موهن جو دڙو ۽ آر ڊي بئنرجيءَ جي وساريل رپورٽ: صدين جي تاريخ جو اڏاوتي داستان
هي باب موهن جي دڙي جي سڀ کان مٿانهين ۽ اهم حصي، “سائٽ نمبر ١” جي هزارين سالن تي پکڙيل تعميراتي تاريخ تان پردو کڻي ٿو. صدين جي تباهيءَ جي باوجود، هتي موجود عظيم ديوارون، رازن جي بي مثال مھارت ۽ اڏاوتي عجيبن جو هڪ زنده ثبوت آهن. پهرين صدي قبل مسيح جي قديم ٻڌ مت جي چيتيہ (اسٽوپا)، مذهبي ڪوٺين، ۽ انجنيئرنگ جي شاهڪار زمين دوز نالين جي ذريعي، هي تحرير اسان کي ڪشان دور جي تاريخي پرتن مان گذاري، هندستان جي روايتي تاريخ کان به گهڻو اڳ جي ان تاريخ کان اڳ واري عهد (Prehistoric Age) تائين وٺي وڃي ٿي، جتي سنڌو سڀيتا جا اصل آثار پنهنجي چترڪاريءَ وارن ٿانئن ۽ تصويري خط جي صورت ۾ دفن ٿيل آهن. پنهنجي نوعيت جي هن منفرد اڀياس ۾ ماهرن جي کوٽائيءَ ۽ قديم تدفيني طريقن کي پڻ تفصيل سان بحث هيٺ آندو ويو آهي.

سنڌيڪار: نصير اعجاز
جيتوڻيڪ ڪيترين ئي صدين کان موهن جو دڙو جي کنڊرات مان سرڪاري ڪمن ۽ عام گهرن جي تعمير لاءِ مواد هٽايو ويندو رهيو هو، تنهن هوندي به پراڻي نديءَ جي پيٽ کان پهرين بچاءُ واري ديوار جي اوچائي اڃا به ٢٥ فٽ آهي، جڏهن ته ٽين ديوار ٤٤ فُٽن تائين مٿي وڃي ٿي. سِرن جو معيار ۽ رازن (masons) جي مهارت غير معمولي هئي؛ انھيءَ جي نتيجي ۾ اڏاوت جو گهڻو حصو بنان ڪنهن سار سنڀال جي هزارين سالن تائين محفوظ رهيو آهي.
اوڀر واري پاسي پهرين بچاءَ واري ديوار ۽ ٽين ديوار جي اوچائيءَ ۾ فرق ان ڏاڪڻ جي لاهيءَ (slope) جي ڪري هو، جيڪا بنيادي پليٽ فارم تان اوڀر طرف هيٺ لهي ٿي. ڏاڪڻ بنيادي پليٽ فارم جي اتر-اوڀر واري ڪُنڊ کان شروع ٿيندي هئي ۽ ڏکڻ-اوڀر طرف هيٺ ويندي هئي. بنيادي پليٽ فارم جو اوڀر وارو پاسو نسبتاً سڌو ۽ بنا ڪنهن سينگار جي آهي. پر ڏاکڻي پاسي، ڪا به بچاءَ واري ديوار ناهي. ان جي بدران، مختلف اوچائيءَ جون ڪيتريون ئي ننڍيون ديوارون آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي مٿان اڏيون ويون آهن. هن ترتيب مان لڳي ٿو ته قديم معمارن (architects) بنيادي پليٽ فارم جي هن پاسي اهڙيون مضبوط بچاءُ ديوارون يا پٺا اڏڻ ضروري نه سمجهيا، جهڙا اوڀر واري ڪناري تي ٺاهيا ويا هئا.
پوءِ وارن مرحلن ۾، ڏاکڻي ڪناري سان مسلسل ڪيل کوٽائيءَ جي نتيجي ۾ مختلف دورن سان تعلق رکندڙ ڪيتريون ئي اڏاوتون سامهون آيون، جنهن مان پڌرو ٿيو ته سائٽ نمبر ١ جي اوچائي هٿرادو طور تي تيار نه ڪئي وئي هئي. [هتي مطلب اهو آهي ته سائٽ نمبر ١ تي، مختلف دورن جي پراڻن کنڊرات جي مٿان مسلسل نيون اڏاوتون اڏيون ويون هيون. ڇاڪاڻ ته اسٽوپا تعمير جي سڀ کان آخري مرحلي سان تعلق رکندو هو، تنهنڪري اهو سڀ کان مٿانهين سطح تي هو. بيشمار نسلن تائين، تعميراتي ملبي جي مسلسل گڏ ٿيڻ سان سائٽ نمبر ١ جي اوچائي هوريان هوريان وڌندي وئي.]
