Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

جادو گھر طور مشھور ڪراچيءَ جي فري ميسن لاج جي خاموش تاريخ ۽ راز

ڪراچيءَ جي ايم آر ڪياني روڊ تان لنگهندي پيلي گزري پٿر سان تعمير ٿيل فري ميسن لاج جي شاهڪار عمارت اڄ به پنهنجي اندر بيٺڪي دور جي پراسرار تاريخ لڪايو بيٺي آهي. عام شهرين ۾ “جادو گهر” جي نالي سان مشهور هيءَ عمارت دراصل انگريز حڪمرانن، پارسي تاجرن، هندو سيٺين ۽ مسلم بيرسٽرن جو اهو ڳجهو مرڪز هئي جتي سندن گڏيل اثر رسوخ شهر جي سياسي ۽ معاشي تقدير لکندو هو.

​​تحرير: ابراهيم صالح محمد

​​ڪراچيءَ جي ايم آر ڪياني روڊ تي ڪراچي پريس ڪلب جي ويجهو، پيلي گزري پٿر سان تعمير ٿيل ايڊورڊين طرز جي شاهڪار عمارت جي اڳيان لنگهندي اڄ وِرلي ئي ڪو اهو اندازو ڪري سگهي ٿو ته انهن خاموش راهدارين، ڪاٺ جي ڏاڪڻين ۽ بلند ٿنڀن جي پويان ڪراچيءَ جي هڪ ڊگھي، پراسرار ۽ اثرائتي تاريخ لڪل آهي. عام شهرين لاءِ سالن تائين “جادو گھر” جي نالي سان مشھور رهندڙ هيءَ عمارت دراصل “فري ميسن لاج” يا “لاج آف هوپ” هئي، جيڪو هڪ اهڙو مرڪز ھو جنهن جي بند دروازن پويان بيٺڪي طاقت ۽ مقامي ايليٽ ڪلاس جي لاڳاپن جي هڪ تاريخ موجود آھي.

​برطانوي راڄ دوران ڪراچيءَ ۾ جتي ريل، بندرگاهه ۽ تجارتي منڊيون قائم ٿي رهيون هيون، اتي هن خفيہ سوسائٽيءَ شهر جي سياسي، معاشي ۽ بلدياتي زندگيءَ تي گهرا نقش ڇڏيا.

​​سنڌ تي برطانوي قبضي (1843ع) کان ٿورو اڳ، 1842ع ۾ اسڪاٽ لينڊ سان تعلق رکندڙ مشھور ڊاڪٽر، سائنسدان ۽ گرانڊ ماسٽر ڊاڪٽر جيمز برنز (Dr. James Burnes) ڪراچيءَ ۾ فري ميسنريءَ جو بنياد رکڻ جي هدايت جاري ڪئي. ان جو مقصد سنڌ ۾ مقرر برطانوي فوجي ۽ سول عملدارن لاءِ هڪ اهڙو اتحاد ۽ نگارخانو قائم ڪرڻ هو جتي اهي پنهنجي عالمي فلسفي، يعني “اخلاقي ارتقا ۽ ڀائپيءَ” تحت گڏ ٿي سگهن.

​شروعات ۾ هن لاج جا اجلاس صدر ۽ ڪنٽونمينٽ جي عارضي جاءِ تي ٿيندا هئا. بھرحال ويھين صديءَ جي شروعات ۾ جڏهن ڪراچي بمبئي پريزيڊنسيءَ تحت هڪ شاندار ۽ جديد ميٽروپوليٽن شهر جي صورت اختيار ڪري رهيو هو، ته فري ميسنز لاءِ هڪ باقاعده ۽ مستقل مرڪز جي ضرورت محسوس ڪئي وئي.

