جَين زِي (Gen Z) جي ڳاڙهين جُتين جو ناچ: نئين نسل جو الميو
هن نسل جو سڀ کان وڏو الميو اِھو ئي آهي ته سموري دنيا سندس ھٿ جي تَريءَ تي اچي وئي آهي، پر سندس پنهنجو وجود هٿن مان کسڪندو پيو وڃي.
اينڊرسن اڄ زنده هجي ها ته پنھنجي ڪھاڻيءَ ۾ شايد ڪنهن دڪان جي کڙڪي نه، پر سوشل ميڊيا جي اڻ کُٽ فيڊ (Endless Feed) لکي ها، جتي انسان پنهنجي محروميءَ کي هر پَل اسڪرول (Scroll) ڪندو رهي ٿو. فرق صرف اهو آهي ته ڪيرن جي پيرن ۾ چمڙي جي جُتي هئي ۽ اڄ جي ’جين زي‘ (Gen Z) جي هٿ ۾ هڪ چمڪندڙ اسڪرين آهي. باقي سڀ ڪجهه لڳ ڀڳ ساڳيو ئي آهي؛ اها ئي خواهش، اها ئي محرومي، اهو ئي ختم نہ ٿيندڙ رقص. اينڊرسن جي اڻويھين صديءَ جي ڪھاڻي ”ڳاڙهيون جُتيون“ جي پسمنظر ۾ لکيل دل کي ڇُھندڙ ليک.

ليکڪا: زينب نقوي / يُد بيضا
اڻويهين صديءَ جي شروعات ھُئي. فرينچ انقلاب جي طوفان جي دَز اڃا فضائن ۾ موجود ھُئي. نپولين جي جنگين يورپ جي مُنھن تي ٿڪاوٽ ملي ڇڏي هئي. يورپ هڪ پراڻي دنيا جي ملبي تي نئين دنيا اڏي رهيو هو. ڪارخانن جي چمنين مان دونھون نڪرڻ شروع ٿي چڪو هو. سرمائيداري هڪ نئين مذهب وانگر اُڀري رهي هئي ۽ گِرجائون غريبن کي صبر ۽ آخرت جو سبق ڏئي رهيون هيون. بُک، سردي ۽ پورھيو ٻارن جي جسمن مان ٻالپڪڻو ايئن پَٽي ڪڍي رهيا هئا، جيئن سياري جي هوا وڻن تان پن ڇاڻي ڇڏيندي آهي. ڪوپن هيگن جي گهٽين ۾ ڪنهن غريب ٻار جو سرديءَ وگهي مري وڃڻ ان دور ۾ ڪا غيرمعمولي خبر نه هئي.
ان ئي زماني ۾ هنس ڪرسچن اينڊرسن اک پٽي ٿو. پيءُ موچي اٿس، ماءُ اڻپڙهيل ۽ وهمن ۾ گھيريل عورت آهي. ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ مري وڃي ٿو. گھر جي غربت پنهنجي جاءِ تي، پر اينڊرسن جو جسم به سندس خوابن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيل هو. غيرمعمولي ڊگهو قد، ڏٻرا عضوا، وڏا پير ۽ وڏو نَڪُ. ماڻهو کيس ڏسي کِلندا هئا. جڏهن چوڏهن سالن جي عمر ۾ هُو اداڪار ٿيڻ جو خواب کڻي ڪوپن هيگن پهچي ٿو ته ٿيٽر وارا سندس آواز ۽ شڪل تي چِٿرون ڪن ٿا. هو سڄي ڄمار هڪ اهڙي انسان وانگر گذاري ٿو، جنهن کي دنيا ڪڏهن به مڪمل طور قبول نه ڪيو.
پر ڪڏهن ڪڏهن دنيا جن ماڻهن کي هجوم مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي آهي، اهي ئي ماڻهو انسان جا سڀ کان وڏا خواب لکندا آهن. اينڊرسن به پنهنجن زخمن کي ڪهاڻين ۾ بدلائڻ شروع ڪيو. سندس ڪهاڻين ۾ ٻيهر اهي ئي ٻار موٽي اچن ٿا جيڪي سرديءَ ۾ ٺري رهيا آهن، اهي ئي ماڻھو جيڪي هجوم ۾ بہ اڪيلا آهن، اهي ئي ڪردار جيڪي محبت لاءِ پنهنجي سڀ کان قيمتي شئي قربان ڪري ڇڏيندا آهن. ”بدصورت بدڪ جو ٻچڙو“ The Ugly Duckling اصل ۾ پاڻ اينڊرسن هو. جل پري The Little Mermaid بہ پاڻ اينڊرسن هو. ۽ شايد ”ماچيس واري ڇوڪري“ The Little Match Girl به پاڻ اينڊرسن ئي هو، جيڪو هڪ بي رحم دنيا جي وچ ۾ پنهنجن ننڍڙن هٿن ۾ ڪجهه ٻرندڙ تيلين سان، خواب ۽ حقيقت جي وچ ۾ ڪٿي رهجي ويو هو.
