ويٽنام جو انقلابي ”چاچو ھَو چِي مِنھ“ ۽ سندس جيل جي ڊائري
ھَو چِي مِنھ سندس اصل نالو ڪونہ ھو. 1942 ۾ ھَو چِي مِنھ جي نالي سان ھُو چين ويو تہ جيئن جپان جي اڳراين خلاف مدد وٺي پر سرحد ٽپڻ شرط کيس جاسوسيءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪري سال کان مٿي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو.
قيدخاني ۾ ھڪ ننڍڙي ڳُڙکيءَ مان ھُو رات جو چنڊ کي تڪيندو، ٿڌڙي ھِير جو مزو وٺندو ۽ شاعري ڪرڻ سان گڏ پنھنجي وطن ويٽنام کي آزاد ڪرائڻ لاءِ سوچيندو رھندو ھو
نصير اعجاز
حيدرآباد اچڻ کان اڳ 1970 تائين اسڪولي ڪتابن ۽ ٽارزن ۽ دَيو پَرين جي ڪھاڻين کانسواءِ ٻيو ڪجھ پڙھيم ئي ڪونہ پر جڏھن ڪاليجي زندگيءَ دوران حيدرآباد جي پبلڪ لائبريرين ۾ اخبارون رسالا پڙھڻ شروع ڪيم تہ دنيا جي پروڙ پئي. تڏھن ئي ويٽنام جي آزاديءَ واري ويڙھ جي تاريخ ۽ سندن انقلابي اڳواڻ ھَو چِي مِنھ جي حياتيءَ بابت مواد پڙھڻ جو موقعو مليو. 1890 ۾ جنم وٺندڙ چاچو ھُو تہ 1969 ۾ گذاري ويو ھو پر مڪمل آزاديءَ لاءِ آمريڪا سان شروع ڪيل ويڙھ 1975 تائين جاري رھي ھئي ۽ نيٺ آمريڪا شڪست کائي تڏا ويڙھ ڪئي ۽ ويٽنام متحد ٿي دنيا جي نقشي تي اُڀريو.

مونکي ياد آھي تہ ھَو چِي مِنھ بابت رسول بخش پليجي صاحب جو لکيل سنڌي ڪتابڙو خريد ڪري پڙھيو ھُيم، جيڪو شايد اڄ بہ منھنجي ذاتي ڪتابن ۾ ڪٿي محفوظ ھوندو. ويٽنامي سُورمي ھَو چِي مِنھ، جنھن کي ويٽنامي ماڻھو پيار ۽ عزت وچان ”چاچو ھَو“ ڪري سڏيندا ھئا، تنھن منھنجي ذھن تي بہ اھڙو اثر ڇڏيو جو اڄ بہ اُھو شخص منھنجي آدرشن ۾ شامل آھي. ڏکڻ ڪوريا جي دورن ۾ ھڪ ڀيري ويٽنامي صحافڻ سان ڪچھري ٿي ھُئي. کيس جڏھن ٻُڌايم تہ ھَو چِي مِنھ منھنجو آدرش آھي تہ ھُوءَ خوش ٿي مون سان چنبڙي وئي. چيائين، ”ھَو چِي مِنھ اسان جو سُورمو آھي، جنھن پنھنجي قوم لاءِ جنگ جوٽي ۽ اُن کي آزادي ڏياري.“

سوچيان ٿو تہ پنھنجي پڙھندڙن سان انقلابي چاچي ھَو چِي مِنھ بابت ڪجھ ڳالھيون ونڊيان، جيڪي اڄ بہ اُتساھيندڙ آھن.
