عوامي شخصيتن تي رپورٽنگ لاءِ ڪوريائي رھنما اُصول
ڪوبہ اھڙومواد شايع ڪرڻ کان اڳ هڪ صحافيءَ لاءِ سڀ کان اهم سوال اهو هوندو آهي: “عوام کي اها معلومات ڄاڻڻ جي ضرورت ڇو آهي؟“ دنيا جي نيوز رومز کي ان تي غور ڪرڻ گهرجي.

اڳوڻي سپريم ڪورٽ جي جسٽس ڪِم جي-هيونگ ۽ پروفيسر ڪوئون تائي-سانگ (Kweon Tae-sang) عدالت جي فيصلن جي تحقيقي تجزيي تي ٻڌل عملي رهنمائي تجويز ڪن ٿا، جيڪا نيوز رومز کي صحافتي آزادي ۽ شخصي حقن جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ عملي فريم ورڪ فراهم ڪري ٿي.
عوامي شخصيت (Public Figure) ڪير آهي؟
هڪ صدر يا پارليامينٽ جو ميمبر ته پڌري طور تي ان معيار تي پورو لهي ٿو. پر هڪ ڪاروباري ايگزيڪيٽو، سيلبرٽي، رانديگر، يا ملين فالوئرز واري يوٽيوب رڪارڊر بابت ڇا چئبو؟ ۽ ميڊيا کي انهن جي جيون ساٿين، ٻارن، يا ڀاتين بابت رپورٽنگ ۾ ڪيترو اڳتي وڌڻ جي اجازت هجڻ گهرجي؟
اهي سوال صرف ڏکڻ ڪوريا تائين محدود ناهن. هر هنڌ جي نيوز رومز کي عوام جي ڄاڻڻ جي حق ۽ فرد جي عزتِ نفس، رازداري، ۽ وقار جي حقن جي وچ ۾ هڪ جهڙو تڪرار درپيش آھي. سوشل ميڊيا جي هن دور ۾، جتي هڪ عام ماڻهو راتو رات عالمي سطح تي مشهور ٿي سگهي ٿو، اتي اها حد مقرر ڪرڻ وڌيڪ ڏکي ٿي وئي آهي.
ٻن ڏکڻ ڪوريائي قانوني ماهرن هڪ اهڙو فريم ورڪ تجويز ڪيو آهي جيڪو ڪوريا کان ٻاهر به توجهه جو اهل آهي.
ڪم جي-هيونگ، جيڪو سيول نيشنل يونيورسٽي اسڪول آف لا جو پروفيسر ۽ ڏکڻ ڪوريا جي سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جسٽس آهي، ۽ ڪوئون تائي-سانگ، جيڪو ايوا وومينز يونيورسٽي اسڪول آف لا جو پروفيسر آهي، ڪوريائي ليگل سينٽر پاران شايع ٿيندڙ جرنل Justice جي آگسٽ 2026 واري شماري ۾ 60 صفحن جو هڪ تحقيقي مقالو شايع ڪيو، جنهن جو عنوان هو: “عوامي شخصيتن جي ميڊيا ڪوريج مان پيدا ٿيندڙ شخصي حقن جي پامالي جي غيرقانوني هجڻ کي طئہ ڪرڻ جا معيار”.
جيڪا شئي انهن جي ڪم کي صحافين لاءِ خاص طور تي فائديمند بڻائي ٿي، اها ھيءَ آهي ته اهو صرف قانوني نظريي تائين محدود ناهي. ليکڪن عدالت جي فيصلن جو تحقيقي ۽ شمارياتي تجزيو ڪيو آهي، ۽ پوءِ پنهنجي نتيجن کي عملي رهنمائي ۾ تبديل ڪيو آهي جن تي صحافي اشاعت کان اڳ غور ڪري سگهن ٿا.
عوامي شخصيت صرف هڪ مشهور شخص ناهي
محقق پنهنجي تحقيق جي شروعات سوال کي تبديل ڪندي ڪن ٿا.
صرف اهو پڇڻ جي بجاءِ ته “عوامي شخصيت ڪير آهي؟”، اهي پڇن ٿا ته ڪجهه ماڻهن بابت رپورٽنگ کي عام ماڻهن بابت رپورٽنگ کان الڳ يا مختلف نموني ڇو ڏٺو وڃي.
