Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

وفاقي راڄڌاڻيءَ ۾ رت جي راند،  پاتال ۾ ڪريل امن ۽ حڪمراني 

هي سانحو نه ڪنهن اتفاق جو نتيجو هو، نه ڪنهن اوچتي غفلت جو، پر اهو رياست جي مجموعي نااهلي، سيڪيورٽي نظام جي ناڪامي ۽ حڪومتي دعوائن جي کوکلائپ جو خوني ثبوت آهي

مُشتاق ٽانوري

جمعي نماز… سجدن ۾ جهڪيل ڪنڌ… دعائن ۾ ڀريل دلون… ۽ اوچتو ڌماڪو!

اسلام آباد جي مسجد ۽ امام بارگاهه ۾ ڦاٽل بارود  نه رُڳو انساني جسم ٽڪرا ٽڪرا ڪيا، پر رياست جي سيڪيورٽي، حڪمراني ۽ ڪوڙين دعوائن کي به چير ڦاڙ ڪري ڇڏيو. 31 بيگناهه شهيد، 169 زخمي. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ، جنهن شهر کي ”سڀ کان محفوظ“ سڏيو ويندو هو، اتي دهشتگرد آساني سان داخل ٿيا، عبادتگاهه چونڊي، جمعي نماز جهڙي گهڙيءَ جو انتظار ڪيو ۽ موت ورهائي هليا ويا. پوءِ بچيو ڇا؟ رڳو لاش، رت ۽ سرڪاري بيان! هي واقعو نه ڪنهن اتفاق جو نتيجو هو، نه ڪنهن اوچتي غفلت جو، پر اهو رياست جي مجموعي نااهلي، سيڪيورٽي نظام جي ناڪامي ۽ حڪومتي دعوائن جي کوکلائپ جو خوني ثبوت آهي. هي سانحو صرف انگن اکرن تائين محدود ناهي. هي پاڪستاني رياست جي ڪمزور بنيادن تي هڪ کليل چارج شيٽ آهي. اهو سوال اڄ هر ذميوار شهري جي ذهن ۾ آهي ته جيڪڏهن اسلام آباد جهڙي شهر ۾، جتي حڪمران، سفارتخانا، حساس ادارا ۽ سيڪيورٽي جا گهڻا تهه موجود آهن، دهشتگرد آساني سان داخل ٿي سگهن ٿا، بارودي مواد کڻي عبادتگاهن تائين پهچي سگهن ٿا ۽ جمعي نماز دوران حملو ڪري سگهن ٿا  ته پوءِ سيڪيورٽي جي سمورين دعوائن جي حقيقت آخر ڇا آهي؟ هي حملو صاف ظاهر ڪري ٿو ته وفاقي گاديءَ وارو شهر به هاڻي محفوظ ناهي. رياست پنهنجي سڀ کان بنيادي ذميواري، يعني شهرين جي جان جي حفاظت، نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. مسجد ۽ امام بارگاهه کي نشانو بڻائڻ ڪا اتفاقي ڳالهه ناهي، پر هڪ سوچي سمجهي حڪمت عملي آهي، جنهن جو مقصد مذهبي تڪرار کي هٿي ڏيڻ، سماج ۾ خوف پکيڙڻ ۽ رياست کي ڪمزور ثابت ڪرڻ آهي.

 سوال اهو آهي ته دھشتگردن جون  اهڙيون حڪمت عمليون بار بار ڪامياب ڇو ٿي رهيون آهن؟ ان جو سادو، پر تلخ جواب اهو آهي ته دهشتگردن جون نرسريون اڄ به زنده آهن، انهن جا نيٽ ورڪ سرگرم آهن ۽ رياست يا ته انهن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر آهي يا وري ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري ارادي طور اکيون ٻوٽي ويٺي آهي.

رياست جي نااهلي رڳو سيڪيورٽي تائين محدود ناهي پر پاليسي جي سطح تي به واضح نظر اچي ٿي. دهشتگردي خلاف ڪا مستقل، واضح ۽ بي رحم حڪمت عملي نظر نٿي اچي. ڪڏهن دهشتگردن کي ”غلط راهه تي ويل ماڻهو“ قرار ڏنو وڃي ٿو، ڪڏهن سياسي مفادن خاطر ڳالهين جا در کوليا وڃن ٿا. ”سٺن“  ۽ ”خراب“ دهشتگردن جي ورڇ ملڪ کي اڳ ئي ناقابلِ تلافي نقصان پهچائي چڪي آهي پر افسوس جو ان مان سبق سکڻ بدران ساڳيون غلطيون ورجايون پيون وڃن. هر دهشتگرد حملي کان پوءِ حڪومتي بيانن جو هڪ ئي رٽو رٽا اسڪرپٽ هوندو آهي: دهشتگردي برداشت نه ڪئي ويندي، ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو، سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو. پر حقيقت اها آهي ته بيانن جي گونج اڃا ختم به نٿي ٿئي، جو دهشتگرد ٻي ڪارروائي ڪري رياست جي دعوائن تي ٺٺوليون ڪن ٿا. جيڪڏهن حڪومت واقعي دهشتگردي روڪڻ چاهي ٿي، ته پوءِ بيانن بدران نتيجا ڇو نٿا نظر اچن؟

ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ 12 شهرن کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگردي ۽ پوءِ اسلام آباد ۾ امام بارگاهه تي ٿيل حملو، ان خوشفهمي کي به دفن ڪري ڇڏيو آهي ته دهشتگردي رڳو ڏورانهن علائقن يا مخصوص صوبن تائين محدود آهي. هي ناسور هاڻي ملڪ جي دل تائين پهچي چڪو آهي. جڏهن وفاقي راڄڌاني محفوظ ناهي، ته پوءِ عام شهري آخر ڪٿي پاڻ کي محفوظ سمجهن؟ هميشه وانگر، اهڙن واقعن کان پوءِ اهو بيان به سامهون اچي ٿو ته دهشتگردي ۾ ڀارت ۽ افغانستان ملوث آهن. ممڪن آهي ته اهڙا عنصر سرگرم هجن، پر بنيادي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ملڪ  ايٽمي طاقت آهي، جيڪڏهن دشمن ملڪن کي جنگ ۾ منهن ڏئي سگهي ٿو ته پوءِ دهشتگرد تنظيمن کي ملڪ اندر ڇو نه ٿو روڪي سگهجي؟ آخر ڪهڙي ڪمزوري آهي جيڪا هر ڀيري ناڪام بڻائي ٿي؟

اها به سوچڻ جهڙي ڳالھ  آهي ته جڏهن گل پلازا جهڙن واقعن تي عدالتي جاچ جو مطالبو ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ڏهاڪن کان ٿيندڙ دهشتگردي ۽ ان کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي جامع انڪوائري ڇو نه ٿي؟ جيڪڏهن انهن ڪوتاهين کي بي نقاب ڪيو وڃي ته مستقبل لاءِ بهتر رٿابندي ممڪن ٿي سگهي ٿي، ڇو ته عوام جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت حڪومتن جي اولين ذميواري آهي.

پاڪستان جي تاريخ ۾ دهشتگردي خلاف هڪ ڪامياب مثال نيشنل ايڪشن پلان آهي، جيڪو 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت دوران نافذ ڪيو ويو. ان آپريشن کان پوءِ ملڪ ۾ واضح طور امن بحال ٿيو، ٽارگيٽ ڪلنگ، فرقيواريت، ڀتاخوري ۽ دهشتگرد ڪاررواين کي وڏو ڌڪ رسيو. سوال اهو آهي ته اهڙو ڪامياب آپريشن ڇو روڪيو ويو؟ يا ڇو ان کي مستقل پاليسي جو حصو نه بڻايو ويو؟ جيڪڏهن رياست سنجيدگي سان نيشنل ايڪشن پلان جي سئو سيڪڙو ڪاميابيءَ جا سبب جانچي، ته ڪيترائي لڪل سچ سامهون اچي سگهن ٿا. ان سان گڏوگڏ، نظرياتي ۽ پاليسي سطح تي به پرامن، ڀائيچاري ۽ ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ واري سوچ کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي. پاڙيسري ملڪن سان متوازن لاڳاپا، داخلي انصاف، ۽ برابر حق شايد تشدد جي رستي کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن.

جيڪڏهن اسلام آباد جهڙي سانحي کان پوءِ به رياست جا ڪن ۽ اکيون نه کلن، ته پوءِ اهو چٽو ٿي وڃي ٿو ته مسئلو صرف دهشتگردي جو ناهي، پر حڪمراني جي ناڪاميءَ جو آهي. بيگناهه ماڻهن جي رت سان انصاف هاڻي رڳو مذمتي بيانن سان نه، پر بي رحم عمل، سياسي همت ۽ صاف پاليسي سان ئي ٿي سگهي ٿو. اسلام آباد جي هن سانحي کان پوءِ به جيڪڏهن رياست نه جاڳي، ته پوءِ چئي سگھجي ٿو ته ”مسئلو دهشتگردي ناهي، مسئلو حڪمراني آهي!“

__________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

mushtaqtanwari@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button