برطانوي راڄ، سُورھيہ بادشاھ ۽ حُرن خلاف انگريزن جي پرچار ۽ اخبارن جو ڪردار
عظيم مقصدن ۽ تحريڪن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي غلط ۽ گمراھ ڪندڙ پرچار ڪرڻ سامراجي قوتن جو وڏو ھٿيار رھيو آھي ـ
سورھيه بادشاھه واري زماني ۾ اخبارن تي سينسرشپ پڙھيل ھئي ۽ کين حُر ھلچل توڙي ان خلاف ھلندڙ آپريشن بابت سِواءِ سرڪاري ھينڊآئوٽ ڇاپڻ جي ٻي ڪنھن به قسم جي آزادانه رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت نه ھئي
سنڌ جي اخبارن جا فائيل کولبا ته حُر مجاھدن خلاف سندن تنقيدي رَويو واضح نظر ايندو ـ اھي اخبارون اڪثر سورھيه بادشاھه ۽ حُر مجاھدن خلاف خبرن ۽ ايڊيٽوريلن سان ڀريل ھونديون ھيون ـ
نصير اعجاز
مون جڏھن حُر ھلچل تي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter لکيو ھو ته ڪن سڄڻن پڇيو:”تو اھو ڪتاب ڇو لکيو؟ تون حُر جماعت جو آھين ڇا؟“
منھنجو جواب ھو:”مان نه پير پاڳاري جو مُريد آھيان ۽ نه ئي حُر جماعت جو رُڪن آھيان، پر سمجھان ٿو ته مان روحاني طور ھڪ حُر آھيان ۽ سنڌ لاءِ صدين کان ھلندڙ ھلچلن جو ھڪ ڪردار آھيان، تنھنڪري مون اھو ڪتاب لکيو ـ ٻيو ته حُر ھلچل جي تاريخ تي لکڻ لاءِ ڪنھن جو مُريد، ڪنھن جماعت جو رُڪن يا حُر ھجڻ لازمي ناھي ـ تاريخ جو ڪوبه شاگرد، ڪوبه محقق اھو ڪم ڪري سگھي ٿو ـ“
ڪِن ماڻھن رمارڪ ڏنا ته حُر ته دھشتگرد، خوني ۽ ڌاڙيل ھئا ـ اھڙن ماڻھن کي منھنجو چوڻ ھو:”سورھيه بادشاھه جي زماني ۾ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ حُرن جي گوريلا ويڙھه کي چيڀاٽڻ لاءِ مقرر انگريز آفيسر ايڇ ٽي لئمبرڪ توڙي ٻين انگريز عملدارن ۽ سندن ساٿاري وڏيرن ۽ جاگيردارن ۽ اخبارن به حُرن کي دھشتگرد ۽ ڌاڙيل ڪوٺيو ۽ انھيءَ جو جواب ڏيڻ لاءِ ئي مون ھيءُ ڪتاب لکيو آھي، جنھن کي پڙھندو ته توھان جي ذھنن ۾ ڀريل زھريلي پرچار جو اثر ختم ٿي ويندو ـ“

انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکڻ تي مونکي گھڻن ئي دوستن فرمائش ڪئي ته اھو ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکو ھا يا ھاڻ ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو ته جيئن وڌ ۾ وڌ ماڻھو پڙھي سگھن ـ مان انھيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ته نه ڪري سگھيو آھيان، ڇو تہ انھيءَ لاءِ ھڪ تہ وقت نہ مليو اھي ۽ ٻيو تہ ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ وسيلا ناھن.
حُر گوريلا ھلچل جي حوالي سان جيڪي غلط تاثر اڳي پکڙيل ھئا يا ممڪن آھي، اڄ بہ موجود ھجن، انھن کي مان گمراھ ڪندڙ پرچار جو نتيجو سمجھان ٿو. عظيم مقصدن ۽ تحريڪن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي غلط ۽ گمراھ ڪندڙ پرچار ڪرڻ سامراجي قوتن جو وڏو ھٿيار رھيو آھي ـ ھڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي تائين ھلندڙ حُر ھلچل جي خلاف به انگريز سامراج اھو ئي ھٿيار استعمال ڪيو ـ
سنڌ کي انگريزن جي غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ شروع ڪيل گوريلا ويڙھه کي اصل حقيقتن پٽاندر ڇو اُھا اھميت نه ملي؟ برطانوي سرڪار جي دستاويزن ۾ حرن بابت ھڪ طرفيون ڳالھيون غلط رنگ ڏئي پيش ڪيون ويون آھن ـ ان سموري رڪارڊ جو تنقيدي جائزو وٺڻ گھرجي ـ محترم خادم حسين سومري ۽ ڪجھه ٻين محققن ان تي ڪم ڪيو آھي پر اڃان به ان ڏس ۾ گھڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ـ
غلط پرچار جو ھڪ ٻيو ذريعو آھي ميڊيا، جنھن کي پڻ انگريزن ڀرپور نموني استعمال ڪيو. برٽش راڄ دوران پريس جي ڪردار جو جائزو وٺڻ سان ٻه ڳالھيون آڏو اچن ٿيون ـ ھڪ ته سندن سئو ساله راڄ ۾ عام طور ۽ سنڌ ۾ مارشل لا مڙھڻ واري دور ۾ خاص طور، پريس وڏي دٻاءَ ھيٺ رھي ـ ٻيو پھلو آھي خود پريس يعني اخبارن جي پنھنجي پاليسي، جنھن جو اظھار اخبارن جي ايڊيٽوريلن مان ٿيندو رھيو ـ
سورھيه بادشاھه وارو زمانو حُر ھلچل جو آخري دور ھو جڏھن اخبارن تي ھڪ قسم جي سينسرشپ پڙھيل ھئي ۽ کين حُر ھلچل توڙي ان خلاف ھلندڙ آپريشن بابت سِواءِ سرڪاري ھينڊآئوٽ ڇاپڻ جي ٻي ڪنھن به قسم جي آزادانه رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت نه ھئي ـ انھن پابندين مڙھڻ جو مقصد صرف اھو ھو ته اصل حقيقتون عام ماڻھن آڏو نه اچن، ڇو ته انگريز حڪمرانن کي ڊپ ھو ته سياسي حلقن ۾ توڙي عالمي سطح تي مٿن تنقيد ٿئي ھا ـ انھيءَ زماني جي اخبارن ۾ ڇپيل خبرن ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته اھي سڀ رُڳو سرڪاري ھينڊآئوٽ ھوندا ھئا ـ
سکر جي تڏھوڪي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اِي ايڇ ھولٽ جي حڪومت سان لکپڙھه مان اندازو ٿئي ٿو ته بين الاقوامي اخبارون حُرن خلاف آپريشن کي وڌيڪ ڪوريج ڏئي رھيون ھيون جڏھن ته مقامي پريس مٿن مڙھيل سينسرشپ سبب خاموش ھيون ـ
شروع ۾ ته مقامي اخبارون ماٺ رھيون، پر پوءِ انھن به پابندين خلاف شڪايتون ڪرڻ شروع ڪيون ـ سال 1942 ۾ 20 جُون تي سنڌ جي گورنر ڊَو Dow جي وائسراءِ ھند ڏانھن لکيل ھڪ خط مان به اھا ڳالھه ظاھر ٿئي ٿي ـ ھن لکيو:”مارشل لا جي ڪري جيڪا صورتحال پيدا ٿي آھي، ان تي مقامي سياست کي گھڻي ڳڻتي آھي ـ ابتدا ۾ ته نه رُڳو سمورين سياسي پارٽين انھيءَ جي آجيان ڪئي پر پريس به ان تي جوش جذبي جو اظھار ڪيو، پر جيئن توقع ھئي، اھو جذبو گھڻو وقت ڪونه ھليو ڇو ته قدرتي ڳالھه آھي ته اھڙين حالتن ۾ ماڻھن تي حڪومت جي مڙھيل پابندين ۽ پيش ايندڙ ڏکيائين جي ڪري اھو جذبو ختم ٿيو وڃي ـ“
گورنر ڊَو خط ۾ وڌيڪ لکيو ته ”اخبارن شڪايتون ڪرڻ شروع ڪيون آھن ته کين حُرن جي ڪاررواين توڙي انھن خلاف کڄندڙ اُپائن بابت اڻپوري معلومات ڏني وڃي ٿي ـ “ سندس خيال ۾ انھيءَ کان اڳ حُرن جي ڪاررواين تي اخبارن پاڻ .مجرمانه خاموشي اختيار ڪئي ھئي جنھن لاءِ ھُو الزام ھڻي ٿو ته ”يا ته اخبارن کي خريد ڪيو ويو ھو يا وري اھي ڊپ ۾ ماٺ ھيون ـ پر ھاڻي جڏھن کين پڪ آھي ته حُرن کي چيڀاٽيو ويندو، تڏھن اُھي سڀ خبرون ڇاپڻ لاءِ بيچين آھن ـ“
اخبارن لاءِ گورنر ڊَو جي سوچ جو اندازو 21 جنوري 1943 تي وائسراءِ کي موڪليل ھڪ ٻئي خط مان به ٿئي ٿو جيڪو شھيد ھيمون ڪالاڻيءَ کي مليل موت جي سزا تي اخبارن جي ردِعمل بابت لکيو ويو ھو ـ ھُو چوي ٿو:”ھتان جي پريس ۾ ھڪ قسم جو لاڙو آھي ته جيڪڏھن ڪو پڙھيل لکيل ھندو نوجوان تخريبڪاريءَ جھڙي سنگين ڏوھه ۾ ملوث ھوندو آھي ته اخبارون ان کي جذبات ۾ اچي گھٽ اھميت ڏينديون آھن ـ“
پريس بابت انگريز سرڪار جي ان سوچ جي اُبتڙ وري جيڪڏھن ٻين اخبارن ۽ خاص طور ان وقت جي مشھور اخبار ”الوحيد“، ”سنڌ مسلم“ ۽ ”مسلم وائس“ جا فائيل کولبا ته حُر مجاھدن خلاف انھن جو تنقيدي رَويو واضح نظر ايندو ـ اھي اخبارون اڪثر سورھيه بادشاھه ۽ حُر مجاھدن خلاف خبرن ۽ ايڊيٽوريلن سان ڀريل ھونديون ھيون ـ اخبار ”الوحيد“ ۾ ته ڇپجندڙ خبرن ۽ ايڊيٽوريلن ۾ پير صبغت الله شاھ شھيد کي ماڻھن جي قتل ۽ ٻين ڏوھن لاءِ سڌو سنئون ذميوار ڪوٺيو ويندو ھو. انتظاميا تي صرف ايتري تنقيد ڪئي ويندي ھئي ته اھا امن بحال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آھي ـ ”الوحيد“ اخبار 21 نومبر 1941 تي ”سنڌ ۾ بيگناھه ماڻھن جي رتوڇاڻ“ جي عنوان سان ڇپيل ايڊيٽوريل ۾ ”سنڌ مسلم“ اخبار ۾ ڇپيل مارجي ويل ماڻھن جي فھرست جو حوالو ڏيندي پير صبغت الله شاھه شھيد کي انھن خونن جو ذميوار ڪوٺيو ۽ لکيو ته اھي سمورا واقعا ان وقت کان ٿيا جڏھن پير صاحب پير ڳوٺ ڇڏي ڪيٽيءَ ۾ رھڻ لڳو ۽ حُر مجاھدن جي ڀرتي شروع ڪيائين ـ
”الوحيد“ اخبار جو 16 اپريل 1942 جو ايڊيٽوريل ھندو ليڊرن کي سنڌ ۾ خونن ۽ ڌاڙن جو ذميوار سڏيندي چوي ٿو:”گڏريل ڇھن مھينن کان بيگناھه مردن، عورتن ۽ ٻارن جي رتوڇاڻ ٿي رھي آھي ۽ ان جي ذميوار صوبائي ڪابينا آھي، جيڪا ھندو ليڊرن جي مدد سان ھلي رھي آھي ـ حڪومتي وزير حُرن جي اڳواڻ جي ويجھو آھن، جنھن جي ھر ڪنھن کي خبر آھي ـ موجوده وزارت ۾ ئي پير پاڳارو گرفتار ٿيو ۽ رتوڇاڻ شروع ٿي ـ پير پاڳاري کي اڳواٽ اُپاءَ وٺڻ کانسواءِ گرفتار ڪيو ويو ۽ نتيجي ۾ سنڌ رتوڇاڻ ۽ بدامنيءَ جي باھه ۾ وڪوڙجي وئي ـ سوال پيدا ٿئي ٿو ته موجوده وزارت (شھيد الھه بخش سومري جي) اڃان ڪيئن قائم آھي؟ اھا صرف ڪانگريسي ۽ غير ڪانگريسي ھندو اڳواڻن توڙي اسيمبلي ميمبرن جي سرپرستيءَ جي ڪري قائم آھي جنھن ۾ ڪانگريسي ليڊر رستم سِڌوا به شامل آھي جنھن کي پير پاڳاري آڏاڻي جو ڪپڙو خريد ڪرڻ لاءِ 200 رُپيا چندو ڏنو ھو ـ“
