سنڌ جو ورثو: حيدرآباد جو تاريخي بيسنت ھال
بيسنت ھال جو بنياد 26 فبروري 1901 تي رکيو ويو. عمارت جي تعمير لاءِ فند کيمچند مھتاڻيءَ ڏنا ۽ انھيءَ کي برطانوي خاتون عيني بيسنت جي نالي سان منسوب ڪيو ويو
الطاف صديقي
ھي عمارت حيدرآباد جي تاريخي عمارتن مان ھڪ آھي. جيڪڏھن تصور جي اک سان ھن کي 1947 جي سال ۾ ڏسون ٿا ته ھي ڪينٽونمينٽ جي اھڙي علائقي ۾ واقع ھئي جنھن جي اتر پاسي فوجي ڇانوڻي جون پري کان نظر ايندڙ بيرڪون ۽ فوجي ميدان، جتي صبح جو گڏيل ھندستان جا سپاھي پريڊ ۽ ڊرل ڪندي نظر ايندا ھوندا ، اوڀر ۾ روڊ ۽ ڪشادو ميدان جتي ريڊيو پاڪستان ۽ پوسٽ آفيس نه جڙي ھجي، ان ميدان تي ھڪ باغيچو ھجي، ميدان جي پوئين پاسي سان لڳ نول راء ھاء اسڪول جي بھترين عمارت جو پويون پاسو ، بسنت ھال جي ڀر ۾ ڏکڻ پاسي يونيورسٽي جي مٺارام ھاسٽل جنھن ۾ ھاڻي لا ڪاليج ھلي ٿو. انجي ڀر ۾ سنڌ ڪوآپريٽو بئنڪ واري عظيم خان جي سھڻي عمارت جيڪا ھيئنر ٻيھر ساڳي حالت ۾ بحال ٿي ويئي آھي. ان جي ڀر ۾ ڏِيئل داس ڪلب جي عمارت. ھاڻي ان جي اڳيان ديوار جوڙي عمارت جي سونھن لڪائي ڇڏي اٿن. ڀر ۾ سيشنس ڪورٽ جي ٽڪريءَ تي پرشڪوہ عمارت، مگر افسوس ھن عمارت آڏو ڪورٽ جون ٻيون آفيسون جوڙي ھن عمارت کي انھن نئين عمارتن جي دامن ۾ لڪايو ويو آھي ۽ اڳيان اولڊ ڪيمپس (نيو وديالا اسڪول ) جي بھترين ٽاور واري عمارت. ڇا ته پُر سڪون لوڪيشن آھي. ھن علائقي ۾ ڪارنر پلاٽ تي ھن جو سنگ بنياد 26 فيبروري 1901ع تي رکيو ويو. ھن عمارت کي جوڙائڻ لاء شري کيم چند مھتاڻيءَ فنڊز ڏنا. عمارت کي جنھن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آھي اِھا برطانوي خاتون مادام ڊاڪٽر عيني بيسنت ھئي جنھن جي پيدائش آڪٽوبر 1847 ۾ مسٽر پيچ وُڊ ۽ مسز ايمليلي جي گھر انگلنڊ ۾ ٿي. ويھن ورھين جي ڄمار ۾ ھڪ عيسائي پادريءَ سان سندس شادي ٿي ھئي مگر اھا شادي ٻن پٽن جي پيدائش کانپوء علحدگيءَ تي ختم ٿي ھئي ڇو تہ سندن طبعيت ۾ ھڪ جھڙا ئي نه ھئي. ايني بيسنت ھڪ تعليم يافتہ خاتون ھئي مگر کيس طلاق کانپوءِ ٻارن کي سنڀالڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پئي ھئي. ھي خاتون سوشلسٽ خيال رکندڙ ھئي ۽ سندس طبعيت تي صوفي خيال حاوي ھئا. ھن مئڊم بلئوٽسڪي جي ٿياسافيڪل سوسائٽي ۾شموليت ڪئي ۽ پوء ھي ھندستان آئي. ھن سوسائٽي لاءِ وڏيون خدمات ڏنيون ھيون. مھاتما گانڌي ۽ جواھر لعل نھرو سندس قابليت جا متعرف ھئا. سال 1907 کان سندس وفات 1933 تائين ھوءَ ھن سوسائٽي جي صدر ھئي . عيني بيسنت سماجي ڪمن ، نظرياتي ، عورتن جي حقن ، تعليم جي ڦھلاء لاء ڪم ڪندڙ خاتون ھئي.

چيو وڃي ٿو ته ايني بيسنت جي مشوري سان سنڌ ھاري ڪميٽي قائم ٿي ھئي جنھن جو ذڪر سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب ۾ڏنو آھي. محترم خادم سومرو جيڪو تاريخي ادبي ڄاڻ رکي ٿو، جي چواڻي ته ، عيني بيسنت جي زندگي به ڏاڍي تضادن ڀري رهي. پاڻ شروع ۾ ملحد هئي، عالمي تحريڪن جهڙوڪر فري ميسن ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽي سان وابسته رهي جنهن جو انٽرنيشنل هيڊڪواٽر مدراس ۾ هو. بعد ۾ ٻڌمت جو اثر ٿيس، ايتري تائين جو ٻڌمت جي چاه ۾ سريلنڪا تائين وئي پر پوء ھندومت قبول ڪيائين . انڊيا ۾ انڊيا جي عوام جي حڪمرانيءَ جي حمايت ڪيائين ۽ 1917 ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي سرگرم ميمبر به رھي ۽ انڊيا ۾ برطانيه راڄ خلاف جدوجهد ڪيائين. سنڌ ۾ به تعليم لاء سندس خدمتون آهن.
