Editor's pickMain Slideدنياڪالم

سان جيواني: اٽليءَ ۾ هڪ ننڍڙي سنڌ جتي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي پاڻ ۾ گڏ آھن

سان جيوانيءَ ۾ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي، ٻوليءَ، پسمنظر يا معمولي فرقن جي بنياد تي ورهايل نه پر هڪ گڏيل سڃاڻپ، احترام ۽ اجتماعي بقا جي جذبي سان متحد هئا.

ھُو هڪ پرائي ملڪ ۾ اهي هڪٻئي جي حفاظت ڪن ٿا، گڏجي هلن ٿا ۽ چئلينجن جي خلاف هڪ ڍال بڻجي بيهن ٿا، ڀلي اهي چئلينج سماجي هجن، ثقافتي هجن يا جسماني هجن.

عبداللہ عثمان مورائي

ڪيپري ٻيٽ جي سونهن کان وٺي سرحدن کان مٿانهين ڀائپي ۽ ناتا

ڪيپري جي ٻيٽ ڏانهن صبح جو سفر

ٽئين ڏينهن، 9 مارچ 2026 جي شروعات، هڪ پرسڪون جوش ۽ جذبي سان ٿي.

ناشتي کان پوءِ، اسان نيپلز جي بندرگاهه ڏانهن پنڌ روانا ٿياسين ته جيئن جڳ مشهورِ ٻيٽ ڪيپري لاءِ فيري ۾ سوار ٿي سگهون. سمنڊ جي هوا ۾ هڪ اهڙي تازگي هئي جيڪا گذريل ڏينهن کان مختلف هئي ۽  وڌيڪ هلڪي ۽ ڄڻ ته خوشي ملهائيندڙ پي لڳي.

فيري، جيڪا ڪنهن وڏي ڪروز جهاز وانگر هئي، سياحن سان مڪمل ڀريل هئي، جيتوڻيڪ ان وقت سياحت جي مک سيزن به نه هئي. ان ڳالهه اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته سياحت جي عروج وارن مهينن ۾ هتي ڪهڙي صورتحال هوندي، شايد حد کان وڌيڪ پيهه هوندي. ان گهڙيء، اسان خاموشيءَ سان پنهنجي وقت جي چونڊ کي ساراهيو. اسان کي احساس ٿيو ته آف سيزن ۾ سفر ڪرڻ نه رڳو بچت وارو آهي پر روحاني طور تي به وڌيڪ مزيدار هوندو آهي.

ليکڪ

ڪيپري بندرگاه هڪ جزيراتي خواب جو دروازو

ڪيپريءَ جي مک بندرگاهه مرينا گرانڊي (Marina Grande) تي پهچڻ کان پوء ائين محسوس ٿيو ڄڻ اسان ميڊيٽرينين ڪينواس يا ڀوونوچ  سمنڊ جي ڪنهن تصوير ۾ پير رکيو هجي.

بندرگاهه رنگين ۽ متحرڪ هجڻ سان گڏوگڏ نهايت منظم به آهي جتي رنگ برنگي عمارتون، ننڍڙا ڪيفي، سوکڙين جا دڪان ۽ سرگرمين سان ڀرپور ٽڪيٽ ڪائونٽر هڪ قطار ۾ موجود آهن. ٻيڙيون نهايت نفاست سان ڪناري تي بيٺل آهن، جڏهن ته سياح مختلف رخن ۾ پکڙجي وڃن ٿا، ڪجهه تڪڙ ۾ ته ڪجهه وري اتان جي سونهن کي پنهنجي اندر اوتڻ لاءِ گهڙي کن سڪون ڪن ٿا.

اسان به اتي ٿورو هيڏي هوڏي سير ڪيو ۽ دڪانن جو جائزو ورتو. هڪ زيورن جي دڪان تي اسان مني بس جي اسٽاپ بابت رستو پڇا ڪرڻ وياسين، دلچسپ ڳالهه اها هئي ته اتي موجود عملو ٻه سريلنڪا جون ڇوڪريون هيون. اها ڳالهه ان ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته هتي سياحت جي شعبي ۾ ڪيتريون ئي مختلف قوميتون ڪم ڪري رهيون آهن.

