سنڌي: پنھنجي محدود آرامده دائري کان ٻاهر عالمي افق تائين پھچندڙ قوم
شاهه لطيف جي سامونڊي مسافرن کان وٺي اڄ جي يورپي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ سنڌي نوجوانن تائين، هي هڪ ئي تسلسل آهي يعني سفر، سکيا ۽ سڃاڻپ جو. اڄ جا سنڌي نه رڳو پنهنجي ڌرتي سان جڙيل آهن، پر دنيا سان به ڳنڍيل آهن.
عبدالله عثمان مورائي
سنڌين بابت اڪثر چيو ويندو آهي ته هو پنهنجن گهرن ۽ آرامدهه زندگين يعني ڪمفرٽ زون کان ٻاهر نڪرڻ پسند نٿا ڪن. ڪجهه حد تائين اها ڳالهه صحيح به لڳي ٿي ڇاڪاڻ ته سنڌي سماج تاريخي طور پنهنجي ڌرتي، ڳوٺن، ڪٽنبن ۽ روايتن سان گهري وابستگي رکندو رهيو آهي ۽ رکندو اچي پيو. ڪيترن خاندانن وٽ ايترو هوندو هو جو روزمرهه جي زندگي سولائيء سان گذرندي هئي. ان کي سنڌيءَ ۾ چيو ويندو آهي ته “ماني مڇي وارو خاندان يا گهر يا ماني مڇيء واري زندگي”، يعني گهر ۾ ماني ۽ مڇي موجود آهي، جيڪا پنهنجي بقا لاءِ ڪافي آهي. ٻين لفظن ۾ ان کي ائين به چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن گهر ۾ سک، شانتي ۽ ماني ميسر آهي ته پوءِ پرديس وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ پر جيڪڏهن تاريخ جا ورق ورائجن ته معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي هميشه کان رڳو ڪمفرٽ زون واري زندگيءَ ۾ نه رهيا آهن ۽ تاريخي طور تي هيءَ ڳالهه غلط ثابت ٿئي ٿي.

شاهه لطيف ۽ سامونڊي سفر
ٽي چار سؤ سال اڳ، سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاهڪار تصنيف شاهه جو رسالو ۾، خاص طور سُر سامونڊي ۾ ، انهن سنڌين جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي واپار لاءِ ڏورانهن ملڪن جا سفر ڪندا هئا. لطيف سائين سنڌي سامونڊي واپارين، وڻجارن، ملاحن ۽ مسافرن جي جدوجهد، اميدن ۽ قربانين کي سندس شاعريءَ ۾ کين ڀيٽا پيش ڪئي ۽ جيڪي ڪاروبار لاءِ پري پري تائين سفر ڪندا هئا انهن کي امر ڪري ڇڏيو.
هي واضح ثبوت آهي ته سنڌي واپار ۽ روزگار لاءِ پرڏيهه وڃڻ کان واقف هئا. ممڪن آهي ته انهن مان گهڻا هندو سنڌي واپاري رهيا هجن، پر مجموعي طور سنڌ جي ڌرتي اهڙن ماڻهن کي جنم ڏنو جيڪي سمنڊ پار ڪري دنيا سان ناتا جوڙيندا هئا، معني سڄي سنڌ ۾ شعور ۽ وڻج جو جذبو موجود هو.
گهر سان لڳاءُ، مجبوري يا پسند؟
گهڻا سنڌي گهر ڇڏڻ کان ان ڪري به ڪيٻائيندا رهيا، ڇو ته سندن بنيادي ضرورتون ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ئي پوريون ٿي وينديون هيون. ٻاهر وڃڻ جو مطلب هوندو هو ڊگهو عرصو ڪٽنب کان پري رهڻ، جيڪو سنڌي سماج لاءِ ڏکيو فيصلو هوندو هو. انهيءَ ڪري ڪيترائي ماڻهو وڏن شهرن ۾ رڳو ٿوري وقت لاءِ ويندا هئا يعني ڪنهن ڪم ڪار سانگي، واپار يا ملاقات لاءِ ۽ پوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ يا شهر موٽي ايندا هئا.
وقت جو بدلجڻ ۽ تبديليءَ جا ڪارڻ
وقت سان گڏ حالتون تبديل ٿي ويون. وقت بدليو ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ معاشي سرگرمين ۾ گهٽتائي سنڌ جي ٻهراڙين کي متاثر ڪيو. پاڻي جي کوٽ جا مسئلا، امن امان جي خراب صورتحال، وڌندڙ آبادي ۽ خاندانن جو وڌڻ ۽ اباڻي زمينن جي ورڇ ۽ اعلي تعليم جو شوق اهي محرڪ بڻيا، جن سنڌي ماڻهوءَ کي نئين راهه ۽ نوان رستا ڳولڻ تي مجبور ڪيو. ان سان گڏوگڏ ساڳئي وقت پاڪستان اندر رهندڙ ٻين قومن پاران ڪيل طنز، ٺٺول ۽ طعنا ته ”سنڌي گهر کان ٻاهر نٿا نڪرن“، سنڌي نوجوانن لاءِ هڪ چيلنج بڻجي ويا ته هو پاڻ کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي ثابت ڪن.
دنيا جي هر ڪنڊ ۾ اڄوڪو سنڌي ۽ عالمي دنيا
اعلي تعليم جي تڙپ ۽ تحقيق جو جذبو سنڌين کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. اڄ جو سنڌي مختلف آهي. پاڻ کي اڄوڪو سنڌي نوجوان، ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون، دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ملندو. يورپ ۾ هزارين سنڌي شاگرد اعلي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ڪيترائي اتي نوڪريون ڪري ميزبان ملڪن جو حصو بڻجي چڪا آهن. پاڪستان اندر به سنڌي وڏن شهرن ڏانهن منتقل ٿيا آهن، خاص طور ڪراچي يا اسلام آباد ۾ سنڌين جي نمايان موجودگي نظر اچي ٿي. اها ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هاڻي هو گهر تائين محدود ناهن.
اڄڪلهه پاڻ کي سنڌي دبئي، ابوظهبي، سعودي عرب ۽ مسقط ۾ ڪاروبار، نوڪريون ۽ سروسز انجام ڏيندي ملندا . برطانيا جي مختلف شهرن ۾ صحت، فنانس، آئي ٽي ۽ ڪاروبار ۾ سرگرم نظر ايندا. آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ ٽيڪنالاجي، طب، انجنيئرنگ ۽ تحقيق جي شعبن سان سلهاڙيل آهن. سنگاپور، هانگ ڪانگ، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ وري اهي پراڻين واپاري روايتن کي زنده رکيو اچن. مزي واري ڳاله ته ڪينيا، ڏکڻ آفريقا، ڪينيا، يوگنڊا، روانڊا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن جهڙوڪ چلي ۾ به سنڌي ڪميونٽيون موجود آهن جتي هو ڪاروبار سان لاڳاپيل آهن. دنيا جي ٻين ملڪن مثال طور ، چين، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ، جرمني ۽ اٽليءَ ۾ سنڌي شاگرد اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ اتي جي سماج ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. دنيا جي مختلف ٻيٽن تي به سنڌين جا قدم پهچي ۽ ڄمي چڪا آهن.

