سنڌ جا نوجوان ۽ بيروزگاريءَ جو مسئلو: اصل ڪارڻ نظام جي ڪمزوري آھي
نوجوانن جي روزگار لاءِ مقامي سطح تي صنعتون وڌايون وڃن. سنڌ ۾ ڪراچيءَ کان ٻاهر به صنعتي زون قائم ڪيا وڃن، جيئن ٻين شھرن ۾ بہ روزگار جا موقعا پيدا ٿين.
فني تعليم کي جديد بڻايو وڃي، شاگردن کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر پروگرامنگ، ۽ اي-ڪامرس سيکاري وڃي. اسٽارٽ اپس ۽ ڪاروباري مدد لاءِ سنڌ حڪومت طرفان نوجوانن لاءِ “انٽرپرينيوئر شپ فنڊ” ٺاهيو وڃي، جيئن اهي پنهنجا ننڍا ڪاروبار شروع ڪري سگهن
مُشتاق ٽانوري
ملڪ اندر هر ڪچهريءَ ۾ اڄ هڪ ئي ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته ”نوڪريون ڪٿي آهن؟“ خاص طور تي نوجوان، جيڪي تعليم ۾ سالن جا سال محنت ڪرڻ کان پوءِ به روزگار کان محروم آهن، اهي تمام گھڻي مايوسيءَ ۾ آهن. اڄ پاڪستان، ۽ خاص طور تي سنڌ، بيروزگاريءَ جي اهڙي لهر مان گذري رهيا آهن جيڪا سماج لاءِ ڳڻتيءَ جوڳي بڻجي چڪي آهي. نوجوان ڪنهن به قوم جو سرمايو ۽ مستقبل هوندا آهن. انهن جي صلاحيتن، تعليم ۽ محنت تي ئي ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار هوندو آهي. پر جڏهن تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ به نوجوان روزگار حاصل نه ڪري سگهن، تڏهن اهو نه صرف سندن شخصي زندگيءَ لاءِ، پر سموري سماج لاءِ هڪ وڏو بحران بڻجي ٿو.

سوال اهو آهي ته جيڪڏهن نوجوان پڙهڻ لکڻ کان پوءِ به پنهنجا خواب پورا نٿا ڪري سگهن ته پوءِ قوم جي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟ بيروزگاري نه رڳو اقتصادي ڏکيائين جو سبب بڻجي رهي آهي، پر سماج ۾ بيچيني، ڏوهن ۽ منشيات جهڙين لعنتن ۾ واڌ جو به بنيادي ڪارڻ بڻجي رهي آهي. تسليم ڪرڻو پوندو ته مسئلو رڳو نوڪرين جي کوٽ ناهي، پر نظام جي ڪمزوري به آهي. سفارش، ڪرپشن ۾ واڌ ۽ ميرٽ جي کوٽ نوجوانن کي مايوس ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي، جديد فني تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ کان محرومي نوجوانن کي عالمي مارڪيٽ ۾ به پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.
سڀ کان پهرين ڳالهه آهي تعليمي نظام جي ڪمزوري، جتي پڙهائي اڪثر مارڪيٽ جي گُهرجن سان مطابقت نه ٿي رکي. مثال طور، جديد ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل مهارتون يا فني تربيت تي گهٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ صنعتن ۽ ڪارخانن جي کوٽ به نوجوانن کي روزگار کان محروم ڪري ٿي. ٻيو وڏو سبب آهي آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ، جنهن سان نوڪريون گهٽ ۽ اميدوار گهڻا ٿي وڃن ٿا. ان کانسواءِ سفارش ۽ ڪرپشن جهڙا سماجي رويا به نوجوانن کي مايوس ڪن ٿا، ڇو ته قابليت بدران سفارش کي اهميت ڏني وڃي ٿي. هتي تعليم حاصل ڪندڙ نوجوانن جي انگ ۾ هر سال واڌ ٿئي ٿي، پر روزگار جا موقعا ساڳي رفتار سان پيدا نٿا ٿين. پاڪستان ۾ بيروزگاري هڪ اهم مسئلو آهي. سرڪاري رپورٽن موجب 2025ع تائين ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرح 8.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. پر جيڪڏهن نوجوانن کي ڏسون ته اها شرح لڳ ڀڳ 16 سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي آهي، خاص طور تي شهري علائقن ۾ جتي تعليم يافته نوجوانن کي به نوڪريون نٿيون ملن. مثال طور، ڪراچي يونيورسٽي مان هر سال هزارين شاگرد فارغ ٿين ٿا، پر انهن مان وڏو حصو بيروزگار رهي ٿو يا ننڍين نوڪرين تي مجبور ٿئي ٿو.
