندين؟” ۾ ٻہ ننڍڙا رابن ھوڊ آھن۔ ھي اسڪولي ٻارڙا آھن جيڪي چاھن ٿا تہ اميرن جون چوريون ڪري، مال غريبن ۾ ورھائجي۔ پھرين ئي واردات پنھنجي امير استاد کان شروع ڪن ٿا پر پڪڙجي پون ٿا۔ ٿاڻي ۾ پنھنجي ايندڙ دؤر جا پلان جوڙين ٿا ۽ ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا اڳتي ڇا ٿيندو۔ جنھن تي چون ٿا جيڪو ڀاڳ ۾ ھوندو سو ملندو۔ پر ڪھاڻيڪار کين صلاح ڏيندي ڪھاڻي پوري ڪري ٿو تہ ”ڪڻڪ پوکي ڪڻڪ کاءُ“

حفيظ شيخ جو ڪتاب “ساگر جي لھرن تي” ۾ ٽوٽل ڏھ ڪھاڻيون ۽ ڪجهہ خط آھن۔ خط ھڪ فرضي نالي سان لکيل آھن پر اندازو ٿي وڃي ٿو تہ ڪنھن پرديسڻ جي اندر جا اڌما آھن۔ خطن مان عجيب انسيت، پنھنجائپ ۽ ھڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو۔ ادب ۽ حيا کي سامھون رکندي خط لکيا ويا آھن۔ ”ادب پہلا قرينہ ہے محبت کے قرينوں مين “ وانگر باھمي احترام سان ھڪ ٻئي جي دل ۾ جاءِ جوڙي وئي آھي۔ خطن مان مثال طور ھڪ جملو ھتي رکان ٿو۔ “تو پنھنجي خط ۾ مشاعري واري ان رات جو بہ ذڪر ڪيو آھي، جڏھن پاڻ ٻئي چلهہ جي ڀرسان ويھي ۽ ڳراٽڙيون پائيندي ۽ ڳالھيون ڪندي رات گذاري ھئي. ڪيڏي نہ پراميد ھئي اھا رات۔”

سو ھنن خطن کي بہ ڪھاڻين ۾ شامل سمجهجي يا الڳ خط اھو بحث ڪھاڻيڪارن لاء ڇڏجي ٿو۔ ھونءَ تہ اوريانا فلاشيءَ جو سڄو ناول ئي ھڪ خط آھي۔ “اڻ ڄاول ٻار ڏانھن خط” Letter to unborn child”

ڪتاب ”اڇو پکي واءُ ۾“ جيڪو نصير مرزا مرتب ڪيو ھيو ان ۾ ٻہ چار ٻيون ڪھاڻيون بہ شامل ڪيون اٿائين۔ جيئن آخري باب، زرينا، خاندان جي عزت، اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنھنجا ساريا، مکڙي مرجهائجي وئي ۽ آخري ڪھاڻي۔

حفيظ شيخ جون ٽوٽل ١٨ ڪھاڻيون ھٿ اچي سگهيون آھن۔

 ڪھالڻين جا اڪثرموضوع سماجي اڻ برابريون آھن. سندس ڪردار يا تہ معصوم ٻارڙا آھن يا عورتون ۽ يا وري مسڪين پورھيت۔ ھي سماج جا سڀ کان وڌيڪ پيڙھيل پرت آھن. ان ڪري حفيظ شيخ پنھنجي ھر ڪھاڻيءَ ۾ انھن نظر انداز ڪيل، ھيڻن، اٻوجهن، مسڪينن ۽ نادارن سان گڏ بيٺو آھي۔ پنھنجي نجي زندگيءَ ۾ جيئن محنت ڪري ٿو تيئن ئي ڪردارن کي ھمٿائي ٿو۔ جيئن پاڻ ڏکين حالتن سان مھاڏو اٽڪائي وڌيڪ پڙھي ٿو، تيئن ئي ڪردارن کي اتساھي ٿو، جيئن پاڻ سماجي خدمتون ڪري ٿو ڪردارن کان بہ تيئن ڪرائي ٿو۔ جيئن پاڻ ھڪ ڏينھن اعلي عھدي تي پھچي پنھنجي منزل ماڻي ٿو، تيئن ئي ڪردارن مان اميد رکي ٿو۔ ھڪ نظر انداز ڪيل ٻارڙو وڏو ٿي پنھنجي ئي ھيڻن جي وڪالت ڪري ٿو۔ اعلي تعليم پرائي ٿو، وڏو عھدو ماڻي ٿو ۽ وڏو ڪھاڻيڪار ٿئي نيٺ سماج تي اثر انداز ٿئي ٿو۔ پر سڄي ادبي تاريخ کي ڄڻ تہ ويسر جي بيماري لڳل آھي۔ وقت جي مؤرخ مجرمانہ خاموشي ڪري ھن ھيڏي ساري ديو قامت شخص کي نظر انداز ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آھي۔ اڄ بہ ھيڏن سارن ميلن ۽ فيسٽيولس ۾ ڪو سندس نالو وٺڻ لاء بہ تيار ناھي!! ھونءَ بہ ميلائي اديبن جو ڇا وڃي پنھنجي ھيرن سان؟ کين ٽي اي، ڊي اي، وينيو مينيو، ٻيڙي باڪس، پيڳ پاڻي، خرچ پکو، ڀاڙو، تيل ميٽ، ھنڌ کٽولو ملي ٿو، بس۔ ڇا ڪندا ايڏي ساري پٽ کوھ ڪري؟ ٻئي طرف وري ڪھاڻي جي شعبي ۾ تجزيا ۽ تنقيد ڪرڻ وقت، ڪو حفيظ شيخ جو نالو حوالي طور بہ نہ ٿو وٺي۔ جيئن اميدن ڀرئي قبرستان ۾ سندس قبر جو ڪو نيشان نہ ٿو ملي، تيئن ئي ادب جي ھن ھيڏي وڏي قبرستان مان بہ گم ٿيل ٿو لڳي۔ پر ھھڙن ھيرن جون قبرون ماڻھن جي دلين ۾ ھونديون آھن۔ تخليقڪار ھميشہ رت جي گردش ۾ روان دوان ھوندا آھن۔  ڌڙڪنن ۾ موجود ھوندا آھن۔ موت کين ماري نہ سگهندو آھي۔

سرخ سلام منھنجا پيشرو ڪامريڊ حفيظ شيخ! اوھانکي ٻيو ڪو ياد ڪري نہ ڪري، انجمن ترقي پسند مصنفين اوھانکي نہ وساريندي۔

آئون چاھيان ٿو تہ پنھنجي ھن ليک جي پڄاڻي حفيظ شيخ جي اميد ڀرئي لفظن سان ئي ڪيان۔

“آءٌُ اڃا نااميد نہ ٿيو آھيان۔ جيئن جيئن پارو ولھ بڻجي پيو پوي تيئن تيئن بھار جي ويجهڙائيءَ جو يقين ٿو ٿيندو وڃي۔”

_________________

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ، سکر ۾ رھي ٿو. غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر ۾ پيٿالوجي جو ليڪچرار آهي. ھي پيپر حفيظ شيخ ڪانفرنس سکر ۾ پڙھيل آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button