ڪيپري جي بيٽ تي سفر جي شروعات، حڪمت عملي ۽ ننڍڙا فيصلا

اسان ٽن اسٽاپن واري عوامي اچ وڃ يعني پبلڪ ٽرانسپورٽ واري مني بس جي ٽڪيٽ خريد ڪئي ۽ پنهنجي رستي جي رٿابندي ڪئي. پهريان اناڪاپري (Anacapri)، پوءِ ڪيپري سينٽر ۽ آخر ۾ بندرگاه ڏانهن واپسي. پر حقيقت ۾ اسان اتي ڏٺو ته اناڪيپري وڃڻ وارن جي قطار تمام ڊگهي هئي، جڏهن ته ڪيپري سينٽر ڏانهن ويندڙ بسون وڌيڪ تعداد ۾ اچي وڃي رهيون هيون جن ۾ ڪي تمام گهڻا مسافر نه پي چڙهيا. سو ادا جان ۽ مون پاڻ ۾ اهو مشورو ڪيو ته پنهنجي منصوبي ۾ تبديلي آڻي ۽ اناڪيپري جي بدران پهريان ڪيپري سينٽر ڏانهن روانو ٿجي. ڪڏهن ڪڏهن سفر ۾ حالتن موجب اهڙي قسم جي تڪڙي منصوبا بندي ڪري وقت ۽ توانائي بچائي سگهجي ٿي.

ڪيپري سينٽر ڄڻ سمنڊ جي مٿان هڪ بالڪوني

ڪيپري سينٽر ڏانهن ويندڙ رستي ٻيٽ جي سحر کي ظاهر ڪيو جن ۾ سوڙها، ور وڪڙ کائيندڙ رستا جيڪي بندرگاهه کان مسلسل مٿانهينءَ ڏانهن چڙهي رهيا هئا.

مرڪز ۾ پهچي، اسان کي جبلن تي ٻڌل صاف سٿرو هڪ ننڍڙو پر متحرڪ شهر مليو. نيري سمنڊ جا نظارا حيران ڪندڙ ۽ پري پري تائين پکڙيل هئا. اسان کي ائين لڳو ڄڻ اسان ڪنهن بالڪوني ۾ ويهي اهو نظارو ڪندا هجون، اتي مقامي ماڻهن جي گهرن جي درين ۽ بالڪونين مان اهي نظارا کين سڪون ۽ اطمينان بخشيندا هوندا.

ٻيٽ تي جنهن شيءِ اسان جي توجهه سڀ کان وڌيڪ ڇڪي، اها هئي اتان جي مقامي ماڻهن جو پاڻ ۾ سماجي ڳانڍاپي جو احساس.

مقامي ماڻهو هڪٻئي کي گرمجوشي سان بونجورنو (Buongiorno) چئي سلام ڪري رهيا هئا، نه ڪي سياحن وانگر روايتي چائو (Ciao). بزرگ مرد ۽ عورتون بسن ۾ سوار ٿي رهيا هئا ۽ ڊرائيورن سان بي تڪلفيءَ سان ڳالهائي ۽ ڪچهري ڪري رهيا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته مختصر پنڌ لاءِ ڪرايو به نه پي ڏنائون يا ڊرائيور واپس پي ڏنن، ان سڄي ماحول اسان کي سنڌ جي ياد ڏياري، جتي پاڻ وٽ اڪثر ڪري واقفيت رسميت تي غالب اچي ويندي آهي ۽ جتي رشتا قانونن کي نرم بڻائي ڇڏيندا آهن.

چوڪ (Square) ۽ سوڙهين گهٽين مان گذرندي، اسان ڏٺو ته ڪيترن ئي دڪانن ۽ ريسٽورنٽن ۾ مرمت جو ڪم هلي رهيو هو، شايد مالڪ سياحت جي وڏي مند لاءِ تياري ڪري رهيا هئا. ان هوندي به اهو علائقو سياحن، سندن سونهن ۽ اسان جهڙن تجسس رکندڙ مسافرن سان ڀرپور ۽ زندهه هو.

وڌيڪ اوچو، وڌيڪ خاموش ۽ آسمان جي ويجهو اناڪيپري

ڪيپري سينٽر کي چڱو خاصو گهمڻ کانپوء اسان اناڪيپري (Anacapri) لاءِ مني بس ورتي، جيڪو ٻيٽ تي اڃا به وڌيڪ اوچائيءَ تي واقع آهي.

اهو سفر به اڳئين سفر وانگر ئي هو يعني مسافرن ۽ ڊرائيور جي وچ ۾ دوستاڻن جملن جي ڏي وٺ ۽ سهولت توڙي واقفيت جو هڪ احساس.

اناڪاپري وڌيڪ پرسڪون ۽ پنهنجائپ وارو محسوس ٿيو. ان جون گهٽيون خوبصورتيءَ سان سينگاريل هيون، جن جي ٻنهي پاسن کان اڇيون عمارتون هيون، گهرن جي درين تان گل لڙڪي رهيا هئا ۽ اتي هڪ خاص قسم جي خاموشي هئي جيڪا انسان کي اتي آرام سان سير ڪرڻ ۾ مزو ڏئي رهي هئي.