انهن ئي نوحن ۾ هڪ نوحو ”ڳاڙهيون جُتيون“ The Red Shoes به هو. محرومي جڏهن انسان جي اندر ۾ گهڻو اونھائيءَ تائين لهي وڃي ته اها صرف ڏک ناهي رهندي، هڪ رنگ بڻجي ويندي آهي. هڪ اهڙي خواهش جيڪا پهرين اکين ۾ جنم وٺندي آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي روح تي قابض ٿي ويندي آهي. ”ڳاڙهيون جُتيون“ اهڙي ئي هڪ خواهش جو نوحو آهي.
ڪيرن هڪ غريب ۽ يتيم ڇوڪري آهي. غربت سندس پير ننڍپڻ کان ئي زخمي ڪري ڇڏيا آهن. اونهاري ۾ اگهاڙين پيرن هلندي آهي، سياري ۾ ڪاٺ جا ڳورا سپاٽا سندس جسم کان وڌيڪ سندس روح کي زخمي ڪندا آهن. پوءِ هڪ ڏينهن هڪ پوڙهي موچڻ پراڻي ڳاڙهي ڪپڙي جي ٽڪرن مان کيس جُتين جو جوڙو سبي ڏيندي آهي. بي ڊوليون، بي ڍنگيون ۽ سستيون جُتيون. پر محروم ٻارن لاءِ خوبصورتي ڪڏهن به مڪمل ناهي ايندي، اها اڪثر ٽُڪرن ۾ ايندي آهي ۽ انهن ئي ٽُڪرن مان خواب اُڻبا آهن. ڪيرن جي خوابن کي هڪ امير عورت ملي ويندي آهي. پراڻيون جُتيون باهه ۾ اڇلايون وينديون آهن. نوان ڪپڙا، نوان آداب، نيون دعائون، پر انسان جي اندر جيڪو خال غربت ڇڏي ويندي آهي، اهو صرف مانيءَ سان ناهي ڀربو.
هڪ ڏينهن ڪيرن ان گهٽ نظر واري خاتون سان گڏ هڪ دڪان ۾ ڳاڙهي چمڙي جون چمڪندڙ جُتيون ڏسندي آهي. اهي جُتيون ڪنهن شهزاديءَ لاءِ ٺاهيون ويون هيون. پوڙهي عورت سمجهي ته اهي عام تقريب جا ڪارا يا چمڙي جا بُوٽ آهن، دڪاندار کي ان جي وڏي قيمت ادا ڪري ڪيرن کي ڏياري ڇڏيندي آهي. هڪ ڏينهن ڪيرن عورت کان لِڪي ڳاڙهيون جُتيون پائيندي آهي ۽ ان عورت سان گڏ گِرجا پهچي ٿي. هتان کان ڪھاڻي سرئيل (Surreal) يعني مافوق الفطرت ٿي وڃي ٿي.
گِرجا جي دروازي تي هڪ منڊو سپاهي بيٺل آهي. اينڊرسن هتي منڊي سپاهيءَ کي قسمت، سزا، ۽ معاشرتي قانونن جي هڪ مافوق الفطرت ڪارندي طور ڏيکاريو آهي، جيڪو غريبن جي قسمت تي پهرو ڏيڻ لاءِ بيٺو آهي ته جيئن هُو ڏسي سگهي ته ڪير پنهنجي دائري کان ٻاهر نڪرڻ جي جرئت ڪري ٿو.