عزت ۽ وقار جو قانوني رستو
هڪ اهم ۽ خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته گهڻا سنڌي ماڻهو قانوني ۽ عزت واري طريقي يعني شاگرد ويزا، ڪاروبار يا نوڪري ڪرڻ جي ويزا ۽ جائز هجرت جي ذريعن سان ٻاهر وڃڻ کي ترجيح ڏين ٿا. سنڌين ۾ ”ڊنڪي“ (غير قانوني لڏپلاڻ) يا خطرناڪ طريقن سان ٻاهر وڃڻ عام ناهي جنهن جا ثبوت تمام گهٽ ملن ٿا ۽ نه ئي اهڙي عمل کي همٿايو وڃي ٿو. قانوني رستو اختيار ڪرڻ نه رڳو ذاتي وقار آهي، پر پوري قوم جو نالو روشن ڪرڻ به آهي. جيڪڏهن ڪو هڪ شخص غلط رستو (غير قانوني لڏپلاڻ) اختيار ڪري ٿو ته ان جو الزام پوري قوم تي اچي ٿو. تنهنڪري، اڄوڪي سنڌي نوجوان جو هي ”صاف ۽ قانوني رستو“ انهن ٻين نوجوانن لاءِ راهه هموار ڪري رهيو آهي، جيڪي مستقبل ۾ عالمي برادريءَ جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا.
آخر ۾ چوڻ جو حاصل مقصد ته ڪڏهن ڪڏهن قومن کي اڳتي وڌڻ لاءِ طنز، تڪليفون ۽ بحران به گهربل هوندا آهن. امن امان جا مسئلا، معاشي دٻاءُ ۽ علم جي تلاش، اهي سڀ سنڌين کي نوان افق ڳولڻ ڏانهن وٺي ويا آهن.
شاهه لطيف جي سامونڊي مسافرن کان وٺي اڄ جي يورپي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ سنڌي نوجوانن تائين، هي هڪ ئي تسلسل آهي يعني سفر، سکيا ۽ سڃاڻپ جو. اڄ جا سنڌي نه رڳو پنهنجي ڌرتي سان جڙيل آهن، پر دنيا سان به ڳنڍيل آهن.
سنڌي هاڻي رڳو “ماني مڇي” کائي خوش ٿيڻ تائين محدود ناهن رهيا. هو علم، وقار، عالمي شهريت ۽ مستقبل جي تلاش ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ هو پنهنجي علم ۽ محنت سان دنيا کي فتح ڪرڻ جو عزم کڻي نڪتا آهن ۽ شايد، اها ئي قومن جي اصل خوبصورتي هوندي آهي.
________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.




Now you can find Sindhi every where in world it is also good that they are migrating to Karachi
Yes exactly