سنڌ جي تاريخ کي ڌاڙو: ڪوٽڌيجي قلعي ۾ لڳل توب جا پِتل جا 4 ڪڙا چوري
موهن جو دڙي مان لڌل 40 مھرون چوري ٿيڻ کان وٺي مختلف قديمي ماڳن تان نوادرات جي سمگلنگ تائين ۽ تازو ڪوٽ ڏيجي قلعي تي ٿيل چوري، اهي سڀ واقعا انهيءَ ڳالھ جو ثبوت آهن تہ تحفظ وارو نظام ڪمزور ۽ غير ذميوار آھي.
سنڌ جو نوادرات کاتو هنن واقعن جي ذميواري قبولي ۽ واضح ڪري تہ ھي واقعا سندن بي ڌياني ۽ ڪرپشن جو نتيجو آھن
اعزاز پيرزادو
قديمي ماڳ قومن جي سڃاڻپ، تاريخي ورثي ۽ گڏيل شعور جو حصو هوندا آهن. انهن جي حفاظت رياستي ذميواري ئي نہ پر قومي فرض پڻ آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ سنڌ جي قديم آثارن کي جيئن سنڀالڻ کپي تيئن سنڀاليو نہ پيو وڃي بلڪہ سنڀاليندڙ کاتي طرفان ئي ماڳن کي مسمار ڪيو پيو وڃي. دنيا اندر اعلي پائي جي تحقيقاتي اوزارن سان پنھنجي قومي تاريخي ورثن کي پروڙيو ۽ محفوظ ڪيو پيو وڃي پر سنڌ اندر بغير ماهرن جي ادارن کي هلائڻ، غير فني ماڻهن کي ذميوار عهدن تي ويهارڻ ۽ انهن کان ٺيڪدار وارو ڪم وٺڻ، هڪ اهڙو عمل آهي جنهن سبب نه صرف ماڳن جي تباھي وڌي آهي پر نوادرات کاتي سميت ھر اداري اندر ڪرپشن جو راڄ پڻ مضبوط ٿيو آهي.

ڪوٽ ڏيجي قلعي ۾ تاريخي توب ۾ لڳل پتل جي چئن ڪڙن جي چوري ڪو اتفاقي يا معمولي واقعو ناهي. اھو سنڌ جي تاريخ کي ڌاڙو آھي جيڪو ماڳن جي حوالي سان مسلسل بي ڌياني ۽ انتظامي نااهليءَ جو نتيجو آهي. موهن جو دڙي مان لڌل 40 مھرون چوري ٿيڻ کان وٺي مختلف قديمي ماڳن تان نوادرات جي سمگلنگ تائين ۽ تازو ڪوٽ ڏيجي قلعي تي ٿيل چوري، اهي سڀ واقعا انهيءَ ڳالھ جو ثبوت آهن تہ تحفظ وارو نظام ڪمزور ۽ غير ذميوار آھي.
نوادرات کاتو هنن واقعن جي ذميواري قبولي ۽ واضح ڪري تہ ھي واقعا سندن بي ڌياني ۽ ڪرپشن جو نتيجو آھن. گڏوگڏ سنڌ جو شاگرد بہ سمجھي تہ تاريخ جي تحفظ جي حوالي سان قومون ڪيتريون سنجيدا ھونديون آھن ۽ سنڌ اندر موھن جو دڙو جيڪو عالمي ورثي طور مڃيو وڃي ٿو، اھو بہ محفوظ ڪونہ آھي.
ڪوٽ ڏيجي قلعي تان ٿيل چوريءَ جي واردات جو ذميوار نوادرات کاتو آھي ۽ ان خلاف سنجيدا جدوجھد ڪرڻ گھرجي ۽ ان تاريخي نقصان جي ذميوارن کان پڇاڻو ٿيڻ گھرجي.

گذريل ٽن ڏهاڪن کان سنڌ اندر ٿيندڙ اڪثر آرڪيالاجيڪل تحقيقون نوان علمي لاڙا پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. تحقيقن جون رپورٽون لڪائي صرف نمائش لاءِ فوٽوگرافي ڪرڻ ۽ غيرسائنسي طريقيڪار سبب عام سنڌي ماڻهو تائين ڪا به نئين ڄاڻ نه پهتي آهي، نہ وري ان لاءِ ڪي سنجيدا ڪوششون ئي ورتيون پيون وڃن. نوادرات کاتي کي سائنسي دليلن ۽ ماڳن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ سوچڻ گھرجي پر ھتي صرف ٻاھرين ملڪن جون ٽيمون گھرائي تحقيقون نہ بلڪ صرف ڏيکاءُ ڪيو پيو وڃي.

