سُر پورب جون روحاني رمزون: جاڳو، وقت گهٽ آهي، ۽ منزل اڃا پري آهي
پورب لفظ پاڻ ۾ اوڀر، شروعات، ۽ روشنيءَ جي علامت آهي۔ اهو اُڀرندڙ سج جي پهرين ڪرڻن وانگر آهي، جيڪي اونداهين کي چيريندي نئين ڏينهن جي آمد جو اعلان ڪن ٿيون

حڪيم پريم چاندواڻي
سنڌ جي صوفياڻي ورثي ۾ جڏهن به روحانيت جي روشنيءَ جو ذڪر ٿيندو آهي، تڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام هڪ آفاقي چراغ وانگر سامهون اچي بيهندو آهي۔ سندس هر سر، هر بيت، رڳو لفظن جو مجموعو ناهي، پر اهو هڪ روحاني سفر، هڪ باطني پيغام ۽ هڪ اڻکٽ سچائيءَ جو سرچشمو آهي۔ انهن ئي سرن مان سر پورب به هڪ اهڙو سر آهي، جيڪو انسان جي اندروني دنيا کي ڇُهي، ان کي پنهنجي اصليت ڏانهن موٽڻ جو سڏ ڏئي ٿو۔
پورب لفظ پاڻ ۾ اوڀر، شروعات، ۽ روشنيءَ جي علامت آهي۔ اهو اُڀرندڙ سج جي پهرين ڪرڻن وانگر آهي، جيڪي اونداهين کي چيريندي نئين ڏينهن جي آمد جو اعلان ڪن ٿيون۔ سر پورب جي روحاني رمز به اهڙي ئي آهي، اها انسان کي اونداهين مان ڪڍي، نور جي راهه ڏانهن وٺي وڃي ٿي۔ هتي ڀٽائي صاحب انسان کي اهو سيکاري ٿو ته اصل سج ۽ روشني ٻاهر نه، پر اندر جي دنيا ۾ موجود آهي۔
سر پورب ۾ هڪ اهم راز سفر جو آهي، پر اهو ظاهري سفر نه، پر باطني سفر آهي۔ انسان جي زندگيءَ جو اصل مقصد به اهو ئي آهي ته هو پنهنجي اندر جي حقيقت کي سڃاڻي۔ جڏهن انسان پاڻ کي سڃاڻي ٿو، تڏهن هو پنهنجي خالق کي به سڃاڻڻ لڳي ٿو۔ اها ئي معرفت جي راهه آهي، جيڪا صوفين جي تعليمات جو بنياد رهي آهي۔
ڀٽائي ڀلارو سُر پورب ۾ اهو به بيان ڪري ٿو ته دنيا جي ظاهري رنگن ۽ رونقن ۾ ڦاسي وڃڻ اصل ۾ هڪ غفلت آهي۔ هي دنيا هڪ عارضي سراءِ آهي، جتي ماڻهو ڪجهه وقت لاءِ اچي ٿو ۽ پوءِ هليو وڃي ٿو۔ پر افسوس اهو آهي ته انسان هن عارضي قيام کي مستقل سمجهي، پنهنجي اصل مقصد کي وساري ويهي ٿو۔ سر پورب جي بيتن ۾ اها تنبيهه بار بار ملي ٿي ته “جاڳ، ڇو ته وقت گهٽ آهي، ۽ منزل اڃا پري آهي۔
هن سر ۾ عشق کي به هڪ اهم حيثيت حاصل آهي۔ پر اهو عشق ظاهري يا مجازي نه، پر حقيقي عشق آهي، جيڪو انسان کي پنهنجي رب سان جوڙي ٿو۔ اهو عشق انسان جي اندر جي انا کي ختم ڪري، ان کي عاجزي، محبت ۽ خلوص سان ڀري ڇڏي ٿو۔ جڏهن انسان پنهنجي مان کي ماري ڇڏي ٿو، تڏهن ئي هو تون جي سچائيءَ تائين پهچي ٿو۔
سر پورب جي هڪ ٻي اهم رمز وحدت آهي۔ ڀٽائي صاحب جي نظر ۾ ڪائنات جو هر ذرڙو هڪ ئي حقيقت جو عڪس آهي۔ فرق رڳو ظاهر ۾ آهي، پر اصل ۾ سڀ ڪجهه هڪ آهي۔ هي سوچ انسان کي نفرتن، تعصبن ۽ فرقن کان مٿي کڻي وڃي ٿي، ۽ ان کي محبت، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي راهه تي هلڻ سيکاري ٿي۔
ان کان علاوه، سر پورب ۾ صبر، شڪر ۽ توڪل جهڙن قدرن تي به زور ڏنو ويو آهي۔ ڀٽائي سرڪار انسان کي سيکاري ٿو ته مشڪلاتن ۾ به حوصلو نه وڃائجي، ۽ هر حال ۾ رب تي ڀروسو رکجي۔ ڇاڪاڻ تہ آزمائشون ئي انسان کي مضبوط ڪن ٿيون، ۽ انهن ذريعي ئي انسان جي اصل سڃاڻپ ظاهر ٿئي ٿي۔
آخر ۾، سر پورب جو پيغام اهو آهي ته انسان پنهنجي اندر جي دنيا کي سنواري، پنهنجي روح کي پاڪ ڪري، ۽ پنهنجي خالق سان سچي محبت جو رشتو قائم ڪري۔ اها ئي اصل ڪاميابي آهي، ۽ اهو ئي زندگيءَ جو حقيقي مقصد آهي۔ مثال طور ڪجھه بيت هيٺ ڏجن ٿا۔
آءُ اڏامي ڪانگڙا، پارانڀان پچار،
ويهي هت وصال جو، تان ڪو تر تنوار،
جي ڏسڻ ۾ ڏيسار، سي اڏامي آڻ پرين۔
اڏر لڳ الله، ويلو ڪر مَ وچ ۾،
آئون جو ڏيئين، سنيهو، سانڍ برابر ساھه،
سندي ڳجهاندر ڳاھ، ڪهج مَ قريبن ري۔
پرين جي پرديس ۾، تن جي ڪانگا ڪر خبر،
ته سڀ مڙهايان سون سين، پکي تنهنجا پر،
گهمي مٿان گهر، ڏج پارانڀا پرينء کي۔
آنديون ڪانگ قريب جون، اڄ واڌايون واھه،
من مرادون پنيون، ٿيون سراهيون ساھه،
آندا پرين الله، سڏ منهن جا ساب پيا۔
قريبن جو ڪانگڙو، مٿي ٽار ٽلي،
کنيو کنياتو خبرون، کيرون ڏئي کلي،
لائي جنهن لالن سين، منهنجي بات بلي۔
سو ور چشمن تي چلي، جو درباري دوس جو۔
ھيءُ سُر رڳو پڙهڻ لاءِ ناهي، پر ان کي محسوس ڪرڻو آهي، ان ۾ لڪل پيغامن کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائڻو آهي۔ جڏهن انسان سر پورب جي انهن روحاني رمزن کي سمجهي ٿو، تڏهن ئي سندس زندگيءَ ۾ حقيقي سڪون، روشني ۽ جيئڻ جو مقصد پيدا ٿئي ٿو۔
____________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شھر ۾ رھي ٿو