ڪامريڊ ھَو چِي مِنھ ويھين صديءَ جو وڏو انقلابي ۽ جديد ويٽنام جو باني ڄاتو وڃي ٿو. ھُن ڪميونسٽ قومي انقلابي ھلچل ھلائي ۽ فرانس جي بيٺڪي راڄ مان پنھنجي وطن جي ھڪ حصي کي آجو ڪرايو جنھن کي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ويٽنام (اُتر ويٽنام) طور سُڃاتو ويندو ھو. ھَو چِي مِنھ اُتر ويٽنام جو صدر بڻيو. سن 1942 ۾ جڏھن ڪامريڊ ھَو ويٽنام جي آزاديءَ واري ھلچل جي سرواڻي ڪري رھيو ھو، تڏھن چين ۾ ڪومنتانگ نيشنلسٽ پارٽيءَ جو راڄ ھو ۽ چيانگ ڪائي شيڪ سربراھ ھو، جڏھن تہ ڪامريڊ مائوزيتُنگ انقلابي ھلچل ھلائي رھيو ھو. ڪامريڊ ھَو چِي مِنھ اُن وقت ڳُجھي نموني چين جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تہ جيئن مائوزيتُنگ ۽ چيانگ ڪائي شيڪ سان الڳ مُلاقاتون ڪري گڏيل دشمن جپان خلاف سندن مدد حاصل ڪري سگھي. سندس خيال ھو تہ پنج ھفتن ۾ ھُو چين جو دورو پُورو ڪري موٽي ايندو پر ايئن ممڪن ئي ڪو نہ ٿيو. چين جي ڪنھن بہ اڳواڻ سان سندس ملاقات ڪانہ ٿي سگھي ڇو تہ چين جي سرحد ٽپڻ شرط کيس جاسوسيءَ جي الزام ھيٺ گرفتار ڪيو ويو جتي ھُن ھڪ سال کان وڌيڪ عرصو قيد ۾ گذاريو. کيس 29 آگسٽ 1942 تي گرفتار ڪيو ويو ۽ 10 سيپٽمبر 1943 تي آزاد ڪيو ويو جڏھن مٿس ڪو بہ الزام ثابت ڪونہ ٿيو. اصل ۾ ھُو انھيءَ وقت جي حالتن جي پيشِ نظر ويٽنامي اڳواڻ جي حيثيت ۾ سرڪاري طور چين ڪونہ ويو پر پاڻ کي صحافي ظاھر ڪري دوري لاءِ نڪري پيو ھو. ھَنوئيءَ مان چيني ٻوليءَ ۾ ڇپرايل سندس وزيٽنگ ڪارڊ تي ھڪ ڪُنڊ ۾ اخباري نمائندو لکيل ھو تہ ٻي ڪُنڊ ۾ قوميت چيني ۽ رھائش ويٽنام لکي وئي. وچ ۾ سندس نالو ھَو چِي مِنھ ڇپيل ھو.

ڪي محقق لکن ٿا تہ ھَو چِي مِنھ جي چين ۾ گرفتاريءَ جا ڪارڻ چِٽا ناھن. سندن خيال موجب پوليس کي ڳُجھو اطلاع ھو تہ اخباري نمائندي جي رُوپ ۾ آيل ماڻھو 1920 واري زماني جو مشھور ڪميونسٽ اڳواڻ نُوئن آءِ ڪوڪ آھي ۽ جنھن ماڻھوءَ کي ھنن گرفتار ڪيو آھي انھيءَ جي عمر ۽ قد بُت انھيءَ ڪميونسٽ اڳواڻ جھڙا آھن. پر مونجھارو اھو ھو تہ ڪن اطلاعن موجب اھو ڪميونسٽ اڳواڻ ھانگ ڪانگ جيل ۾ 1932 ۾ فوت ٿي چُڪو ھو. حقيقت ھيءَ آھي تہ نُوئن آءِ ڪوڪ بہ اصل ۾ ھَو چِي مِنھ جو نالو ھو جنھن سان ھُو ڪنھن دور ۾ سرگرم رھيو. ھَو چِي مِنھ جو جنم وارو نالو نُوئن سِنھ ڪُنگ ھو. کيس جُون 1931 ۾ انگريزن گرفتار ڪيو ھو پر کيس ڪميونسٽ مخالف سمجھي اڳتي ھلي آزاد ڪري، فرانس يا ٻئي ڪنھن ھنڌ گرفتاريءَ کان بچائڻ خاطر پڌرو ڪين تہ ھُو فوت ٿي چُڪو آھي. اتفاق اھڙو ٿيو جو چين ۾ قيديءَ واري زندگي بہ سندس موت جي خبر سان ختم ٿي. ويٽنام مان جيڪو عيوضي ھَو چِي مِنھ جي باري ۾ پُڇا ڪرڻ چين پھتو ھو تنھن کي چيني عملدارن چيو: چُو لوَ، يعني ھُو اڳ ئي ازاد ٿي چُڪو آھي، پر ويٽنامي نمائندي اُن کي ”شِي لوَ“ سمجھيو، جنھن جو مطلب آھي ”ھُو مري چُڪو آھي.