​نيٺ  18 ڊسمبر 1914ع تي لاج آف هوپ ” (Lodge of Hope No. 360 SC) جي شاندار عمارت جو افتتاح ٿيو. هن عمارت جي تعمير ۾ يوناني ڪلاسيڪل ٿنڀا، سونهري پالش واريون ڪاٺ جون ڏاڪڻيون، وسيع ڊائننگ هال ۽ هڪ پرسڪون لائبريري شامل ڪئي وئي، جيڪا ان دور جي برطانوي اشرافيا جي پرتڪلف ذوق جي عڪاسي ڪندي هئي.

اهو تاثر عام آهي ته فري ميسن لاج صرف انگرَيز حڪمرانن جو اڏو هو، پر تاريخي حقيقتن مان ثابت ٿئي ٿو ته اڻويھين صديءَ جي آخر ۽ ويھين صديءَ جي شروعات ۾ هيءَ لاج قديم ڪراچيءَ جي سڀ کان طاقتور، بااثر ۽ گھڻ مذهب طبقي جو مرڪزي اجتماعي مرڪز بنجي چڪي هئي.

​​برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا جج، ڪليڪٽر ۽ فوج جا اعلي آفيسر هن لاج جا بنيادي ميمبر هئا.

​پارسي تاجر بہ انگريز انتظاميا کي فڪري ۽ معاشي طور تمام ويجھو هئا. جهانگير ڪوٺاري، ايڊلجي ڊنشا، ۽ ميٿا خاندانن جهڙين بااثر پارسي شخصيتن جا ڪيترائي فرد انگريز آفيسرن سان گڏ هن ئي لاج ۾ برابريءَ جي سطح تي ويهندا هئا.

ويھين صديءَ ۾ انگريزي تعليم يافته مقامي اشرافيا، ناميارن هندو سيٺين ۽ ولايت مان پڙهيل مسلم بيرسٽرن ۽ ججن به هن لاج جي رڪنيت اختيار ڪئي.

​جيتوڻيڪ فري ميسن لاج جي اندر سياست ۽ مذھب تي بحث ڪرڻ تي رسمي پابندي هئي، پر شهر جي تمام بااثر معاشي ۽ انتظامي مھرن جو هڪ ئي ڇت هيٺ گڏ ٿيڻ ان ڳالهه جي ضمانت هو ته ڪراچيءَ جي بندرگاهه، بلدياتي منصوبن، ۽ تجارتي نيٽورڪن لاءِ اهم غير رسمي فيصلا انهيءَ عمارت جي راهدارين ۾ ٿيندا هئا.

نوآبادياتي دور ۾ عام شهرين، مزدورن ۽ مقامي غريب آباديءَ لاءِ هن عمارت جي اندر قدم رکڻ ته پري جي ڳالهه، ان جي ويجهو وڃڻ به ناممڪن هو. شام جو جڏهن بگين ۽ قيمتي گاڏين ۾ سوار ٿي بااثر شخصيتون هتي پهچنديون ۽ عمارت جا وزني ڪاٺ جا دروازا بند ڪيا ويندا هئا، ته ٻاهر جي دنيا ۾ قياس آرائين جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويندو هو.

​عمارت جي اندرين هالن جي فرشي ٽائلن، پلڪار ۽ ڪمپاس جي پراسرار علامتن، ۽ ميمبرن جي مخصوص اشارن توڙي هٿ ملائڻ جي طريقن عوام جي ذهنن ۾ دهشت ۽ حيرت پيدا ڪري ڇڏي.

​مقامي آباديءَ هن پراسرار ۽ الڳ ٿلڳ عمارت کي “جادُو گھر” جو نالو ڏئي ڇڏيو. عوام جو خيال هو ته انگريز ۽ سيٺيون رات جي اونداهيءَ ۾ اندر گڏ ٿي ڪارو جادو ڪن ٿا، سحر انگيز عمل ذريعي غيب جو علم حاصل ڪن ٿا يا ڪنهن اڻ ڏٺي طاقت کي تسخير ڪن ٿا. اهي ديومالائي ڪهاڻيون عام رهيون ۽ نسل در نسل ڪراچيءَ جي لوڪ داستانوي حافظي جو حصو بڻجي ويون.