سائٽ نمبر ١ جي اتر-اوڀر يا ڏکڻ-اوڀر ڪُنڊن جي برعڪس، ڏکڻ-اولهه ڪُنڊ وٽان کنڊرات اوچتو ختم نٿا ٿين. ان جي بدران، اهي ننڍن دڙن جي هڪ سلسلي ذريعي سائٽ نمبر ٢ جي ڏکڻ ۽ سائٽ نمبر ١ جي ڏکڻ-اولهه ۾ واقع اڏاوتن جي کنڊرات سان ڳنڍيل رهيا. محترم اين. ايس. چڪٽي هتي هڪ اُڪريل مهر دريافت ڪئي، جنهن کان پوءِ اوڀر واري پاسي پهرين بچاءَ واري ديوار جي هيٺان صفائي جو ڪم شروع ڪيو ويو. پهرين ڪاميابي ديوار کي سهارو ڏيڻ لاءِ ٺهيل هڪ هيٺاهين پٺي (low buttress) جي دريافت سان ملي.
بنيادي اوڀر واري پليٽ فارم جي پهرين ۽ ٽين بچاءَ واري ديوار جي وچ واري جاءِ ۾ ڪيل کوٽائي مان هڪ ٻئي جي مٿان اڏيل سِرُن جون ديوارون ظاهر ٿيون. پهرين نظر ۾، اهي سِرُن جون ديوارون بنيادي پليٽ فارم جي بنياد (foundation) جو حصو معلوم ٿيون، جڏهن ته انهن جي چوڌاري پکڙيل چورس ڪوٺيون سطح جي هيٺان ملبي ۽ ڪچين سِرُن سان ڀريل ڪيترن ئي ننڍن ۽ وڏن ڪمرن تي ٻڌل معلوم ٿيون. سڀ کان مٿانهين ڪشان دور جي اڏاوتن جي هيٺان، سنڌو سڀيتا (Indus Civilization) جا آثار دريافت ٿيا.
تنهن هوندي به بعد ۾، منهنجي ۽ مغربي سرڪل ۾ منهنجي جانشين محترم ڪي. اين. ڊڪشٽ، ايم. اي (Mr. K. N. Dikshit, M.A) پاران سائٽ نمبر ١ جي چوٽيءَ واري اڱڻ جي اوڀر واري ٻاهرين ديوار جي ٻاهران ڪيل کوٽائي مان ثابت ٿيو ته اهي ديوارون ان دور جون نه هيون، جنهن دور جو اهو خال وارو ڪچين سِرُن جو اسٽوپا يا پڪل سِرُن جو پليٽ فارم هو جنهن تي اسٽوپا بيٺل هو. بلڪه، اهي انهن کان گهڻو قديم اڏاوتن جا حصا هئا. انهن ڪوٺين جي دريافت مان ظاهر ٿيو ته اهي هندستان جي روايتي تاريخي دور کان گهڻو اڳ جي هڪ تعميراتي ڪمپليڪس جو حصو هيون. [مٿين ڪشان دور جي اڏاوتن جي هيٺان، سنڌو سڀيتا جا آثار مليا.]
بنيادي پليٽ فارم جي اوڀر واري بچاءُ ديوار جي لاهيءَ وٽ، محترم اين. ايس. چڪٽي کي ٻه مهرون مليون. هڪ مهر سلامت هئي جڏهن ته ٻي ٽٽل هئي، ۽ ٻنهي تي زمين تي بيٺل هڪ ڍڳي (bull) جي تصوير هئي. خوش قسمتيءَ سان، کوٽائي شروع ٿيڻ کان اڳ هن علائقي جي هڪ تصوير ڪڍي وئي هئي، جنهن جي ڪري هاڻي اسان کوٽائي کان اڳ ۽ پوءِ جي حالت جي ڀيٽ ڪرڻ جي قابل آهيون. اها تصوير واضح طور تي ثابت ڪري ٿي ته جن اڏاوتن مان اهي ٻه مهرون مليون هيون، تن جو اوڀر واري پاسي جي پهرين بچاءُ واري ديوار سان ڪو به واسطو نه هو.
بنيادي پليٽ فارم جي بچاءُ واري ديوار جي بنياد کان تقريباً ٻه فٽ هيٺ، ۽ ان ئي ديوار سان لاڳاپيل پَٺي جي آخري سِرُن واري سلسلي کان تقريباً ٽي فٽ هيٺ، وڌيڪ تعميراتي آثار دريافت ٿيا. انهن ۾ هڪ وڏي سامهون واري ديوار (façade wall) ۽، ان جي متوازي هلندڙ، هڪ ڊگهي گندي پاڻي جي نالي (drainage channel) شامل هئي. هن سامهون واري ديوار ۽ پليٽ فارم جي پهرين بچاءُ واري ديوار جي آخري سِرُن واري سلسلي جي وچ واري سڄي جاءِ ملبي ۽ سِرُن سان ڀريل هئي. ان مان اهو ثابت ٿيو ته بلڪل هيٺان کان وٺي سڀ کان مٿانهين چوٽيءَ تائين، سائٽ نمبر ١ هزارين سالن تي پکڙيل تعميراتي آثارن جي گڏ ٿيل کنڊرات تي ٻڌل هئي.
هن هيٺين ديوار ۽ متوازي نالي جي اڏاوت (masonry) ان اڏاوت کان گهڻو مختلف هئي جيڪا سائيٽ جي مٿين اڱڻ جي چوڌاري چورس ڪوٺين ۾ ۽ بنيادي بچاءُ وارين ديوارن ۾ استعمال ڪئي وئي هئي. اهڙا ئي تعميراتي آثار هن سائيٽ جي اڱڻ جي ڪوٺي نمبر ٣ جي هيٺان، ڪوٺي نمبر ١ جي قربان گاهه (altar) جي هيٺان، ۽ سائٽ نمبر ٢ جي اڏاوت نمبر ٢٣ ۽ نالين نمبر ٢١ ۽ ٢٢ جي هيٺان تان پڻ دريافت ٿيا. هن قسم جي اڏاوت جي خاصيتن تي بعد ۾ بحث ڪيو ويندو. هن پاسي واري بچاءُ ديوار جي بلڪل اترين ڇيڙي جي ويجهو، هيٺين ديوار ۽ گندي پاڻي جي نالي اوچتو ختم ٿيندي نظر اچن ٿا. سائٽ نمبر ١ جي اتر ۾ ڪيتريون ئي عمارتون آهن جن جا وڏا کنڊرات اڃا تائين اڻ-کوٽيل آهن.
بنيادي پليٽ فارم تان هيٺ لهندڙ جنهن وڏي ڏاڪڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان جي ڏاکڻي پاسي واري آخري ڇيڙي جي بلڪل هيٺان مٽيءَ جا ڪيترائي جنازي وارا مٽ (terracotta funerary jars) دريافت ٿيا. هر مٽ جي اندر يا ته هڪ اڻ-سڙيل هڏي (uncalcined bone) هئي يا ڪجهه رک هئي. اهي مٽ بنيادي طور تي ٻن قسمن جا هئا. پهرين قسم ۾، هيٺيون حصو ويڪرو آهي ۽ هوريان هوريان مٿي وڃي سوڙهو ٿئي ٿو، جڏهن ته ان جو ترو (base) سنئون آهي. پمپلي (Pumpelly) جي بيان موجب، اهڙا ئي مٽ سائوٿ ڪرگان (South Kurgan) جي سڀ کان مٿانهين تھه مان دريافت ٿيا هئا (Raphael Pumpelly, Explorations in Turkestan Expeditions in 1904, Pl. II, Plate III, 1–8). ٻئي قسم جي جنازي واري مٽ جو ترو چهنبدار (pointed base) آهي، ۽ اهڙا ئي مٽ اڳ ۾ هڙپا مان راءِ بهادر پنڊت ديا رام ساهني (Rai Bahadur Pandit Daya Ram Sahni) دريافت ڪيا هئا (Annual Report of the Archaeological Survey, Northern Circle, H & B Monuments, 1920–21).
ٻئي قسم جو مٽ وڌيڪ عام معلوم ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جا مثال سڄي آثار قديمه واري ماڳ تان مليا آهن. هي قسم پاڻ به ٻن شڪلين ۾ ورهايل ٿي سگهي ٿو: پهرين ۾، مٿو جسم ٻئي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿلهو ۽ وچ مان وڌيڪ ويڪرو آهي. ٻنهي قسمن جي وچ واري حصي تي هڪ گهيرو ڪندڙ دٻيل لڪير (spiral depressed line) موجود آهي، جيڪا گندي مٽيءَ تي ڪنهن ٿلهي رسي جي ڇڏيل نشان وانگر لڳي ٿي.
پليٽ فارم جي اولهندي ڪناري سان گڏ ڪيترائي کنڊرات موجود آهن، جيڪي هڪ هيٺاهين زمين ذريعي سائٽ نمبر ٢ سان ۽ ڏکڻ-اولهه طرف هڪ ٻئي دڙي سان ڳنڍيل آهن، جنهن جي کوٽائي اڃا تائين ناهي ٿي سگهي. نتيجي ۾، سائٽ نمبر ١ جو اتريون پاسو اڳ ۾ بيان ڪيل کاري (creek) ڏانهن هيٺ لاهي ڪري ٿو. اسٽوپا جي اتر ۾ واقع اڻ-کوٽيل دڙو پڻ هيٺاهين زمين جي هڪ پٽي ذريعي ان سان ڳنڍيل آهي.
کوٽائيءَ کان پوءِ، سائٽ نمبر ١ تي جيڪي اڏاوتون سامهون آيون، اهي هي هيون:
(الف) اڱڻ جي بلڪل وچ ۾ هڪ سِرُن جي پليٽ فارم تي بيٺل اسٽوپا؛
(ب) اڱڻ کي چئني طرفن کان گهيريندڙ چورس ڪوٺيون؛ ۽
(ج) اڱڻ جي ٻاهران واقع هيٺيون ڀرپاسي واريون عمارتون.