ساڳي اخبار ايڊيٽوريل ۾ پير صاحب تي ڇوھه ڇنڊيندي لکي ٿي ته ھن پنھنجي مُريدن کي ڳئون ڪُھڻ کان انھيءَ ڪري جھليو آھي ته جيئن ھندن کي خوش ڪري سگھجي ـ
ھنن اخبارن جي حُر مخالف ڪردار جي باوجود گورنر ڊَو انھن مان خوش ڪونه ھو ـ
ھڪ پاسي سنڌ جي اخبارن جو اھو ڪردار ھو، ٻئي پاسي انگريز سرڪار جي غلط ۽ زھريلي پرچار ھُئي. سنڌ ۾ اھڙن انگريز عملدارن کي موڪليو ويندو ھو جن جي پنھنجي ملڪ انگلينڊ ۾ ڪا ساک ڪانه ھوندي ھئي، جنھن جو اعتراف انگريز انٽيليجنس آفيسر ڪرنل فلپ ورھاڱي کانپوءِ انگلينڊ مان سنڌ ۾ پنھنجي ھڪ نامعلوم دوست کي موڪليل خط ۾ ڪيو آھي ـ (حُر گوريلا تحريڪ ڪتاب ۾ ڇپيل) ـ انگريز سرڪار جي اھڙن عملدارن سنڌ جي وڏيرن ۽ سيٺين کي به پير صاحب ۽ حُر مجاھدن خلاف استعمال ڪيو ـ ڪرنل فلپ ان بابت خط ۾ لکي ٿو:”سنڌ ۾ اچڻ بعد ڪجھه مھينن اندر مون سنڌي وڏيرن سان تعلقات ٺاھي ورتا جن لاءِ اسان لاھور ۽ ملتان مان رنڊيون گھرائيندا ھئاسين ـ ڊرگھ روڊ ڇانوڻيءَ جي اولھه ۾ ھڪ ھنڌ انھن لاءِ خاص پارٽين جو انتظام ڪبو ھو جتي وڏي تعداد ۾ وڏيرا ۽ سيٺيون ايندا ھئا ـ“
ڪرنل فلپ لکي ٿو ته بنگال ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ جي سگھاري ٿيڻ سان ھندو مسلم ڦوٽ پيدا ٿي جنھن سان آزاديءَ جي تحريڪن کي نقصان ٿيو ـ سنڌ جي آزاديءَ ۾ يقين رکندڙ به ڦوٽ جو شڪار ٿيا جن مان ھڪڙا ڪانگريس ۾ ھليا ويا ۽ ٻيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويا ـ سنڌ ۾ ته آزاديءَ جي ھلچل کي ايترو ڌڪ لڳو جو ڪانگريس توڙي مسلم ليگ جي ھاءِ ڪمانڊ انھن (حُر مجاھدن) کي ڌاڙيل قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو ـ سندس چوڻ موجب انگريز سرڪار فيصلو ڪري ڇڏيو ھو ته سموري ھندستان کي ڇڏي سگھجي ٿو پر بنگال ۽ سنڌ کي ھٿن مان وڃڻ نه ڏبو ـ سنڌ انگريز سرڪار لاءِ ان ڪري اھم ھئي ڇو ته ڪراچي دنيا جو اھم ترين بندرگاھه ھو ۽ جيڪڏھن ڪلڪتي وارو بندر جپان جي قبضي ۾ ويو ته انگريز راڄ جو خاتمو اچي ويندو ـ
ھُو وڌيڪ لکي ٿو ته پير صبغت الله شاھه اول (1818) حُر تحريڪ کي مذھبي بنيادن تي منظم ڪيو ھو جنھن جو مقصد مسلمانن جي آزادي ھو، پر پير صبغت الله شاھه ثانيءَ حُر ھلچل کي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ منظم ڪيو جيڪا پھرينءَ ھلچل کان وڌيڪ خطرناڪ ھئي ـ ”تنھنڪري اسان پير پاڳاري خلاف کيس بدنام ڪرڻ واري پرچار شروع ڪري ڇڏي ھئي ـ جيئن ته اھا مذھبي تحريڪ ڪانه ھئي، تنھنڪري اسان پرچار شروع ڪئي ته پير پاڳارو انگريزن، سنڌ جي ھندو واپارين ۽ وڏيرن سان پراڻيون دشمنيون پاڙي رھيو آھي ـ جيئن ته سنڌي ماڻھو تمام سادا ۽ اٻوجھه آھن، تنھنڪري اھي پيرپاڳاري جي ڪردارڪُشيءَ واري ان پرچار جي اثر ۾ اچي ويا ۽ اھا اسان جي وڏي ڪاميابي ھئي ،“ ڪرنل فلپ خط ۾ اعتراف ڪندي لکي ٿو ـ