​فري ميسنريءَ جو پنهنجي دعوي اها هئي ته اها محض هڪ غير مذهبي اخلاقي ڀائپي آهي جنهن ۾ هر ان شخص کي شامل ڪيو ويندو آهي جيڪو ڪنهن هڪ اعلي طاقت (God) تي يقين رکندو هجي. پر ان جي اندروني فلسفي ۽ رسومات ۾ هيڪلِ سليماني (Solomon’s Temple) جي تعمير ۽ قباله (Kabbalah) جي يهودي تصوف جي علامتن جو گهرو دخل هو.

​ويھين صديءَ جي اڌ ۾، خاص طور تي 1948ع ۾ صهيوني رياست جي قيام کانپوءِ، عالمي سطح تي اهو بحث وڌي ويو ته فري ميسنري ۽ صهيونيت جي وچ ۾ پسِ پرده گهرا رابطا موجود آهن. عالمِ اسلام ۽ ڪيٿولڪ چرچ ٻنهي هن تنظيم تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ان کي اسلامي توڙي ملڪي مفادن خلاف هڪ بين الاقوامي ڳجھو نيٽورڪ قرار ڏنو.

​قيامِ پاڪستان کانپوءِ به ڪراچيءَ جو هي فري ميسن لاج ڪجهه ڏهاڪن تائين عارضي ۽ محدود پيماني تي ڪم ڪندو رهيو. پر آخر 1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت هڪ تاريخي فيصلو ڪندي پاڪستان ۾ فري ميسنري ۽ ان سان وابسته تمام لاجن تي مڪمل پابندي وجھي ڇڏي.

​پابنديءَ کانپوءِ، ڪراچيءَ جي هن “جادو گھر” جا سمورا رڪارڊ، علامتون ۽ چابيون رياست پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون.

​​1990ع جي ڏهاڪي ۾ هيءَ عمارت سنڌ جي جهنگلي جيوت جي کاتي جي حوالي ڪئي وئي. سنڌ ڪلچرل هيريٽيج ائڪٽ 1994ع تحت هن شاندار تاريخي عمارت کي محفوظ قومي ۽ صوبائي ورثو قرار ڏنو ويو.

​اڄ هن عمارت جي مرڪزي هالن ۽ ڪمرن ۾ سنڌ وائلڊ لائيف جا دفتر، ناياب حنوط ٿيل جانورن ۽ پکين جو هڪ ننڍڙو نيچرل هسٽري ميوزيم ۽ پبلڪ لائبريري قائم آهي.

​ڪراچيءَ جو فري ميسن لاج محض هڪ پراڻي عمارت ناهي، بلڪه هيءَ نوابادياتي دور جي ان سماجي ۽ معاشي شطرنج جو زنده ثبوت آهي جنهن جديد ڪراچيءَ جا بنياد رکيا. هيءَ عمارت ان ڳالهه جي گواهه آهي ته ڪنهن طرح هڪ غير ملڪي پرمار طاقت مقامي ايليٽ ڪلاس کي پاڻ سان ملائي هڪ ڳجھو ۽ بااثر نيٽورڪ قائم ڪيو.

​اڄ جيتوڻيڪ هن عمارت اندر جو “جادو” ختم ٿي چڪو آهي ۽ فري ميسنز جو راز تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي چڪو آهي، پر ان جون خوبصورت ڪاٺ جون ڏاڪڻيون، سونهري پالش وارا دروازا ۽ خاموش راهداريون اڄ به خاموشيءَ سان ان دور جو داستان ٻڌائن ٿيون جڏهن ڪراچيءَ تي انگريز بيوروڪريٽ، پارسي تاجر، هندو سيٺ ۽ مسلم بيرسٽر ملي هڪ بند ڪمري مان حڪومت ڪندا هئا.

____________

Ibrahim Saleh Muhammad-TheAsiaN

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button