طبقاتي اڀياس (stratigraphy) مان پڌرو ظاهر ٿئي ٿو ته اهو اسٽوپا ۽ پليٽ فارم جنهن تي اهو اڏيو ويو هو، اڱڻ جي سِرُن جي فرش ۽ ان جي چوڌاري ٺهيل چورس ڪوٺين جي ڀيٽ ۾ گهڻو پوءِ جي دور سان تعلق رکن ٿا. پليٽ فارم جي مٿان اسٽوپا جي بيهڪ، ۽ اڱڻ جي اندر پليٽ فارم جي بيهڪ، ٻئي هن نتيجي جي تائيد ڪن ٿا.
پهرين ڳالهه اها ته، مٽيءَ جي ڪچين سِرُن مان ٺهيل گول ۽ خال واري اسٽوپا جو مرڪز (center) ان پليٽ فارم جي ڪنهن به مرڪزي نقطي سان ميل نٿو کائي جنهن تي اهو تعمير ڪيو ويو هو. ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پڪل سِرُن جو پليٽ فارم هن خال واري اسٽوپا کان اڳ جو آهي. اسٽوپا جي پليٽ فارم جي اترين لاهيءَ سان گڏ کوٽائيءَ دوران، مغربي سرڪل جي هيڊ ڊرافٽس مين محترم اين. اي. وارٽيڪر (Mr. N. A. Wartekar) کي ديواري پلستر جا ڪيترائي ٽڪرا مليا، جن تي برهمي (Brahmi) ۽ خروشتي (Kharosthi) خطن ۾ لکتون اڪريل هيون. اهي يقيناً ان خال واري اسٽوپا جي اندروني حصي کي سينگارڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا هئا. برهمي ۽ خروشتي اکرن جون هي شڪليون ٻي صدي عيسويءَ کان پوءِ جي دور جون نٿيون ٿي سگهن. هي تاريخ ان دور سان مطابقت رکي ٿي جنهن جو اشارو ڪوٺين جي مٿين سطحن مان دريافت ٿيل سڪن مان ملي ٿو. اهي ٽامي جا سڪا ڪشان شهنشاهه واسوديو پهرين (Vasudeva I) جا جاري ڪيل مشهور “ڍڳو ۽ بيهڪ وارو شِوا” (Bull and Standing Shiva) وارا سڪا هئا.
تنهن ڪري اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته مٽيءَ جي ڪچين سِرُن جو هي خال وارو چيتيہ chaitya/اسٽوپا ٻي صدي عيسويءَ دوران پڪل سِرُن جي پليٽ فارم تي تعمير ڪيو ويو هو. جيڪڏهن هن تاريخ کي سائٽ نمبر ١ جي مختلف سطحن جي زماني جو تعين (chronology) ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي، ته پوءِ هن خال واري چيتيہ جي هيٺان موجود سڀئي اڏاوتون لازمي طور تي ٻي صدي عيسويءَ کان اڳ جي دور سان تعلق رکندڙ هجڻ گهرجن.
اهو سچ ته هي خال وارو چيتيہ مستطيل پڪل سِرُن جي پليٽ فارم جي بلڪل وچ ۾ واقع نه هو، وڌيڪ اهو ثابت ڪري ٿو ته پليٽ فارم هن خال واري اسٽوپا جي هم عصر (صديءَ جو) نه هو. پليٽ فارم جي ڏاکڻي لاهي واري پاسي کوٽائيءَ دوران، پڪل سِرُن سان گڏ وڏي مقدار ۾ رک جا نشان مليا. ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پليٽ فارم تي موجود اصل اڏاوت باهه لڳڻ سبب تباهه ٿي وئي هئي، ۽ پوءِ واري دور ۾ ان جي بقايا آثارن جي مٿان مٽيءَ جي ڪچين سِرُن جو هي خال وارو چيتيہ اڏيو ويو.
پليٽ فارم جي اوڀر واري پاسي سان لاڳاپيل هڪ عمارت بيٺي آهي، جنهن جي ڏاڪڻ اسٽوپا جي بنياد تائين مٿي وڃي ٿي، ۽ اتي هڪ لنگهه (gateway) آهي جنهن جو نمونو پهرين صدي قبل مسيح کان پهرين صدي عيسويءَ جي گنڌارا اسٽوپا جي نمونن سان مشابھت رکي ٿو. هن علائقي مان رڳو هڪ منفرد يوناني سڪو (Greek coin) مليو آهي، جنهن مان اهو اشارو ملي ٿو ته هيءَ اڏاوت واقعي ان دور سان تعلق رکندڙ ٿي سگهي ٿي.