“ ويٽنام ۾ جڏھن ھَو چِي مِنھ جي سوڳ جون رسمون پوريون ٿيون ۽ ساڻس لاڳاپيل سامان سڙو وارثن ۾ ورھايو ويو تڏھن ڪجھ ھفتن کانپوءِ ھَو چِي مِنھ واپس ويٽنام اچي پھتو ھو. ھُن چين جي ڳُجھي سفر لاءِ ھَو چِي مِنھ وارو نقلي نالو اختيار ڪيو ھو پر انھيءَ وقت کان وٺي مٿس اھو ئي نالو پئجي ويو ۽ 1945 ۾ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ويٽنام جو صدر بہ انھيءَ نالي سان بڻيو ۽ 1969 ۾ زندگيءَ جا آخري پساھ کڻڻ توڙي اڄ تائين مٿس اھو ئي نالو رھيو. ھُن 79 ورھين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي. جڏھن 1974 ۾ سائيگون شھر فتح ڪيو ويو تہ عوام ان شھر جو نالو مٽائي پنھنجي پياري انقلابي اڳواڻ جي نالي سان ”انڪل ھَو“ سڏڻ شروع ڪيو.
ھَو چِي مِنھ ھونئن بہ انھيءَ کان اڳ پنھنجي انقلابي جدوجھد دوران سدائين نقلي نالن ۽ سُڃاڻپ جي دستاويزن سان پيو سفر ڪندو ھو تہ جيئن دشمن قوتن ھٿان گرفتار ٿيڻ کان بچي سگھي. انھيءَ جدوجھد دوران ھُن گھٽ ۾ گھٽ پنجاھ جعلي نالن سان سفر ڪيا ھئا. کيس چيني توڙي انگريزي ۽ ٻيون يورپي ٻوليون بہ اينديون ھيون. جڏھن چين ۾ جاسوسيءَ جي الزام ۾ کيس گرفتار ڪري مختلف جيلن ۾ رکيو ويو تہ ھُن اُتي جيل جي ڊائري لکڻ شروع ڪئي. اُھا ڊائري شاعريءَ جي شڪل ۾ ھوندي ھُئي. ھُو چيني ٻوليءَ ۾ ڊائري لکندو ھو ڇو تہ سندس خيال ھو تہ جيڪڏھن ھُو ويٽنامي يا انگريزي ٻوليءَ ۾ لکندو ۽ جيل عملدار اُھا ٻولي سمجھي ڪونہ سگھندا تہ کيس لکڻ کان روڪي ڇڏيندا.
سندس شاعريءَ ۾ گھڻو ڪري روزاني زندگيءَ جون ڳالھيون ھونديون ھيون. مثال طور ھٿ ڪڙين ۽ پير ڪڙين سان ڏيڏر جيان ھلائيندي ھڪ جيل کان ٻئي جيل منتقل، اڻپورن ڪپڙن ۽ کاڌ خوارڪ سان خراب موسم ۾ گذارڻ، ھنڌ بستري ۾ مُنگھڻن ۽ مڇرن جو مارو وغيرہ. پر ھُو خاص طور انھن شين جو ذڪر ڪندو رھيو جن کيس سدائين ڏکين حالتن کي مُنھن ڏئي زندھ رھن جو اُتساھ ڏنو. اھي شيون ھيون چنڊ جون جھلڪيون، ڪٿان پري کان ايندڙ بانسريءَ جو مَڌُر آواز، جيل جي ڳڙڪيءَ مان سندس مُنھن تي لڳندڙ ٿڌڙي ھِير ۽ رات جو آسمان تي نظر ايندڙ ستارن جي ڪھڪشان. قيدخاني ۾ گھاريل چوڏھن ئي مھينا ھُن ھمت ڪانہ ھاري. ھُو نہ رُڳو اُتساھيندڙ نظم لکندو رھيو پر گڏوگڏ پنھنجي ديس، پنھنجي وطن جي مڪمل آزاديءَ جي رٿابندي بہ ڪندو رھيو. ھُن ويٽنام کي مُتحد ۽ آزاد ڏسڻ ٿي گھريو.
سندس شاعريءَ تي مشتمل جيل جي ڊائريءَ مان ڪي چونڊ شيون ونڊڻ کان اڳ ھَو چِي مِنھ جي زندگيءَ جون جھ ٻيون ڳالھيون بہ ونڊجن. ھُن پنھنجي سموري حياتي قومي آزادي ۽ ورھايل ديس کي متحد ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي ھُئي. قومي آزاديءَ واري ڊگھي ويڙھ دوران توڙي آزاديءَ کانپوءِ ويٽنام جي صدر جو عھدو ماڻڻ کان پنھنجي وفات تائين ھُن نھايت سادي زندگي گذاري. سندس ڪپڙا ڦاٽل ۽ انھن کي چتيون لڳل ھونديون ھيون. سندس وھاڻو بہ پُراڻو ٿي ڦاٽي ويو ھو پر ھُو اُن کي بہ چتيون ھڻائي استعمال ڪندو ھو. سندس سادگيءَ جو اندازو ھن ڳالھ مان ڪري سگھجي ٿو تہ کيس پيرن ۾ جيڪو سينڊل پاتل ھوندو ھو، اُھو فرانس جي تباھ ٿيل گاڏين جي پُراڻن ٽائرن مان ٺھيل ھوندو ھو. نہ رُڳوصدر ٿيڻ کانپوءِ بہ ھُو اُھو سينڊل پائيندو ھو پر جڏھن 1960 ۾ ھُو ھندستان جي دوري تي ويو تہ بہ ھُو اھو ئي سينڊل پائي ويو. سندس اسٽاف وارن پُراڻو ٽائر وارو سينڊل لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھُن نئون بُوٽ پائڻ کان انڪار ڪيو. ھندستان ۾ جھاز مان لٿو تہ پريس فوٽوگرافر حيران ٿي ويا ۽ سندس ٽائر واري سينڊل جا فوٽو ڪڍندا رھيا.
ھَو چِي مِنھ وقت جو بہ ڏاڍو پابند ھو. ڪنھن پروگرام ۾ ھڪ ويٽنامي آفيسر ٿورو دير سان پھتو. پُڇيائينس تہ گھڻي دير سان پھتو آھين؟ آفيسر چيو: ”صرف ڏھ منٽ.“ ھَو چِي مِنھ چيس: ”ھتي پنج سئو ماڻھو موجود آھن. ھڪ ھڪ ماڻھوءَ جا ڏھ منٽ ٻَڌُ تہ گھڻو وقت ٿيو؟“
سن 1911 ۾ ھَو چِي مِنھ 21 ورھين جي ڦُوھ جوانيءَ ۾ ھو. اُن وقت ھو مسٽر با جي نالي سان سڏيو ويندو ھو. ھڪ ڏينھن سائيگون شھر ۾ ھڪ دوست مسٽر ليءَ سان ڦرندي مسٽر با کيس چيو: ”توکي پنھنجي ديس سان پيار آھي.“
دوست وراڻيس، ”ھا، بلڪل.“
مسٽر با پُڇيس، ”تون ھڪ ڳالھ ڳُجھي رکي سگھندين؟“
دوست وراڻيس، ”ھا.“
مسٽر با چيو، ”مان پرڏيھ وڃڻ چاھيان ٿو. مان فرانس ۽ ٻين مُلڪن ۾ وڃي تجربو حاصل ڪري پنھنجي وطن موٽي ديس واسين جي مدد ڪرڻ چاھيان ٿو. پر اڪيلو وڃڻ ۾ ٿورو جوکم آھي. ماڻھو ڪڏھن بيمار ٿيو پوي تُ ڪو ساٿي ھجي. تون مون سان گڏ ھلندين؟“

مسٽر ليءَ ھٻڪندي چيس،”پر منھنجا دوست انھيءَ لاءِ پئسو ڪٿان ايندو؟“
مسٽر با پنھنجا ٻئي ھٿ مٿي کڻندي چيس، ”ھيءُ پئسو آھي. اسان محنت مزدوري ڪنداسين. تون منھنجو ساٿ ڏيندين؟“
مسٽر با جو جوش جذبو ڏسي سندس دوست ھا تہ ڪئي پر پوءِ ھمت ڪونہ ساريائين ۽ نتيجي ۾ مسٽر با يعني ھَو چِي مِنھ اڪيلو ئي پرڏيھ ھليو ويو ۽ دنيا جا مختلف مُلڪ گھمندي اُتان جو مُشاھدو ڪندو ۽ پنھنجي ديس واسين کي جاگيرداراڻي بيٺڪيت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جا طريقا سوچيندو رھيو. ھُن پرڏيھ ۾ ھر ڪم ڪيو. ويٽر، بورچيخاني ۾ مددگار، برفباريءَ ۾ رستا صاف ڪرڻ جھڙا مختلف ڪم ھن ڪيا.