نوادرات کاتي ۾ تہ ماھر نہ آھن پر جيڪي ماھر ھي گھرائين ٿا انھن بہ کين اھا سمجھاڻي ڏني آھي تہ اصليت کي لڪايو ۽ بس صرف خالي شوشا ڇنڊيو تہ اسان وٽ وڏا ڏاھا ۽ اڪابر اچن ٿا. پر آرڪيالاجيءَ جا نوجوان سمجھن ٿا تہ ھي صرف ڊرامو ڪيو پيو وڃي. آرڪيالاجي شعبي لطيف يونيورسٽي جي ٽيم برھمڻ آباد (منصورہ) تي تحقيق ڪئي ھئي جن ماڳ جي مونجھاري کي حل ڪيو. ان کان اول ماڳ کي اٺين صدي جو ماڳ سمجھو ويندو ھيو. اسان پندرنھن ڏينھن اندر سائنسي دليلن سان اھو ظاھر ڪيو تہ ھي ماڳ اٺين نہ بلڪہ ٻي صديءَ جو ماڳ آھي جيڪا رپورٽ پڻ نوادرات کاتي کي مليل آھي. ان کي اڃا تائين عام ڪيو ئي نہ ويو آهي. اهو عمل سنڌ جي ماڻهن کان سندن تاريخي ڄاڻ کي لڪائڻ برابر آهي.

سنڌ جا اهي نوجوان جيڪي آرڪيالاجي ۾ مھارت حاصل ڪري ويٺا آھن، جيڪي سنڌ جي تاريخ ۽ آرڪيالاجي جي ماڳن کي پنهنجي اک سان سڃاڻن ٿا سي نوادرات کاتي کي واضع پيغام ڏين ٿا تہ اوھان جيڪي ٻاهرين ملڪن مان ٽيمون گهرائي انھن کي جيڪي پروٽوڪول ۽ بجيٽون ڏيندا آهيو، ان جو 50 سيڪڙو سنڌ جي آرڪيالاجي جي شاگردن، محققن ۽ آرڪيالاجسٽ نوجوانن کي ڏيو. اسين اوهان کي مڪمل سائنسي دريافتون، رپورٽون ۽ تاريخي لاڙا پيش ڪري ڏيکارينداسين.

اسان ذميواري کڻون ٿا تہ اسان سنڌ جي تاريخي بيهڪ بابت نون سائنسي نتيجن تي پهچنداسين، ۽ ماضيءَ ۾ ڪيل تحقيقن جي بنيادن کي سمجھي سائنسي اصولن سان سنڌ جي تاريخ جي تحقيق متعلق وک اڳتي کڻنداسين. سنڌ جي تاريخ جا جيڪي مونجھارا اسان جي تاريخ ۾ الجهيل ڇڏيا ويا آهن تن جو مڪمل حل سائنسي بنيادن تي پيش ڪنداسين ۽ سنڌ جي تاريخ جي هر پاسي کي عالمي معيار مطابق دستاويز ڪنداسين.

سنڌ جو چپو چپو تاريخي عظمت جي شاهدي ڏئي ٿو. رڳو ضرورت آهي احساس، مھارت، ايمانداري ۽ سائنسي منطق سان ان کي سنڀالڻ جي. حال ۾ جيڪي سنڌ جي تاريخ تي سواليہ نشان آھن اھي حقيقت ۾ نوادرات کاتي جي ذميوارن لاءِ سواليہ نشان آھن جن پنھنجي ڪوتاھيءَ کي لڪائي سنڌ جي تاريخ کي منجھيل ڪوٺيو آھي. ذميوارن جي نااھلي ان مان واضح آھي تہ ھڪ ماڳ جي تاريخي اثاثن جي چوري ٿي وئي ۽ ھيئنر تائين نہ چوري واپس ٿي ۽ نہ وري چور ڳوليا ويا. مستقبل ۾ ٻيا ماڳ محفوظ آھن بہ يا نہ اھا يقين ڌياني ڪرائڻ لاءِ بہ کاتي جي ذميوارن مان ڪو اڳيان ناھي آيو، جنھن سان اڃا بہ واضح ٿئي ٿو تہ ھي نوادرات کاتو ماڳن جو محافظ نہ پر ماڳن جي مسمار ڪرڻ ۾ ڏينھن رات رُڌل آھي.
_______________

اعزاز پيرزادو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ موئن جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلھڙيجيءَ جو رھاڪو آھي. ھُن آرڪيالاجيءَ ۾ گريجوئيشن ۽ سنڌ ۾ تيزيءَ سان ميسارجندڙ ماڳن بابت ايم فِل ڪئي آھي.