پليٽ فارم جي آخري سِرُن واري رد (course) جي هيٺان ڪيل کوٽائي مان رک جو هڪ تھه ظاهر ٿيو، جيڪو هڪ قربان گاهه (altar) جي اترين ڪناري سان پکڙيل هو. هن قربان گاهه جي هيٺان تعميراتي بقايا ۽ ملبو دريافت ٿيو جيڪو هڪ اڳوڻي اڏاوت جو هو. ان مان اهو پتو پوي ٿو ته هڪ پراڻي عمارت باهه لڳڻ سبب تباهه ٿي وئي هئي، جنهن کان پوءِ پهرين صدي قبل مسيح ۽ پهرين صدي عيسويءَ جي وچ واري عرصي ۾ ان جي مٿان پڪل سِرُن جو هي پليٽ فارم تعمير ڪيو ويو.
ان اترين رک جي تھه جي ڀيٽ ۾، اسٽوپا جي پليٽ فارم جي چوڌاري اڱڻ واري سطح وڌيڪ هيٺاهين آهي. اولهندي ۽ اترين پاسي، رک جي ان تھه جي هيٺان فرش جا ڪجهه حصا دريافت ٿيا. پليٽ فارم جي چوڌاري، اسان کي اڃا به پراڻين تباهه ٿيل اڏاوتن جا ٽڪرا مليا. ان مان واضح طور تي اهو ثابت ٿئي ٿو ته اسٽوپا جو پليٽ فارم ان جي چوڌاري پکڙيل اڱڻ جي ڀيٽ ۾ بعد جي دور جو آهي.
اڱڻ جي اتر-اوڀر واري حصي ۾ کوٽائيءَ دوران، اسان کي هڪ وڌيڪ هيٺاهين سطح تي هڪ ٻيو فرش مليو. ايئن معلوم ٿيو ته، وچ وارين صدين جي ڪنهن مرحلي تي، اتي هڪ ٻڌ مندر جي تعمير لاءِ جاءِ صاف ڪئي وئي هئي.
ڪوٺي نمبر ٢ ۽ ٣ جي اوڀر ۾ ۽ ڪوٺي نمبر ٨، ٩ ۽ ١١ جي اولهه ۾ واقع رک جي کڏن (ash pits) ۾ رک جو ميڙ ايترو ته وڏو هو، جنهن ۾ ڪو به شڪ نٿو رهي ته اها قديم عمارت هڪ هيبتناڪ باهه لڳڻ سبب تباهه ٿي هئي. ان کان پوءِ، سڄي رک کي گڏ ڪري هڪ ئي جاءِ تي اڇلايو ويو هو. اها عمارت جيڪا اڳ ۾ ان جاءِ تي هئي جتي بعد ۾ پڪل سرُن جو پليٽ فارم ٺهيو، ايئن معلوم ٿئي ٿو ته اها پهرين صدي قبل مسيح جي آس پاس اڏي وئي هئي، ۽ اڱڻ جي اتريون ۽ اولهندي پاسي وارا فرش پڻ ان ئي دور ۾ ٻڌا ويا هئا.
اڱڻ جي اولهندي پاسي وارين ڪوٺين ۾ ڪيل کوٽائيءَ مان بغير ڪنهن شڪ جي اهو ثابت ٿيو ته ديوارن جون مٿيون سطحون اڱڻ جي اتريون پاسي واري فرش جي هم عصر هيون. وڌيڪ گهرائيءَ واري سطح تي ڪيل کوٽائي مان پتو پيو ته اتر ۽ اولهه پاسي وارين اڪثر ڪوٺين جي تعمير مختلف دورن ۾ ڪئي وئي هئي. اهو تڏهن واضح ٿيو جڏهن اهو ڏٺو ويو ته، ڪوٺي نمبر ٣٠، ٣٢Block، ٣٤، ٤٦ ۽ ٤٧ ۾ فرشن کي مٿي کڻڻ جي ڪري، سڀني دروازن ۽ درين جا هيٺيان حصا هڪ مخصوص اوچائيءَ تائين بند (blocked up) ڪيا ويا هئا. ان ئي سبب جي ڪري، اڱڻ جي اولهندي ڪوٺين جي دروازن جا چانئٺ پڻ مٿي کڻڻا پيا هئا.
ان کان علاوه، اسان کي موجوده چانئٺن جي هيٺان گهٽ ۾ گهٽ ٻه اڳوڻا فرشي تھه مليا، جيڪي هڪ ٻئي جي هيٺان هئا. هڪ هنڌ تي، سڀ کان هيٺاهين فرش جي به هيٺان، هڪ هيٺين ديوار جا نشان مليا جيڪي ڪوٺين کي گهيريندڙ عام وڏي ديوار جي ٻاهران مليل ديوارن سان مطابقت رکندا هئا. تنهن ڪري ان ۾ ڪو شڪ نٿو رهي ته اولهندي ڪوٺين جو اهو وچون فرشي تھه ٻي صدي قبل مسيح کان اڳ جي دور سان تعلق رکي ٿو.
اهو فرض ڪرڻ غلط نه ٿيندو ته اترين اڱڻ جي فرش جي تعمير ۽ اولهندي ڪوٺين جي وچين فرشي تھه جي دور ۾ تقريباً هڪ سؤ سالن جو فرق هو. ڪوٺي نمبر ٣٥ جي هيٺان، مٽيءَ جو هڪ مٽ (pot) مليو جنهن ۾ واسوديو پهرين جي سڪن سان گڏ ڪيتريون ئي چورس ٺپي دار سِرون/سڪا (square die-struck coins) موجود هئا. اهو تھه جنهن ۾ اهو مٽ مليو، ڪوٺين جي وچين فرشي تھه کان ٿورو ئي هيٺ هو. تنهن ڪري، ڪوٺي نمبر ٣٠ ۽ ٣٢ جا سڀ کان هيٺيان فرش يقيناً ٽين صدي قبل مسيح کان اڳ جا هجڻ گهرجن.
هي سطح ان تھه کان ڪجهه هيٺ هئي جنهن ۾ ڪوٺي نمبر ٣٤ جي فرش جي هيٺان هڪ ٿانءَ اندر دفن ٿيل ڪيترائي چورس ٺپي دار سڪا مليا هئا. ڪوٺي نمبر ٣٤ جي فرش جي هيٺان اسان کي ڪجهه اهڙيون ديوارون مليون، جن جو سائٽ نمبر ١ جي اڱڻ جي چوڌاري موجود ڪوٺين سان نه ته ڪو تعميراتي ۽ نه ئي ڪو عملي واسطو معلوم پيو ٿئي. اهي ديوارون انهن قديم عمارتن جي سطح سان تعلق رکنديون هيون، جيڪي ڪوٺين جي اوڀر، ڏکڻ ۽ اتر وارين وڏن ديوارن جي ٻاهران هيٺين تھن ۾ موجود هيون.
انهن قديم ديوارن جي تعمير جو انداز (style of masonry) ڪوٺين يا اسٽوپا جي هيٺان موجود پليٽ فارم جي اڏاوت کان ڪافي مختلف هو. ڪوٺي نمبر ٣٤ مان مليل سڀ کان هيٺاهين ديوار هندستان ۾ اڃا تائين دريافت ٿيل قديم ترين چترڪاريءَ وارن مٽيءَ جي ٿانئن (painted pottery) سان لاڳاپيل هئي، ۽ هن سطح کان ٿورو ئي مٿي چورس تانبي جا سڪا يا ٽوڪن مليا جن تي تصويري خط يا نشانيون اڪريل هيون، جيڪي بلڪل هڙپا ۽ موهن جو دڙو جي مهرن تي نظر ايندڙ نشانين وانگر هيون.
انهن دريافتن مان اهو واضح ٿي ويو ته ڪوٺي نمبر ٣٤ جي فرش جي هيٺان مليل سڀ کان هيٺيون ديوارون تاريخ کان اڳ واري دور (prehistoric age) جون هيون ۽ اهي چوٿين يا پنجين صدي قبل مسيح کان اڳ جي اڏاوتن جون هيون.
اڱڻ جي بنيادي ديوار جي ٻاهران، اوڀر واري پاسي ۽ ڪوٺي نمبر ١٠ ۽ ١١ جي اتر ۾، هڪ وڏي نموني اڏيل گندي پاڻي جي نالي دريافت ٿي جيڪا ڪوٺي نمبر ٣ جي هيٺان تان لنگهندي هئي. منهنجي گذارش تي، محترم ڪي. اين. دڪشٽ هن نالي کي صاف ڪرايو ۽ معلوم ٿيو ته اها اڱڻ جي اوڀر واري پاسي جي وچين حصي تائين پکڙيل هئي. ڪوٺي نمبر ١٠ جي اتر-اوڀر واري ڪنڊ کان شروع ٿي، هيءَ نالي سڌي اولهه طرف هلي ٿي ۽ ڪوٺي نمبر ٣ جي هيٺان اڱڻ ۾ داخل ٿي، زمين دوز (غائب) ٿي وڃي ٿي. ان کان پوءِ، هڪ زمين دوز نالي جي طور تي، هيءَ اڱڻ کي پار ڪندي لنگهه (gateway) جي سامهون واري ڏاڪڻ تائين وڃي ٿي، جتي اها اتر طرف مڙي وڃي ٿي.
بلڪل ان ئي سطح تان جتان هيءَ نالي شروع ٿي هئي، محترم دڪشٽ کي وڌيڪ اولهه طرف هڪ ٻي نالي ۽ ديوار ملي، جيڪي ٻئي اتر کان ڏکڻ طرف هلي رهيون هيون. هن نالي جي اڏاوت بلڪل اهڙي ئي هئي جهڙي سائٽ نمبر ١ جي بنيادي پليٽ فارم جي هيٺان مليل سوڙهين نالين جي هئي.
بنيادي پليٽ فارم جي اوڀر واري پاسي واري فرش ۽ زمين دوز نالي جي سڀ کان مٿين سِرُن جي ردين جي وچ ۾ ڪيل ڀيٽ مان واضح طور اشارو ملي ٿو ته انهن ٻنهي تعميرات جي وچ ۾ ڪيتريون ئي صديون حائل هيون. اهڙيءَ طرح اهو يقيني آهي ته ڪوٺي نمبر ٣٤ جي فرش جي هيٺان مليل سڀ کان هيٺين ديوار ۽ ڪوٺي نمبر ٣ جي هيٺان تان لنگهندڙ نالي چوٿين يا پنجين صدي قبل مسيح کان گهڻو اڳ جي دور سان تعلق رکن ٿا.
اهو پڻ هڪ جيتري حد تائين يقيني آهي ته ننڍين سِرُن مان ٺهيل ۽ بلڪل سڌي سنئين جوڙن (aligned joints) سان اڏيل اهي خوبصورت تعميراتي آثار انهن چترڪاريءَ وارن ٿانئن ۽ تصويري نشانين وارين مهرن يا ٽوڪنن جا هم عصر هئا. زماني جي لحاظ کان، هي هندستان ۾ تصويري خط (pictographic writing) جي استعمال جو آخري معلوم ٿيل مثال معلوم ٿئي ٿو.
اڱڻ جي هر پاسي ڪوٺيون موجود هيون، ۽ معلوم ٿئي ٿو ته اهي رهائش لاءِ نه پر مذهبي يا رسمن جي مقصدن لاءِ هنيون ويون هيون. انهن ننڍين ڪوٺين اڱڻ کي چئني طرفن کان گهيريو ٿي، جڏهن ته وچ ۾ هڪ مٿانهين پليٽ فارم تي اسٽوپا تعمير ڪيو ويو هو. چوڌاري موجود ڪوٺين ۽ اسٽوپا جي پليٽ فارم جي وچ ۾ سِرُن جو پڪو فرش هڪ کليل اڱڻ جو ڪم ڏيندو هو.
اڱڻ جي ويڪر اتر واري پاسي ٢٢ فٽ، ڏاکڻي پاسي ٢٠ فٽ ٢ انچ، اولهندي پاسي ١٤ فٽ ٦ انچ، ۽ اوڀر واري پاسي ٣٥ فٽ ٩ انچ هئي. اڱڻ جي فرش کي مختلف دورن ۾ سِرُن سان پڪو ڪيو ويو هو، ۽ آخري ڀيرو فرش جي پڪائي بظاهر ان باهه واري رک جي تھه جي هم عصر هئي جنهن باهه ٽين يا ٻي صدي قبل مسيح ۾ عمارت کي تباهه ڪيو هو. هن رک جي تھه جي مٿان، پهرين صدي عيسويءَ ۾ پڪل سِرُن جو پليٽ فارم تعمير ڪيو ويو. ڪٿي به فرش مڪمل طور تي سلامت ناهي بچيو.
اوڀر واري پاسي، جتي بنيادي لنگهه (داخلي رستو) واقع هو، ٻن الڳ فرشي سطحن جا نشان مليا. اهي ٻئي فرش اسٽوپا جي هيٺان موجود پڪل اِٽن جي پليٽ فارم کان وڌيڪ پراڻا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي اڱڻ جي اتريون فرش جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هيٺاهين سطح تي واقع آهن. اهي ٻئي فرش ان ملبي جا هم عصر هئا، جنهن جي مٿان اسٽوپا جو پليٽ فارم پاڻ تعمير ڪيو ويو هو.
جڏهن اوڀر واري پاسي سِرُن جو پليٽ فارم ۽ سامهون واري عمارت اڏي وئي، ته اڱڻ جي اوڀر واري پاسي تائين پهچڻ لاءِ ڏاڪڻين جو هڪ سلسلو تعمير ڪيو ويو. باقي بچيل ٽي ڏاڪا پليٽ فارم جي آخري سِرُن واري رد ۽ فرش جي سطح جي وچ ۾ موجود عمودي مفاصلي سان بلڪل ميل کائين ٿا. اهو سچ ته اوڀر وارا اهي ٻئي فرش مختلف اوچاين تي آهن، ثابت ڪري ٿو ته اهي الڳ الڳ دورن سان تعلق رکن ٿا، جنهن ۾ هيٺيون فرش مٿئين فرش کان اڳ جو آهي.
مٿيون فرش، جيڪو سِرُن جي ٻن سلسلن تي ٻڌل آهي، هيٺين فرش کان ١ فٽ ٤ انچ مٿي واقع آهي. هي مٿيون فرش پاڻ پليٽ فارم جي اوڀر واري پاسي عمارت سان لاڳاپيل پورچ (porch) جي فرش کان ٣ فٽ ٣ انچ هيٺ واقع آهي. نه ته مٿيون ۽ نه ئي هيٺيون اوڀر وارو فرش اڱڻ جي ڪنهن به ٻئي پاسي واري فرش جي سطح سان برابر بيهڪ رکي ٿو.