سپاهيءَ جون اکيون ڪيرن جي چمڪندڙ ڳاڙهن جُتين کي ڏسي چمڪي اٿيون ۽ بي اختيار سندس واتان نڪتو، ”واهه، رقص لاءِ ڪيتريون نه خوبصورت جُتيون آهن!“. هن جُتيون صاف ڪرڻ جي اجازت گهري. ڪيرن به فخر ۾ پنهنجا ننڍڙا پير اڳيان وڌائي ڇڏيا. سپاهيءَ جُتين کي ھٿڙا گھمائي ڀڻ ڀڻ ڪندي بددعا ڏني، ”جڏهن هيءَ ناچ ڪري ته جُتيون سندس پيرن کان ڌار نه ٿين.“
۽ پوءِ ڄڻ تہ جادو ٿي پوي ٿو. ڪيرن جا پير ناچ ڪرڻ لڳن ٿا. پهرين آهستي، پوءِ بي اختيار، ۽ پوءِ هميشه لاءِ. هوءَ گهٽين، ميدانن، جهنگلن، برفباري ۽ اونداهين ۾ ناچ ڪندي هلي وڃي ٿي. بيهڻ چاهي ٿي پر بيهي نٿي سگهي. جُتيون هاڻي چمڙي جون ناهن رهيون، اهي سندس خواهش جي شڪل اختيار ڪري چڪيون آهن. ڪيرن آخرڪار ناچ ڪندي ڪندي جلاد جي دروازي تائين پهچي وڃي ٿي. سندس پير رت ۽ مٽيءَ سان ڀرجي چڪا آهن. ساهه ٽُٽِي رهيو آهي. اکين ۾ خوف آهي. هوءَ جلاد کي چوي ٿي، ”منهنجا پير ڪٽي ڇڏ، انهن جُتين سميت. هي ڌار نٿا ٿي سگهن“. جلاد جي ڪهاڙي زور سان ڪِري ٿي، رَڙ اُڀري ٿي ۽ ڪيرن جا پير جسم کان ڌار ٿي وڃن ٿا. پر الميو هتي ختم نٿو ٿئي. اهي ڪٽيل پير، انهن ڳاڙهين جُتين اندر پوءِ به ناچ ڪندا رهن ٿا. هڪ مستقل رقص جيڪو بند ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي.
”ڳاڙهيون جُتيون“پراڻي دور جي ڪهاڻي ضرور هئي، پر ان جو الميو پنهنجي دور تائين محدود نه هو. اينڊرسن اڄ زنده هجي ها ته شايد ڪنهن دڪان جي کڙڪي نه، پر سوشل ميڊيا جي اڻ کُٽ فيڊ (Endless Feed) لکي ها، جتي انسان پنهنجي محروميءَ کي هر پَل اسڪرول (Scroll) ڪندو رهي ٿو. فرق صرف اهو آهي ته ڪيرن جي پيرن ۾ چمڙي جي جُتي هئي ۽ اڄ جي ’جين زي‘ (Gen Z) جي هٿ ۾ هڪ چمڪندڙ اسڪرين آهي. باقي سڀ ڪجهه لڳ ڀڳ ساڳيو ئي آهي؛ اها ئي خواهش، اها ئي محرومي، اهو ئي ختم نہ ٿيندڙ رقص.
سچ پڇو ته مون کي هن نسل سان همدردي آهي. هنن اک ئي هڪ اهڙي دنيا ۾ پٽي آهي، جتي سماج اجتماعي زوال جو شڪار آهي ۽ جتي انسان جو قدر سندس دل، علم يا ڪردار سان نه، پر سندس ڏيکاءُ (Visibility) سان طئي ٿئي ٿو. سندن خواهشن جي دروازي تي هاڻي گرجا جو نه، پر الگورٿم (Algorithm) ۽ سرمائي جو سپاهي بيٺو آهي. هيءُ شايد پهريون نسل آهي جنهن اک پٽيندي ئي پاڻ کي پوري دنيا جي سامهون بيٺل ڏٺو. ان کان اڳ انسان صرف پنهنجي پاڙي، پنهنجي شهر يا پنهنجي طبقي سان پنهنجي ڀيٽ ڪندو هو. پر جين زي جو نوجوان پنهنجي بستري تي ليٽي ليٽي دبئي جي پينٽ هائوس، پئرس جي محبت، نيويارڪ جي جسم، سيول جي حسن ۽ لاس اينجلس جي ڪاميابيءَ جي وچ ۾ جاڳي ٿو. هو هر صبح پنهنجي زندگي کي ٻين جي هاءِ لائيٽ ريل (Highlight Reel) جي سامهون رکي ٿو. ۽ آهستي آهستي کيس پنهنجي اصل زندگي هڪ ناڪام ڊرافٽ (Draft) لڳڻ لڳي ٿي.