ھَو چِي مِنھ کي جوانيءَ کان سگريٽ پيئڻ جي عادت ھوندي ھئي. پر جڏھن 1960 واري ڏھاڪي ۾ ھُو بيمار ٿيو تہ ڊاڪٽرن کيس سگريٽ بند ڪرن جي صلاح ڏني. سگريٽ ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو ھيس پر پوءِ ھُن ھوريان ھوريان سگريٽ گھٽائڻ شروع ڪيا ۽ 1968 ڌاري بلڪل بند ڪري ڇڏيائين. ھُن سگريٽ پيئڻ خلاف ھڪ نظم بہ لکيو ۽ نوجوانن کي بہ صلاح ڏنائين تہ سگريٽن کان پري رھن.
چيو وڃي ٿو تہ ڪنھن دور ۾ ھَو چِي مِنھ جو ڪنھن حسينا سان پيار بہ ٿيو ۽ شايد ساڻس شادي بہ ڪئي ھئائين، پر ھڪ وقت اھڙو بہ آيو جو قومي انقلاب خاطر ساٿين جي چوڻ تي ھُن پنھنجو پيار قربان ڪري علحدگي اختيار ڪري ورتي ھئي.
جيل جي ڊائريءَ مان چُونڊ نظم
حياتيءَ جي ڏُکي واٽ
اُتانھان جبل ۽ چوٽيون ٽپندي
مون کي ڪنھن بہ وڏي خطري جي توقع ڪانہ ھوئي
جبلن ۾ مون سان چيتو بہ ٽڪرايو، پر بنا ھاڃي بچي نڪتس
ميداني علائقن ۾ آيس تہ ماڻھو مليا، ۽ مونکي جيل ۾ کڻي اُڇلائين
***
پابنديون
آزاديءَ بنا رھڻ ڪيڏو اذيتناڪ آھي
رفع حاجت لاءِ بہ پابنديون مڙھيل آھن
جڏھن ڪوٺڙيءَ جو در کُلي ٿو تہ پيٽ رفع حاجت لاءِ تيار ڪونھي
جڏھن رفع حاجت لاءِ زور وڌي ٿو تہ دروازو بند ٿيو وڃي.
***
راتين جا اوجاڳا
اڻ کُٽندڙ راتين جو جڏھن ننڊ اچڻ کان نابري واري ٿي
مان جيل واري حياتيءَ تي ھڪ سئو کان وڌيڪ نظم لکي ٿو وٺان
ھر نظم جي پڇاڙيءَ ۾ قلم رکي
قيدخاني جي لوھي شيخن مان مٿي آزاد اُڀ کي ڏسان ٿو.
***
سَرءَ جي رات
گيٽ جي آڏو گارڊ رائفل جھليو بيٺو آھي
آسمان تي ڪارا ڪڪر چنڊ کي ڪاھيندا ٿا وڃن
مُنگھڻ قيدخاني ۾ آرميءَ جي ٽينڪن جيان گھمي رھيا آھن
۽ مڇر جنگي جھازن جيان لامارا ڏئي حملا ڪري رھيا آھن
منھنجي دل پنھنجي اباڻي ديس ڏانھن تيزيءَ سان سفر ڪري رھي آھي
پر منھنجا سپنا اُداسيءَ ۾ ايئن وڪوڙجي ويا آھن جيئن ڪو سُٽُ مُنجھي پوي
مان بيگناھ سڄي سال کان قيد ڀوڳي
لُڙڪن کي قلم جي مسُ بنائي، پنھنجي خيالن کي نظمن جي سڪل ڏئي رھيو آھيان.
***
قيد
منھنجو جسم جيل ۾ پر منھنجو روح، منھنجا جذبا آزاد آھن
اھي آسمان ڏانھن ڀڙڪو کائي سگھن ٿا.
مون شاعريءَ جو ڪڏھن سوچيو بہ ڪونہ ھو
جيل ۾ انھيءَ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگھجي.
جيل جو ھڪ ھڪ پَلُ ڊگھو ھوندو اھي
ڪو گيت ئي اُن ڊگھي پَل کي جيئاري سگھي ٿو.
جڏھن جنگسيءَ جي ضلعي جيل ۾ گھڙيس تہ
پُراڻن ھٿن (قيدين) اڳتي وڌي ڀليڪار چيو
گُئانگسيءَ جي وشال اسمان تي
اڇا ڪڪر ڪارن ڪڪرن جي پويان ڀڄندا رھيا
سمورا ڪڪر آزاد آھن
پر انسان جيل ۾ واڙيل آھن.
مان جبل جھاڳيندو
اُتانھين چوٽين تان ھيٺ لٿس
پر کُليل رستي تي پڪڙيو ويس
جبلن ۾ چيتو مليو. ھُن مونکي ڏٺو
مون ھُن کي ڏٺو، ۽ ٻئي پنھنجي واٽ وٺي رُندا وياسين
جڏھن کُليل رستي تي سمجھيم تہ محفوظ اھيان
اھي انسان ئي ھيا جن مونکي سوگھو ڪري وڌو.
مان ويٽنام بابت ڳالھائڻ لاءِ چين آيو ھيس
پر مونکي رستي تي ئي گرفتار ڪري
ڀليڪار چوندي جيل ۾ واڙيو ويو
مان ھڪ ايماندار انسان آھيان، ان تي مونکي پڇتاءُ ڪونھي
پر چيني مونکي غدار سڏين ٿا
اھو عالمي قانون اھي، پر ھر شئي بدلجندي.
***
جيل ۾ قيدين لاءِ نہ شراب آ نہ گُل
پر رات ڏاڍي پياري آھي، اُھا ڪيئن ملھائجي؟
مان تہ ڪال ڪوٺڙيءَ جي ننڍڙي سوراخ مان ويٺو چنڊ کي تڪيندو آھيان
۽ چنڊ، ھَوا واري ان سوراخ مان شاعر کي ڏسي پيو مُرڪندو آھي.
ھُنن منھنجا ھٿ پير ٻڌي قابو ڪري رکيو آھي
پر مان مٿي جبل تان پکيئڙن جا گيت ٻُڌي سگھان ٿو
سمورو ٻيلو بھار جي گُلن جي سُڳنڌ سان واسيل آھي
پکيئڙن جي گيتن ۽ گُلن جي سُڳنڌ جو مزو وٺڻ کان ڪير ٿو مونکي روڪي سگھي
اڪيلائيءَ جي ھن ڊگھي سفر ۾ اھي ئي تہ منھنجا ساٿي آھن.
پُراڻي زماني ۾ ماڻھو فطري سونھن جا ڳيچ ڳائيندا ھئا:
برفباري، گُلن، چنڊ، ھوائن، ڪوھيڙي، جبلن ۽ درياھن جا ڳيچ.
اڄ اسان کي لوھ ۽ فولاد جا گيت لکڻ گھرجن
ھڪ شاعر کي خبر ھجڻ گھرجي تہ حملي جي اڳواڻي ڪيئن ڪجي.
***
جيل کانپوءِ جبلن تي پنڌ
ڪڪر جبلن جي چوٽين کي ڀاڪر ٿا پائين ۽ چوٽيون ڪڪرن کي
ھيٺ صاف اُجري پاڻيءَ واري ندي، ڪنھن بنا نشان واري درسنيءَ جيان چمڪي رھي آھي.
اُلھندن جبلن جي چوٽيءَ تي وِکون کڻندي ۽ ڏاکڻي آسمان ڏانھن نھاريندي
منھنجي دل اُڇلون کائي رھي آھي ۽ مان پُراڻن دوستن جا خواب ڏسي رھيو آھيان.
__________________
نصير اعجاز سينئر صحافي ۽ The AsiaN جو ايڊيٽر آھي