حيدرآباد ۾ هڪ سرڪاري فني ادارو آهي، جتي نوجوان اليڪٽريشن ۽ مشينريءَ جا تربيتي ڪورسز ڪن ٿا. هڪ سروي موجب، انهن مان لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو شاگرد مقامي روزگار نه ملڻ ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ وڃن ٿا، جڏهن ته 30 سيڪڙو نوجوان مقامي مارڪيٽ ۾ ڪم حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿا، ڇاڪاڻ ته صنعتن ۽ ڪارخانن جي کوٽ آهي. هي مثال واضح ڪري ٿو ته تعليم سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ به لازمي آهن.
مايوسيءَ ۾ ورتل سنڌ جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ ڪيترائي پڙهيل نوجوان بيروزگاريءَ ڪري زرعي مزدوري يا ننڍا ڪم تي مجبور ٿين ٿا. لکين نوجوان پنهنجا گھر ٻار ڇڏي سعودي عرب، دبئي ۽ ملائيشيا ڏانهن لڏپلاڻ ڪن ٿا، جتي اهي گهٽ پگهارن تي ڪم ڪن ٿا. سماجي بيچيني پيدا ٿئي ٿي، بيروزگار نوجوانن ۾ منشيات ۽ ڏوهاري سرگرمين جو لاڙو وڌي رهي آهي. پوليس جي رپورٽن موجب ڪراچيءَ ۾ ڪيترن ئي ڏوهن ۾ نوجوانن جي ملوث ھجڻ جو بنيادي سبب بيروزگاري آهي.
نوجوانن جي مستقبل لاءِ مقامي سطح تي صنعتون وڌايون وڃن. سنڌ ۾ ڪراچي کان ٻاهر به صنعتي زون قائم ڪيا وڃن، جيئن حيدرآباد، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿين. فني تعليم کي جديد بڻايو وڃي، شاگردن کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر پروگرامنگ، ۽ اي-ڪامرس سيکاري وڃي. اسٽارٽ اپس ۽ ڪاروباري مدد لاءِ سنڌ حڪومت طرفان نوجوانن لاءِ “انٽرپرينيوئر شپ فنڊ” ٺاهيو وڃي، جيئن اهي پنهنجا ننڍا ڪاروبار شروع ڪري سگهن. شفاف ڀرتيءَ جو نظام رائج ڪري خاص طور تي سرڪاري نوڪرين ۾ سفارش ۽ رشوت بدران ميرٽ کي ترجيح ڏني وڃي.
اسان جا نوجوان تعليم، قابليت ۽ توانائي ۾ ڪنهن کان گهٽ ناهن، پر بيروزگاري انهن کي پوئتي ڌڪي رهي آهي. جيڪڏهن حڪومت ۽ سماج گڏجي عملي قدم کڻن، ته اهي نوجوان نه رڳو پنهنجو مستقبل سنواري سگهن ٿا، پر ملڪ کي به ترقيءَ جي نئين دور ۾ داخل ڪري سگهن ٿا. بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ ئي خوشحال ۽ روشن مستقبل جي ضمانت آهي. نوجوان جيڪڏهن بيروزگار رهن ٿا ته ملڪ جي ترقيءَ جا خواب اڌورا رهجي وڃن ٿا. پر جيڪڏهن انهن کي صحيح تعليم، موقعا ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته اهي پنهنجي قوم کي دنيا جي مقابلي ۾ اڳتي وٺي سگهن ٿا. بيروزگاري ختم ڪرڻ نه رڳو نوجوانن جو مستقبل سنواريندو، پر سموري سماج کي به خوشحال بڻائيندو. حڪومت ۽ سماج گڏجي هڪ واضح حڪمت عملي تي عمل ڪن. مقامي سطح تي صنعتن ۽ ڪارخانن جو قيام، فني ۽ ٽيڪنيڪل تعليم کي جديد بڻائڻ، ۽ نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ سهولتون ڏيڻ ئي بيروزگاريءَ جي بحران کي گهٽائي سگهي ٿو. سڀ کان اهم ڳالهه، سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ ميرٽ تي ڀرتي ڪرڻ سان نوجوانن جو اعتماد بحال ٿي سگهي ٿو. بيروزگار نوجوانن کي”مسئلو“ سمجهي ڌڪبو رهيو ته سماج وڌيڪ ابتريءَ ۾ ڦاسندو. پر جيڪڏهن انهن کي ”موقعو“ ڏئي سندن صلاحيتن مان فائدو ورتو ويو ته اهي ئي نوجوان ملڪ کي ترقيءَ جي نئين دور ۾ وٺي ويندا.
__________________

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو