Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

لياري ندي، مٺو در ۽ کارو در: سنڌ جي دِل ڪراچي شھر جي اوسَر جي ڪھاڻي   

سنڌي واپاري سيٺ ڀوڄو مل کارڪ بندر ويران ٿيڻ سبب لڏي اچي موجودہ کاري در ۽ مٺي در واري علائقي ۾ 1729 ۾ نئون ڪوٽ اڏايو هو ۽ ان ڪوٽ کي ٻه در لڳايا هئا.

فقير عبدالستار سنڌي گابراڻي

مٺو در يا کارا در/ کارو در ته اوهان ٻڌو هوندو. کارو در ڪراچيءَ جو مشهور ۽ قديمي علائقو آهي. کارو در جديد ڪراچي جو آباد ٿيندڙ پهريون علائقو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. سنڌي واپاري سيٺ ڀوڄو مل جڏهن کارڪ بندر ويران ٿيڻ سبب لڏي اچي موجودہ کاري در ۽ مٺي در واري علائقي ۾ 1729 ۾ نئون ڪوٽ اڏايو هو ته ان ڪوٽ کي ٻه در لڳايا هئا. هڪ در لياري نئينءَ جي پاسي کُلندو هو. ان زماني ۾ لياري ندي موجودہ رامسوامي کان ٿيندي لِي مارڪيٽ نيپئر ٿاڻي وٽان ٿيندي اڳتي ڪڪري گرائونڊ مان ٿي آغا خاني جماعت خاني مان لنگهي ڪسٽم هائوس وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.

ڪراچيءَ جي قديم کاري در جي تصوير

بعد ۾ 1913ع جي زماني ۾ ڪراچي لوڪل بورڊ جي صدر سيٺ هرچند راءِ وشنداس موجودہ ڌوٻي گهاٽ وٽ بند لڳائي لياري ندي جو رخ تبديل ڪرايو هو. ڪراچي ڪوٽ جي ان در کي مٺو در چيو ويندو هو. مٺو در انڪري سڏيو ويندو هو ڇو ته لياري نئين جي پاسي لياري نئين جو مٺو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اهو پاڻي شهر جا ماڻهو پيئڻ لاء به استمعال ڪندا هئا. شھر جي ويجهڙ ۾ ان پاڻيءَ تي زراعت به ٿيندي هئي. ڀاڄيون به پوکيون وينديون هيون. کارو در سمنڊ جي طرف کلڻ واري دروازي کي چيو ويندو هو.

هتي نظر ايندڙ تصوير کاري در جي آهي. هاڻي هي تصوير ئي رهجي وئي آھي ۽ در ختم ٿي ويو. لياري ندي هاڻي گل ٻائي پل جي ڀرسان وهي اڳتي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اهو لياري نديءَ جو پاڪستان کان پوء جو وهڪرو آهي.

هي سنڌي واپاري ڀوڄواڻي خاندان ڪراچي جي بانيڪارن ۾ شمار ٿين ٿا. هنن جو اثر رسوخ هر دور جي حڪومت ۾ رهيو. ڪراچي جو واپاري ۽ سماجي ڪاروهنوار هنن جي بلي هوندو هو. اڄ تصوير نظر مان گذري ته هي يادگار ۽ اهم تصوير اوهان جي ڄاڻ خاطر هتي رکي ڇڏيم.

 گاسليٽي لڏي کي تاريخ جو گهرو مطالعو ڪرڻ گهرجي جيڪي نڪ جي پڪائي ۽ وڏي بي حيائي سان ڪراچي ءَکي پيءُ جو شھر سمجهن ٿا. انهن کي تاريخ ڌڪاري ٻاهر ڪري ڇڏيندي. تاريخ جي انڪاري شخص، قوم يا گروه جي ڪابه حيثيت اهميت ناهي هوندي. ان جي اهميت نه عالمي برادري وٽ هوندي آهي نه اقوام متحدا ۾ نه ئي سماج اندر هوندي آهي. نه ان جي اهميت تاريخ ۾ هوندي آهي. تاريخ کي مڃڻ واري قوم ئي دنيا ۾ اڳتي وڌندي آهي .

____________

فقير عبدالستار سنڌي گابراڻي ڪراچي سنڌ ۽ نور محمد ڪلهوڙي جي فيس بُڪ وال تان سوشل ميڊيا مانيٽرنگ سلسلي ھيٺ کنيل

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. اسان اهڙي معلوماتي مضمون لاءِ شڪرگذار آهيون، ليکڪ ايڊيٽر وڏي سلام جو مستحق آهي 👏 اهڙا مضمون لکڻ ۽ پنهنجي ويجهي ماضي کي محفوظ ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. مون کي ياد آهي ته اهو مسٽر هرچند راءِ هو جنهن بمبئي پريزيڊنسي کان سنڌ جي عليحدگي جو ڪيس شروع ڪيو هو، سندس خاموش صلاحڪار مسٽر غلام مصطفيٰ عيساني هو جيڪو سکر ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هو ۽ بعد ۾ ڪراچي منتقل ٿي ويو.
    شڪرگذار ڪرنل حسن امام

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button