Editor's pickMain Slideدنياڏکڻ اوڀر ايشيا

محصولن واري جنگ: ايشيائي مُلڪن جي سربراھن ٽرمپ کي ڪيئن مُنھن ڏنو

چين جي ڀيٽ ۾ ٻيا ايشيائي مُلڪ آمريڪا آڏو مزاحمت نہ ڪري سگھيا ڇو تہ اُھي برابريءَ جي حيثيت ۾ ڪونہ ھئا. انھن پاڻ کي ڪجھ نرم رکيو. سنگاپور جھڙي شھري رياست جي وزيراعظم جو چوڻ آھي تہ ”آمريڪا پنھنجي تحفظ وارو ذھن ٺاھيو آھي، باقي دنيا انھيءَ واٽ تي ڪانہ ھلندي.“

آئيوان لِم

ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر

سنگاپور

ھلندڙ سال 2 اپريل تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جارحاڻو انداز اختيار ڪندي اھڙن ملڪن تي ڳرا محصول مڙھيا ھئا جن جو آمريڪا سان روانگي واپار يعني ايڪسپورٽ سندن امپورٽس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ھو. سندس شرط ھو تہ اھڙن ملڪن جا سربراھ  ساڻس ڳالھين جي ذريعي اھو مسئلو نبيرين ۽ واپاري عدم توازن کي ختم ڪن.   

”آمريڪا کي ٻيھر عظيم بنائڻ“ وارو نظريو رکندڙ ٽرمپ ايشيائي سربراھن سان ڳالھين لاءِ آخري تاريخ پھرين آگسٽ مقرر ڪري ڇڏي ھئي. توقع ھئي تہ واشنگٽن ۾ ايشيائي سربراھن جي وڏي رش ٿيندي جيڪي   سوديبازيءَ جي بي اعتبار ماھر سان ڳالھيون ڪري آمريڪي منڊيءَ ۾ سندن ملڪن جي رسائيءَ کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا. پر پاڻ کي سوديبازيءَ جي  ھنر جو ماھر سمجھندڙ  ۽ پنھنجي سگھ ۽ حيثيت آڌار پُراعتماد  ٽرمپ کي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي سربراھن جي ھُشياريءَ جو پُورو اندازو ئي ڪونہ ھو.  

سُن زُو Sun-tzu جي جنگي ھُنر مان ايشيائي سياسي اڳواڻن گھڻو ڪجھ سکي ورتو ھو تہ ڪيئن تڪرارن جو ڊگھي مُدي وارو نبيرو ڪري سگھجي ٿو. ٽرمپ جي شروع ڪيل محصولن واري جنگ ۾ چين جي صدر شِي جِن پِن کيس اھڙي موٽ ڏني.  پر چين جي ڀيٽ ۾ ٻيا ايشيائي مُلڪ آمريڪا آڏو مزاحمت نہ ڪري سگھيا ڇو تہ اُھي برابريءَ جي حيثيت ۾ ڪونہ ھئا. انھن پاڻ کي ڪجھ نرم رکيو.

ڏکڻ ڪوريائي صدر لِي جئہ مِيونگ آمريڪي صدر ٽرمپ سان پنھنجي پھرين ملاقات ۾ روايتي ڪوريائي خوش اخلاقي ۽ فراخدلي ڏيکاري  ٽرمپ جي سِل کٽڻ لاءِ کوڙ سوکڙيون کڻي ويو جن ۾ ميگا اسٽائل ٽوپلا بہ شامل ھئا.  ڏکڻ ڪوريائي صدر جڏھن مھمانن واري رجسٽر ۾ خاص ھٿ سان ٺھيل ڪاٺ جي خوبصورت پين سان صحيح پي ڪئي تہ ھُن ٽرمپ جي نظرن ۾ پسنديدگي محسوس ڪندي ھڪدم اُھا خاص پين ٽرمپ کي سُوکڙيءَ طور پيش ڪئي. انھيءَ جي نتيجي ۾ سندن وچ ۾ ماحول ڏاڍو بھتر ٿي ويو ۽ موٽ ۾ ٽرمپ محصول گھٽائي پندرھن سيڪڙو ڪري ڇڏيو. ڏکڻ ڪوريائي صدر بہ موٽ ۾ پڪ ڏنس تہ سندس مُلڪ آمريڪا جي سامونڊي جھازن واري صنعت کي جيئارڻ لاءِ ڏيڍ سئو ارب ڊالرن جي سيڙپ توڙي ٻين شعبن ۾ بہ سيڙپ ڪندو.

آمريڪا ساڻس واپار ڪندڙ ٻن ملڪن ٿائلينڊ ۽ ڪمبوڊيا تي ڇٽيھ سيڪڙو محصول مٽھيو ھو. اتفاق سان ٻنھي ملڪن وچ ۾ پنج ڏينھن سرحدي جھڙپون ھليون پر پوءِ ٽرمپ جي مداخلت تي ٻئي ملڪ جنگبنديءَ تي راضي ٿيا. ٽرمپ مٿن شرط مڙھيو ھو تہ جنگ بندي ڪندا تہ ساڻن محصولن بابت ڳالھيون ٿينديون.  