ھُو چوي ٿو ته ”اسان حُرن کي ڌاڙيل قرار ڏنو، پر جڏھن ھنن اُڏيري لال ويجھو ريل گاڏي ڪيرائي ته ھندستاني اڳواڻن وائسراءِ آڏو سوال اُٿاريا ته ڇا ايئن ٿي سگھي ٿو ته ڌاڙيل ريل گاڏي ڪيرائن ۽ مسافرن کان ڦُرلُٽ نه ڪن؟ گانڌيءَ به چئي ڏنو ته اسان جي خيال ۾ توھان ڪنھن ھلچل کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيو ـ شُڪر آھي ته ان وقت سڀاش چندر بوس جا ڪانگريس قيادت سان اختلاف پيدا ٿي چُڪا ھئا ۽ ھُو ھندستان مان مفرور ھو نه ته برطانوي حڪومت تي ڪانگريس جو گھڻو دٻاءُ پئجي وڃي ھا ـ“
انگريز سرڪار جنھن نموني حُر ھلچل ۽ سورھيه بادشاھه جي ڪردارڪُشي واري مُھم ھلائي سنڌ جي عام ماڻھوءَ کي انھن کان پري رکيو، تنھن جو اندازو ڪرنل فلپ جي انھن اعترافن مان آسانيءَ سان ڪري سگھجي ٿو ـ ساڳئي خط ۾ ھن سنڌ جي وڏيرن ۽ سيٺين جي ڪردار کي به وائکو ڪندي لکيو آھي ته جڏھن گرفتار ٿيندڙ حُرن تي سخت تشدد جي باوجود ھنن پنھنجي زبان نه کولي ته پوءِ سرڪار وڏيرن ۽ سيٺين کان بليڪ ميل ۽ ٻين طريقن سان حُرن بابت ڳجھي معلومات وٺڻ شروع ڪئي ـ ھنن سنڌ اسيمبليءَ ۾ به آواز ڪونه اُٿاريو بلڪ پنھنجي فائدي جي خاطر اھي اسان کي حُرن جي چُرپُر بابت اطلاع ڏيندا رھيا ـ ڪجھه وڏيرن ته بيگناھه ماڻھن کان انتقام وٺڻ لاءِ به مٿن حُر ھجڻ جا الزام مڙھيا ۽ جڏھن بيگناھه ماڻھو ڦاٿا ته حُرن خلاف سنڌين ۾ ردعمل پيدا ٿيو ـ “ خط جي آخر ۾ ڪرنل فلپ لکي ٿو ته حُر تحريڪ کي اسان نه چيڀاٽيون ھا ته سنڌ آزادي حاصل ڪري وٺي ھا ۽ انگريز راڄ جو خاتمو ٿي وڃي ھا ـ اسان ٿورائتا آھيون ان مُخبر جا جنھن پير پاڳاري کي گرفتار ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي ـ اسان کيس معاوضي ۾ ٻين ملڪن ۾ ملڪيتون ڏنيون ۽ نالو ظاھر ٿيڻ جي حالت ۾ کيس ھتان ٻاھر ڀڄڻ جو به انتظام ڪيو ھو پر اھو ماڻُھو پاڻ به ڏاھو ھو، جنھن راءِ بھادر يا خانبھادر جو لقب نه گھريو ته متان ماڻھو مٿس شڪ ڪن ـ
آخر ۾ ھڪ اھم ڳالھه جو ذڪر ضروري آھي ـ ڀُٽي صاحب جي حڪومت ۾ بلوچستان اندر ھلندڙ ھلچل کي چيڀاٽڻ لاءِ وفاقي سرڪار انگريزن جي طريقه ڪار جو اڀياس ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي جنھن لاءِ ان وقت ڪراچي ڪمشنر آفيس ۾ پيل انگريز دور جي رڪارڊ مان 600 اھم فائيل اسلام آباد گھرايا ويا ھئا، جيڪي اڄ تائين واپس نه آيا ـ سنڌ آرڪائيوز ۾ حُر ھلچل جي حوالي سان بنھه ٿورو مواد موجود آھي ـ آرڪائيوز کاتي جي ڪجھ ڪامورن موجب ڪافي فائيل موٽرايا ويا آھن. پر منھنجي اندازي موجب ڇھ سئو فائيلن مان ڪي ٿورا فائيل موٽيا ھوندا. ان گُم ڪيل رڪارڊ سان محققن کي وڏي مدد ملي ھا.
________________