پهرين نظر ۾، ائين معلوم ٿئي ٿو ته رک جي تھه جي هيٺان موجود اتريون فرش—جنهن جي مٿان اسٽوپا جو پليٽ فارم تعمير ڪيو ويو هو—گهڻو پوءِ جي دور سان تعلق رکي ٿو ۽ اهو اوڀر واري پاسي تائين پکڙيل نه هو. پليٽ فارم جي اوڀر ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون قربان گاهون موجود آهن. اهو ممڪن معلوم ٿئي ٿو ته بنيادي اسٽوپا جي چوڌاري انهن جي مٿان ننڍا منوتي اسٽوپا (votive stupas) ڪڏهن اڏيا ويا هوندا. بدقسمتيءَ سان، اڄ اهڙي اسٽوپا جو هڪ به مڪمل نمونو سلامت ناهي بچيو، برعڪس ان نموني جي جيڪو ڊاڪٽر ڊي. آر. ڀنڊارڪر (Dr. D. R. Bhandarkar) ١٩١٦–١٧ع دوران ميرپورخاص واري علائقي مان دريافت ڪيو هو (Report of the Archaeological Survey of India, Western Circle, for the year ending 31st March 1917).
مٽيءَ جي ڪچين سِرُن جو اسٽوپا پڪل مٽيءَ جي سِرُن (baked terracotta bricks) جي هڪ پليٽ فارم تي تعمير ڪيو ويو هو. پليٽ فارم جي ڊيگهه ٧١ فٽ ۽ ويڪر ٥٣ فٽ ٣ انچ هئي. اهو مٽيءَ جي گاري (mud mortar) سان جوڙيل عمدي پڪل اِٽن مان تيار ڪيو ويو هو. پليٽ فارم جي چوڌاري مٿين سطح تي موجود پلستر جو اصل تھه ڪڏهن جو غائب ٿي چڪو آهي.
اوڀر واري يا سامهون واري پاسي کان ڏسڻ سان، اهو واضح ٿئي ٿو ته پليٽ فارم کي اڳوڻي اڱڻ سان هڪجهڙائيءَ ۾ آڻڻ لاءِ، ان پاسي جي آخري سِرُن واري رد کان اڳتي ١ فٽ ١٠ انچ جي اضافي اڏاوت ڪرڻي پئي هئي ته جيئن ان جي اوچائي اتريون، اولهندي ۽ ڏاکڻي پاسن جي برابر ٿي سگهي. پليٽ فارم جي اوڀر واري ديوار ايئن ٺاهي وئي هئي جو اها پليٽ فارم جي اوڀر ۾ واقع عمارت جي پورچ تائين ويندڙ ڏاڪڻ کان اڳ ٻن ڏاڪن جي شڪل ۾ نظر اچي.
پليٽ فارم جي باقي ٽنهي پاسن تي ڪيل کوٽائيءَ مان پتو پيو ته اهو اڳوڻين اڏاوتن جو ملبو صاف ڪرڻ ۽ ان علائقي کي اندازاً سڌو ڪرڻ کان پوءِ اڏيو ويو هو. پليٽ فارم جي اولهندي پاسي جي آخري سِرُن واري رد جي هيٺان، ٤ فٽ ٣ انچ جي گهرائيءَ تي، ان پاسي جو چوٿون فرشي تھه واقع هو، ۽ ان جي وچ واري سڄي خالي جاءِ رک ۽ قديم تباهه ٿيل عمارتن جي ٽڪرن سان ڀريل هئي. تنهن ڪري اهو مڪمل طور تي پڌرو ٿئي ٿو ته چوٿين فرش جي هيٺان اڃا به ان کان اڳ جي اڏاوتن جا آثار دفن ٿيل آهن.
اڱڻ جي اولهندي ڪناري تي ڪوٺين جي فرشن جي هيٺان، ۽ قديم اڱڻ جي پنهنجي سڀ کان هيٺاهين فرش جي هيٺان پراڻين ديوارن جي دريافت هن نتيجي جي سختي سان تائيد ڪري ٿي. اهو يقيني آهي ته محترم ڪي. اين. دڪشٽ پاران ڪوٺي نمبر ٣ جي هيٺان دريافت ڪيل نالي (جيڪا اوڀر طرف اڱڻ جي هيٺان تان لنگهي ٿي) جي تري ۽ اولهندي پاسي جي سڀ کان قديم فرش جي وچ ۾، ٻن يا ٽن الڳ زماني جي دورن (chronological periods) سان تعلق رکندڙ بقايا آثار موجود آهن. (ھلندڙ)
________________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