اهي عوامي شخصيتن جي وسيع تعريف ڪن ٿا: اهي ماڻهو جن جي سماجي حيثيت، ڪردار، ۽ اثر رسوخ کي مدنظر رکندي انهن بابت رپورٽنگ ۾ نمايان عوامي دلچسپي موجود هجي.
پوءِ اهي عوامي شخصيت هجڻ واري ۽ سڃاڻپ طئہ ڪرڻ لاءِ ٽي بنيادي عنصر ٻڌائين ٿا: رضاڪاراڻي (voluntariness)، عوامي اهميت (public relevance)، ۽ شهرت (fame).
اهي عنصر ڪنهن ميڪانيڪل چيڪ لسٽ طور استعمال ڪرڻ لاءِ ناهن. اهي هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿين ٿا. اهي عنصر جيترا مضبوط ۽ وڌيڪ هوندا، اظهار جي آزاديءَ کي اوترو ئي وسيع دائرو ڏيڻ جو جواز هوندو.
خاص اهميت واري ڳالهه: عوامي اهميت ۽ صرف شهرت جي وچ ۾ فرق آهي.
حڪومتي اختيار استعمال ڪندڙ سياستدان ۽ خانداني زندگيءَ تي بحث ڪندڙ مشهور اداڪار، ٻئي وڏي پيماني تي سڃاتا ويندڙ ٿي سگهن ٿا، پر انهن جي جاچ پڙتال ۾ عوامي دلچسپي ساڳي هجڻ ضروري ناهي. ساڳي طرح، ملين فالوئرز رکندڙ هڪ انفلوئنسر صرف مشهور هجڻ جي ڪري پاڻمرادو رازداري جا سڀ حق نٿو وڃائي ڇڏي.
اهو فرق ڪوريا کان پري تائين به يڪسان اهميت رکي ٿو.
عدالتون اصل ۾ ڇا ظاهر ڪن ٿيون
هن تحقيق جي هڪ ٻي طاقت ان جو تحقيقي ۽ تجرباتي ثبوت آهي.
ڪوريا پريس آربرٽريشن ڪميشن جي تجزيو ڪيل عدالتي فيصلن جي ڊيٽا موجب، 2021 کان 2023 تائين عزت ۽ شهرت کي نقصان پهچائڻ جي ڪيسن ۾ عوامي شخصيتن 193 مان 77 ڪيسن ۾ (يعني 39.8 سيڪڙو) جزوي يا مڪمل ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته عام ماڻهن 143 مان 73 ڪيسن ۾ (يعني 51 سيڪڙو) ڪاميابي ماڻي.
نقصان جي دعوائن (damages claims) ۾ اهو فرق اڃا به وڌيڪ واضح هو: عوامي شخصيتون 31.3 سيڪڙو ڪيسن ۾ ڪامياب ٿيون، جڏهن ته عام ماڻهو 50 سيڪڙو ڪيسن ۾ ڪامياب ٿيا.
اهي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ڪوريائي عدالتون اڳ ۾ ئي عوامي شخصيتن جي ڪوريج وقت اظهار جي آزاديءَ کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جو رجحان رکن ٿيون.
پوءِ به ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪنهن شخص کي عوامي شخصيت جو درجو ملڻ کانپوءِ ان بابت ڪجھ به شايع يا رپورٽ ڪري سگهجي ٿو.
عوامي شخصيت هجڻ صرف هڪ مدنظر رکڻ جهڙو نقطو آهي.
تجويز ڪيل فريم ورڪ عدالتن — ۽ صحافين — کي اهي ڳالهيون به مدنظر رکڻ لاءِ چوي ٿو: پاڻ ان معلومات جي عوامي اهميت، اشاعت مان حاصل ٿيندڙ فائدا بمقابله فرد کي پهچندڙ نقصان، تڪڙي گهرج ۽ بروقت هجڻ، ذريعن جي قابلِ اعتماد هجڻ، ۽ اها صورت يا طريقيڪار جنهن ۾ معلومات رپورٽ ڪئي وئي آهي.
عدالتي پرک کي نيوز روم جي سوال ۾ تبديل ڪرڻ
اهو ئي نقطو آهي جتي ڪوريائي تجويز بين الاقوامي سطح تي مڪمل طور سان لاڳاپيل ٿئي ٿي.
