اروڙ ۾ مھاراجا ڏاھر جو مجسمو: انجنيئر غلام شبير کيس ھٽائڻ جي ترديد ڪري ڇڏي
مان اروڙ يونيورسٽيءَ جو اڳي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ھيس. رٽائرمينٽ کانپوءِ ٻہ ڀيرا وري ايڊوائيزر طور مونکي گھرايو ويو ھو جتي گذريل سال مُدو ختم ٿيو. ھن وقت مان ميرپورخاص يونيورسٽيءَ جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رھيو آھيان
اروڙ يونيورسٽيءَ جي ”وال آف ھسٽري“ ۽ اُتي مھاراجا ڏاھر جي مجسمي لڳڻ جو سمورو ڪم يونيورسٽي انتظاميا جي منظوريءَ سان اُتان جي شاگردن ۽ ڪجھ استادن ڪيو آھي.

The AsiaN جي رپورٽ
ھڪ ڏينھن سوشل ميڊيا تي تصويرن سميت خبرون اچن ٿيون تہ اروڙ يونيورسٽيءَ ۾ ”تاريخ جي ديوار“ تي سنڌ جي آخري آزاد بادشاھ مھاراجا ڏاھر جو مجسمو ھنيو ويو ويو آھي، ۽ اڃان انھيءَ تاريخي ۽ اھم قدم جي واکاڻ ھلي رھي ھئي تہ ٻئي ڏينھن نہ رُڳو مھاراجا ڏاھر جي شبيھ تي اعتراض ڪيو ويو تہ اھا ڪنھن ٻئي راجا جي شڪل آھي، پر اھي بہ خبرون ھليون تہ جنھن پروفيسر اھو مجسمو ٺاھيو، اُن کي سزا طور نوڪريءَ مان ئي ڪڍيو ويو آھي.
مھاراجا ڏاھر جي شبيھ تي واريل اعتراض پنھنجي جاءِ تي صحيح بہ آھي، پر انھيءَ جي ايتري اھميت ڪانھي ڇو تہ جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شبيھ ۽ مجسمو تصوراتي آھي، تيئن مھاراجا ڏاھر جي شبيھ بہ تخيلاتي آھي. بيشڪ ان جي مشابھت ڪنھن ڪشميري يا راجستاني راجا سان ٿي سگھي ٿي، پر اھم ڳالھ ھيءَ آھي تہ سنڌ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ھن ڌرتيءَ جي اھڙي سپوت جو مجسمو ٺاھي ھڪ سرڪاري يونيورسٽيءَ جي ”تاريخ جي ديوار“ تي کڙو ڪيو ويو آھي، جنھن جي باري ۾ اڄ تائين درسي ڪتابن ۾ سنڌ جي سورمي طور ذڪر ڪرن ڏوھ سمجھيو ويندو رھيو آھي.

ٻيو وائرل ڪيل افواھ آھي ڪنھن پروفيسر کي اھو مجسمو ٺاھي لڳائڻ جي ڏوھ ۾ برطرف ڪرڻ. اھي افواھ بلڪل غلط بلڪ ڪُوڙي خبر پکيڙي مشھوري ماڻڻ جي ڪوشش آھي. جنھن شخص کي ھٽائڻ جون خبرون عام ڪيون ويون، انھيءَ جو نالو پروفيسر غلام شبير ممناڻي آھي، جيڪو پروفيسر نہ بلڪ انجنيئر آھي ۽ گذريل سال اروڙ يونيورسٽيءَ مان پنھنجي طور وڃي چُڪو ۽ ھن وقت ميرپورخاص يونيورسٽيءَ جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رھيو آھي.
”منھنجي باري ۾ سوشل ميڊيا تي غلط خبرون ھلايون ويون. مان اروڙ يونيورسٽيءَ جو اڳي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ھيس ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ ٻہ ڀيرا وري ايڊوائيزر طور مونکي گھرايو ويو ھو جتي گذريل سال مُدو ختم ٿيو ھو. ھن وقت مان ميرپورخاص يونيورسٽيءَ جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رھيو آھيان،“ انجنيئر غلام شبير ممناڻيءَ فون تي ٻُڌايو.
انجنيئر غلام شبير اروڙ يونيورسٽيءَ جي قائم ٿيڻ ۾ ۽ انھيءَ کان وٺي اُتي سندس خدمتن توڙي ڪجھ ٻين يونيورسٽين جي حوالي سان سندس ڪردار جا تفصيل ونڊيا. سندس چوڻ ھو تہ اروڙ يونيورسٽيءَ جي ”وال آف ھسٽري“ ۽ اُتي مھاراجا ڏاھر جي مجسمي لڳڻ جو سمورو ڪم يونيورسٽي انتظاميا جي منظوريءَ سان اُتان جي شاگردن ۽ ڪجھ استادن ڪيو آھي ۽ ان ۾ سندس ڪو ڪردار ناھي.
”اروڙ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انجنيئر زاھد حسين کنڊ انھيءَ پروجيڪٽ ۾ گھڻي دلچسپي رکندو ھو،“ انجنيئر غلام شبير ٻُڌايو.
انھيءَ پروجيڪٽ جي ڪري ڪنھن ٻئي فرد خلاف جيڪڏھن ڪو قدم کنيو ويو آھي، تہ اھڙيون خبرون ظاھر ڪونہ ٿيون آھن.
____________