ھن ھال کي تعمير ڪرڻ جو مقصد به اھو ھيو ته شھر ۾ ٿيندڙ سماجي تقريبن لاء استعمال ڪيو وڃي. ھي پلاٽ انگريز سرڪار کان مفت ۾ فلاحي ڪم لاء حاصل ڪيو ويو جنھن جي ماپ 1805 چورس وال آھي ، ھن جو نقشو رومن ۽ وڪٽورين طرز تعمير سان مشابھ آھي. ورھاڱي کان پوء ھي ھال ٿياسوفيڪل سوسائيٽي جي سرگرمين جو مرڪز رھيو مگر فنڊز نه ھجڻ سبب ۽ عدم توجھ جي ڪري ھن عمارت جي حالت زبون ٿيڻ لڳي. مونکي ياد آھي تہ مان 1968/67 ۾ ھن ھال ۾ پنھنجي والدين سان گڏ غوث بخش مھر صاحب جي شادي ۾ شريڪ ٿيو ھيس. سال 1977 ۾ سائين جي ايم سيد جي فرزند سائين امداد محمد شاھ 4 مارچ تي ھن ھال ۾ جلسو منعقد ڪيو ھو.
ھن تاريخي عمارت جي پھرين مرمت ذاتي خرچ تي 1997 ۾ مٿراڻي فائونڊيشن ۽ مرحوم ڪوثر حسين ڀٽي ڪرائي ھئي. ان کان پوء چون ٿا ته ھن عمارت جي مرمت لاء 2008 ۾ جڏھن محمد ابراھيم جويو صاحب، جيڪو ٿياسوفيڪل سوسائيٽي جو صدر ھو، ان سان ڳالھايو ويو ته ھن جي مرمت ڪرايون ٿا، ۽ ھي ڏھ سال حڪومت جي ڪنٽرول ھيٺ رھندو ، مگر انھن انڪار ڪيو ڇو ته ان زماني ۾ لينڊ مافيا شھر ۾ سرگرم ھئي ، خدشو ھيو ته ھن کي به تجارتي بنياد تي نه استعمال ۾ آندو وڃي ڇو ته ڏيالداس ڪلب جي ٽينس ڪورٽ کي شادي ھال ۾ تبديل ڪيو ويو ھو. ھن عمارت جي چوديواري ۾ اسانجو ڪاليج فيلو ڪمليش ڪمار ڪرپالاڻي رھندو ھيو ۽ سار سنڀال لھندو ھو. 2015 ۾ انڊومينٽ فنڊ وارن توجه ڏني مگر محمد ابراھيم جويو صاحب جي مداخلت سبب ڪم نہ ڪري سگھيا. 09/11/2017 تي سندس وفات کان پوء ، سنڌ سرڪار ھن عمارت کي پنھنجو ورثو قرار ڏيئي چڪي آھي. سنڌ سرڪار تڪڙ ۾ اخبارن ۾ مرمت جو اشتھار ڏياري ھفتي ۾ ڪم کي اڳتي وڌايو ھو. بعد ۾ ھن ڪم کي اشتياق انصاريءَ انڊوومينٽ فنڊ جي تعاون سان بھتر طريقي سان پايه تڪميل تائين پھچايو ، ھن وقت بسنت ھال ۾ شاندار لائبريري موجود آھي. ان کانسواءِ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ سٺا ادبي پروگرام پڻ ٿين ٿا.
___________




مانجهند جو شهر هنوقت ضلعي ڄاشوري ۾ حيدرآباد کان 70 ڪلو ميٽر پري سنڌ دريا۽ جي اولهندي ڪناري تي موجود آهي۔ اهو تاريخي ۽ پراڻو شهر آهي۔ ورهاڱي کان پهريان هتي سنڌ ورڪي هندو رهندا هئا۔ مانجهو۽ ۽ پو۽ ڪراچي ۾ رهائش رکندڙ وڏي سيٺ ۽ زميندار سيٺ وشنداس مانجهند مان پاڻ ب شادي ڪئي ۽ سبدس خاندان مان اڳتي هلي چئن ٻين ناميارن سيٺين ب مانجهند ان شادي ڪئي۔ سيٺ وشنداس جو فرزند بئريسٽر هرچندرا۽ تڏهوڪي گڏيل هندوستان جي مرڪزي پارليامئنٽ جو ميمبر ۽ وڏو ڪانگريسي ب هو۔ هن ب پنهنجي ٻي شادي مانجهند مان ڪئي۔ مانجهند جا هندو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جا سرپرست۔ڪاٽن ايڪسپورٽ جا باني ب هئا۔ مانجهند جي درٻار شري گوبندرام پوري ننڍي کنڊ ۾ مشهور هئي۔ ماسٽر چندر۔۽ ڀڳت ڪنوررام هتي ڀڳتي وجهندا ها۔ ڪنوررام شهيد پنهنجي زندگي جي آخري محفل ب هن مانجهند درٻار ۾ ڪئي هئي۔