ڪمبوڊيا جي وزيراعظم ھُن مانيت، ٽرمپ کي راضي رکڻ لاءِ ھڪدم کيس نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ ڪمبوڊيا تي محصول گھٽائي اڻويھ سيڪڙو ڪيو ويو. ٿائلينڊ لاءِ بہ ساڳيو گھٽيل محصول مقرر ٿيو.  

فلپائين ۽ جپان ڪمزور سوديبازيءَ واري پوزيشن ۾ ھئا ڇو تہ آمريڪا سان سندن سڪيورٽيءَ جان معاملا لاڳاپيل ھئا. اقتصادي سگھ نہ ڏسندي، فلپائين جي صدر فرڊيننڊ مارڪوس جونيئر ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ بيجنگ کي مُنھن ڏيڻ جي آڇ ڪندي ٽرمپ وتان مارڪون کٽڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن جي نتيجي فلپائين لاءِ بہ محصول گھٽائي اُڻويھ سيڪڙو ڪيو ويو.  

جپان ڊگھي مُدي واري راند کيڏندي ٽرمپ کي واپار وڌائڻ جي لالچ ڏئي محصول پنجويھ سيڪڙي مان گھٽرائي  پندرھ سيڪڙي تائين رکرايو. ٽوڪيو اھو بہ وعدو ڪيو تہ آمريڪا ۾ ساڍا پنج سئو ارب ڊالر سيڙپ ڪري آمريڪا جي ايندڙ پيڙھين کي بہ خوشحال ڪري ڇڏيندو.

انڊونيشيا ۽ ملائيشيا، چين سان لاڳاپا ھجڻ ۽ آسيان جا ميمبر ھجڻ ڪري ٽرمپ سان 19 سيڪڙو محصول وارو ٺاھ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اھو بہ وعدو ڪيو ويو تہ ٻئي ملڪ آمريڪا ۾ اربين ڊالر سيڙپ ڪندا ۽ آمريڪي مصنوعات خريد ڪندا. بھرحال، چين ويندڙ مصنوعات تي چاليھ سيڪڙو محصول رھندو.

آسيان ملڪن مان سنگاپور تي ڏھ سيڪڙو بيس لائين محصول فائديمند ڪونھي ڇو تہ سنگاپور، جيڪو ھڪ شھري رياست وارو درجو رکي ٿو ۽ جنھن جي معيشت فري ٽريڊ جي آڌار ھلي ٿي. اھو محصول سنگاپور ۽ امريڪا وچ ۾ فري ٽريڊ معاھدي جي بہ برخلاف آھي.  سنگاپور جو وزيراعظم لارينس وانگ ٽرمپ وٽان انھن محصولن کان ھٽي ڪري ملڪ جي فائدي لاءِ سوچي رھيو آھي.  سندس خيال آھي تہ ”آمريڪا سڀ کان پھرين“ واريون پاليسيون عالمي تجارتي سرشتي کي تباھ ڪري دنيا ۾ سياسي ۽ علاقائي ڇڪتان کي وڌائينديون.  

”آمريڪا پنھنجي تحفظ وارو ذھن ٺاھيو آھي، باقي دنيا انھيءَ واٽ تي ڪانہ ھلندي،“ سندس چوڻ آھي.

”انھن پاليسين جي نتيجي ۾ آمريڪا جو غلبو ختم ٿيندو. سنگاپور پنھنجي ھمخيال فري ٽريڊ پارٽنر ملڪن انديا، چين، جپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ يورپي يونين سان پنھنجا واپاري تعلقات وڌائي واپار ۽ سيڙپن کي فروغ ڏيندو.“

انھيءَ عمل جي شروعات بہ ٿي چُڪي آھي جنھن تحت چوٿي سيپٽمبر تي وزيراعظم وانگ جي  انڊيا واري دوري دوران انڊيا جي وزيراعظم نريندر موديءَ سان گڏجاڻيءَ ۾ نوان واپاري ٺاھ بہ ڪيا ويا آھن. روس کان تيل خريدڻ جي ڪري انڊيا تي  سزا طور پنجاھ سيڪڙو محصول مڙح جي نتيجي ۾ ٽرمپ ۽ اندين اڳواڻ وچ ۾ لاڳاپا ڪجھ تلخين جو شڪار آھن.    

سنگاپور_جوھور اڪنامڪ زون جي شڪل ۾ آسيان ملڪن جي واپار کي وڌائڻ جي شروعات اڳئي ٿي چُڪي آھي.    

نائين آگسٽ تي جڏھن سنگاپور پنھنجي آزاديءَ جي 60 ھين سالگرھ ملھائي رھيو ھو، ٽرمپ جي محصولن واري حملي کي محسوس ڪندي، شھري رياست جي چوٿين پيڙھيءَ واري قيادت پُر عزم آھي تہ سنگاپور غيرمعمولي طور تي انھيءَ صورتحال کي منھن ڏئي ڪاميابي ماڻيندي.

_______________

ھيءُ آرٽيڪل پھرين The AsiaN جي انگريزي ايڊيشن ۾ شائع ٿيو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button