هي نسل شايد تاريخ جو پهريون نسل آهي جنهن کي مسلسل اهو احساس ڏياريو پيو وڃي ته هو ڪافي ناهي. هو خوبصورت ناهي، هو گهربل (Desired) ناهي، هو پيداواري (Productive) ناهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته هو خوش ناهي.
کيس اهو ٻڌائڻ وارو ڪو به ناهي ته الگورٿم محض هڪ مشين ناهي جيڪا سندس خواهشن ۽ دلچسپين کي مانيٽر ڪري ٿي، پر سرمائي جو اهو وياج خور (ساهوڪار) آهي جيڪو انسان جي محرومين مان منافعو ڪمائي ٿو. اهو ڄاڻي ٿو ته ڪٿي خواهش جاڳائڻي آهي ۽ ڪٿي احساسِ ڪمتري. ڪهڙي ڇوڪريءَ کي مسلسل خوبصورت چهرن، پرفيڪٽ جالائن (Jawline)، بيوٽي پروڊڪٽس ۽ ايسٿيٽڪس جي وچ ۾ بيهاري اهو يقين ڏيارڻو آهي ته سندس پنهنجو چهرو ڪافي ناهي. ڪهڙي ڇوڪري کي لگزري لائف اسٽائل، جم باڊي ۽ رات وچ ۾ ڪاميابيءَ جي ڪهاڻي (Overnight Success Story) ڏيکاري اهو احساس ڏيارڻو آهي ته هو پنهنجي عمر، پنهنجي ڪمائي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي هر معاملي ۾ پوئتي رهجي ويو آهي. ساهوڪار جي ڪمائيءَ لاءِ انسان جو بي چين رهڻ ضروري آهي. خواهش جيڪڏهن ختم ٿي وڃي ته واڌ ويجهه (Growth) رڪجي ويندي. بازار کي هر روز گروٿ کپي، واهپو (Consumption) کپي ۽ نئين بک کپي. هاڻي ڪير پڇي ته هن محدود (Finite) دنيا ۾ اڻ مِيئي (Infinite) گروٿ جو هي خواب آخر ڪيستائين هلي سگهي ٿو؟
ان ساهوڪار جي دلاسي ۾ اچي نوجوان پنهنجي زندگي گذارڻ جي بجاءِ ان کي پرفارم (Perform) ڪرڻ لڳي ٿو. ماني کائڻ کان اڳ تصوير، سفر کان اڳ اسٽوري، محبت کان اڳ ايسٿيٽڪ (Aesthetic)، ڏک کان اڳ ڪيپشن. زندگي آهستي آهستي حقيقت مان نڪري پريزنٽيشن (پيشڪش) ۾ بدلجڻ لڳي ٿي. هو زندگي جيئڻ کان وڌيڪ ان کي خوبصورت ڏيکارڻ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي ٿو. هو ناچ ڪري رهيو آهي پر خوشيءَ لاءِ نه، بلڪه وزيبلٽي (ڏيکاءُ) لاءِ، قبول ڪيو وڃڻ لاءِ، غائب نه ٿي وڃڻ جي خوف کان. سندس پير رتورت آهن. ذهن ٿڪجي چڪو آهي. ڌيان هزارين ٽڪرن ۾ ورهائجي چڪو آهي. پر رقص جاري آهي. هو فون بند ڪري ڇڏي ته به اندر جو شور بند نٿو ٿئي. چند ڪلاڪ آف لائن رهي کيس لڳندو آهي ڄڻ دنيا کيس ڇڏي اڳتي نڪري رهي آهي، ڄڻ ڪٿي ڪو ٻيو سندس جاءِ تي وڌيڪ خوبصورت، وڌيڪ ڪامياب ۽ وڌيڪ محبوب زندگي گذاري رهيو آهي.
شايد اهو ئي هن نسل جو سڀ کان وڏو الميو آهي ته سموري دنيا سندن ھٿ جي تَريءَ تي اچي وئي آهي، پر سندن پنهنجو وجود هٿن مان کسڪندو پيو وڃي.
_____________________
اُردوءَ مان ترجمو: جيمناءِ
ايڊيٽنگ: نصير اعجاز