عدالتون معمول مطابق اهي فيصلا اشاعت کانپوءِ ڪنديون آهن. هڪ مضمون شايع ٿئي ٿو، متاثر شخص دعوي ڪري ٿو ته ان جي عزت يا رازداري پامال ٿي آهي، ۽ پوءِ جج اظهار جي آزاديءَ ۽ شخصي حقن جي وچ ۾ ڀيٽ ڪري ٿو.
ڪِم ۽ ڪوئون تجويز ڪن ٿا ته انهن سوالن کي پرنٽ يا نشر ٿيڻ کان اڳ — يعني اشاعت کان اڳ نيوز روم ۾ کنيو وڃي.
هڪ رپورٽر يا ايڊيٽر پڇي سگهي ٿو:
هي شخص عوامي جاچ پڙتال جي دائري ۾ ڇو اچي ٿو؟
ڇا اها مخصوص معلومات سچ پچ عوامي مفاد جي خذمت ڪري ٿي؟
ڇا اشاعت جي سماجي قيمت فرد کي پهچندڙ نقصان کان وڌيڪ آهي؟
ڇا ذريعا ڪافي حد تائين قابلِ اعتماد آهن؟
ڇا اها ساڳي معلومات گھٽ تڪليف ده يا گھٽ مداخلت ڪندڙ طريقي سان رپورٽ ڪري سگهجي ٿي؟
ان مان ڪوبه سوال صرف ڪوريا تائين محدود ناهي.
اهي سوال سيول ۾ سياسي اڳواڻ، نيو يارڪ ۾ ڪاروباري ايگزيڪيٽو، ٽوڪيو ۾ سيلبرٽي، پئرس ۾ رانديگر، يا نئين دهليءَ ۾ ڪنهن انفلوئنسر جي جاچ ڪندڙ رپورٽر پڇي سگهن ٿا.
پريس جي آزاديءَ تي ڪا پابندي ناهي
“رپورٽنگ رهنمائي” جو اصطلاح صحافين تي پابندين جي هڪ ٻئي سيٽ جهڙو لڳي سگهي ٿو. جڏهن ته، هن تجويز جو منطق هڪ مختلف طرف اشارو ڪري ٿو.
هڪ واضح ۽ منطقي فريم ورڪ صحافين کي اهو سمجھائڻ ۾ مدد ڪري پريس جي آزاديءَ کي مضبوط بڻائي سگهي ٿو ته مداخلت ڪندڙ رپورٽنگ ڇو جائز هئي.
ڪِم ڏهاڪن کان مختلف عهدن تان اظهار جي آزاديءَ ۽ شخصي حقن جي وچ ۾ توازن ۽ تڪرار جو جائزو وٺندو رهيو آهي — هڪ جج، قانوني ماهر، سپريم ڪورٽ جسٽس، ۽ ڪوريا پريس ايٿڪس ڪميشن جي چيئرمين طور.
عوامي شخصيتن واري سوال سان سندس وابستگي ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ پراڻي آهي. 1995ع ۾ جج طور خدمات سرانجام ڏيڻ دوران، هن “دی روز آف شيرون هيز بلومڊ” (The Rose of Sharon Has Bloomed) نالي ناول بابت هڪ ڪيس جو فيصلو لکيو هو، جنهن جي فرضي ڪهاڻي ڪوريائي سائنسدان (physicist) لي وائيسو (Lee Whiso) جي زندگيءَ تان ورتل هئي. ان فيصلي کي “عوامي شخصيت” يا “عوامي فرد” جو مفهوم استعمال ڪندڙ پهرين ڪوريائي عدالتي فيصلي طور بيان ڪيو وڃي ٿو.
30 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ کانپوءِ، ميڊيا جو ماحول مڪمل طور تي تبديل ٿي چڪو آهي.
هاڻي صرف سياسي اڳواڻ ۽ اعلي عملدار ئي وڏو عوامي اثر رسوخ رکڻ وارا ناهن رهيا. ڪاروباري اڳواڻ، رانديگر، فنڪار، ڪنٽينٽ ڪريئيٽرس، ۽ انفلوئنسرز به روايتي اخبارن يا براڊڪاسٽرز کان وڏو ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ طبقو حاصل ڪري سگهن ٿا.
ساڳئي وقت، يوٽيوب چينلز ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس اهي ڪم سرانجام ڏئي سگهن ٿا جيڪي ڪڏهن صرف پيشه ورانه خبرن جي تنظيمن تائين محدود هئا.
تنهن ڪري، بنيادي سوال هاڻي اهو ناهي رهيو ته صحافي ڪير آهي، بلڪه عوام تائين معلومات پهچائڻ واري عمل سان ڪهڙي ذميواري لاڳاپيل آهي.
ڪوريائي رهنمائي کان عالمي نيوز روم ٽول تائين
قانوني نظام مختلف هوندا آهن. ڏکڻ ڪوريا ۾ تقرير جي آئيني تحفظ، عزت جي قانون، ۽ رازداري جي اصولن سان لاڳاپيل قانون آمريڪا، يورپ، جاپان، انڊيا، يا ٻين هنڌن جهڙا ساڳيا ناهن.
تنهن ڪري، ڪوريائي فريم ورڪ کي جيئن جو تيئن ٻئي قانوني نظام ۾ لاڳو نه ڪرڻ گهرجي.
بهرحال، ان جا بنيادي اصول عالمي سطح تي تيزيءَ سان اثر انداز ٿين ٿا.
جيڪي ماڻهو رضاڪارانه طور تي وڏو عوامي اثر رسوخ استعمال ڪن ٿا، انهن کي عام طور تي وڌيڪ جاچ پڙتال جو منهن ڏسڻو پوندو. صرف شهرت مان رازداري ختم نٿي ٿئي. معلومات جي عوامي قدر ۽ اشاعت سبب ٿيندڙ نقصان جي ڀيٽ ٿيڻ گهرجي. ذريعن جي قابلِ اعتماد هجڻ ۽ رپورٽنگ جي طريقيڪار کي اهميت ملڻ گهرجي.
اهي صرف ڪوريائي اصول ناهن، اهي ذميوار صحافت جي روح سان لاڳاپيل سوال آهن.
اي آءِ (AI) ۽ سوشل ميڊيا جي هن دور ۾، اهو موضوع عالمي بڻجي رهيو آهي. معلومات هڪ ڀيرو شايع ٿيڻ کانپوءِ ڪجھ سيڪنڊن ۾ سرحدون پار ڪري سگهي ٿي. هاڻي صرف صحافي ئي اهڙا ناهن رهيا جيڪي وڏو اخلاقي يا شهرتي نقصان پهچائي سگهن — يا عوامي اهميت رکندڙ غلط ڪاررواين کي ظاهر ڪري سگهن.
تنهن ڪري، ڪِم ۽ ڪوئون پاران تجويز ڪيل رهنمائيءَ واري فريم ورڪ جو جائزو ڪوريا کان ٻاهر جون خبرن جون تنظيمون، صحافت جا اسڪول، پريس ڪائونسلون، ۽ صحافين جون تنظيمون وٺي سگهن ٿيون، ۽ ضرورت موجب پنهنجن قانونن ۽ پيشه ورانه روايتن مطابق ان کي ڍالي سگهن ٿيون.
اهي عوامي شخصيتن تي رپورٽنگ بابت گڏيل اصولن تي بين الاقوامي بحث لاءِ هڪ تمام ڪارائتي شروعاتي نقطو پڻ فراهم ڪري سگهن ٿا.
آخري ڳالهه اها ته، اشاعت کان اڳ صحافيءَ لاءِ سڀ کان اهم سوال حيرت انگيز طور تي سادو ٿي سگهي ٿو:
اهو نه ته “هي شخص ڪيترو مشهور آهي؟” بلڪه “عوام کي اهي معلومات ڄاڻڻ جي ضرورت ڇو آهي؟”
هڪ نيوز روم جيڪو ان سوال جو يقين ڏياريندڙ ۽ دليل واري انداز ۾ جواب ڏئي سگهي ٿو، اهو پريس جي آزاديءَ جي دفاع ۽ انساني وقار جو احترام ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مضبوط پوزيشن ۾ هوندو آهي.
ڪوريا ۾ جوڙيل رپورٽنگ فريم ورڪ جو ڪوريائي فريم ورڪ رهڻ ئي ضروري ناهي.
________________
ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