اسان کي اتي ٻه پوليس آفيسر مليا، هڪ مرد ۽ هڪ عورت، جيڪي علائقي ۾ گشت ڪري رهيا هئا. جڏهن اسان کانئن سمنڊ جي نظاري ڪرڻ لاء رستو پڇيو ته هنن نهايت اخلاق سان جواب ڏنو ۽ گرمجوشيءَ سان اسان جي رهنمائي ڪئي.

انا ڪيپري جا جادوئي ڳجها ڪنڊ پاسا

جڏهن اسان گهمي رهيا هئاسين ته اسان هڪ ننڍڙي، پراڻي، سادي پر انتھائي پرسڪون گرجا گهر وٽان گذرياسين. اهڙيون جايون، جن کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو آهي، پنهنجي اندر هڪ خاموش روحاني وزن رکنديون آهن. اتي مٿي هوا صاف پي محسوس ٿي، روزاني جي استعمال جون شين جا دڪان جن جي سامهون تازيون ڀاڄيون به رکيل هيون اهو احساس ڏياري رهيون هيون ته انسان ڪٿي به هجي بنيادي شين جي ڪيڏي اهميت آهي. اتي مٿي به بارس ۽ ڪيفيٽيريا سجايل هئا.

مقامي ماڻهن جي وڌيڪ رهنمائيءَ سان اسان نيٺ هڪ اهڙي هنڌ پهتاسين جتان جو نظارو شاندار ۽ ڏسڻ وٽان هو.

تمام گهڻي اوچائيءَ تان سمنڊ پري پري تائين پکڙيل هو، جيڪو افق سان گڏ نيري رنگ جي هڪ مڪمل سنگم ۾ ملي رهيو هو. جبلن جون ڪناريون (Cliffs) حيران ڪندڙ حد تائين گهڻو هيٺائين تائين هيون ۽ ٻيڙيون پاڻيءَ تي ننڍڙن رانديڪن وانگر تري رهيون هيون.

اسان اتي رٿيل وقت کان وڌيڪ دير تائين بيٺا رهياسين، ان سڄي نظاري کي پنهنجي اتي هجڻ کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئيسين، ڪافي ڦوٽو ڪڍياسين پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها هئي ته اسان ان گهڙيء کي پنهنجي اندر جذب ڪري رهيا هئاسين.

هيٺاهينءَ جو ڪهاڻين ڀريو پنڌ

نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ دوران اسان جي ملاقات هڪ نوجوان سان ٿي جيڪو بندرگاهه کان مڪمل پنڌ ڪري مٿي اناڪيپري اچي رهيو هو. هو چڙهائي تي چڙهي اچڻ جي ڪري تکا تکا ساهه کڻي رهيو هو ۽ پڇيائين ته اناڪيپري اڃا ڪيتري پري آهي. اسان کيس ٻڌايو ته هاڻي هو اناڪيپريء ۾ ئي آهي، رڳو چار سئو کن ميٽرن جي پنڌ تي شهر پهچي ويندين. سندس همٿ اسان کي پڻ متاثر ڪيو.

تنهن ڪري، واپسيءَ لاءِ بس کڻڻ بدران، اسان فيصلو ڪيو ته هيٺ پنڌ ٽريڪنگ ڪندي لهنداسين.

اها لاهي حيران ڪندڙ حد تائين خوشگوار هئي، جنهن ۾ سادا رستا، ڪٿي ڪٿي ڏاڪڻيون ۽ رستي ۾ خوبصورت اسٽاپ هئا. اسان هڪ ٻي ننڍڙي گرجا گهر وٽان گذرياسين، مٿي ويندڙ ڪجهه جوڙن سان ملياسين جيڪي اتي ساهي پٽي رهيا هئا ۽ هر هر اسان ساڳيو ئي سوال ٻڌو ته اناڪيپري ڪيترو پري آهي؟ هر جواب ۾ اسان جي طرفان سچائي ۽ حوصلي ڏيڻ جو ڳانڍاپو هو. هيٺ لهڻ واري رستي ۾ ڪٿي ڪٿي پکين جون ٻوليون ٻڌڻ ۾ پي آيون ته ڪٿي ڪٿي هوا جي سرسراهٽ وڻن جي پنن مان گذري هڪ قدرتي موسيقي جو مزو ڏئي رهيون هيون.

اسان هڪ نوجوان انڊين-ڪينيڊين جوڙي سان رستي ۾ ملياسين، جيڪي ظاهري طور تي ٿڪل هئا ۽ شايد پنهنجي فيصلي تي ٿورو پشتائي به رهيا هئا ته هروڀرو هيڏي وڏي اوچائي تي پنڌ وڃڻ جو فيصلو ڪيو اٿن. وٽن پاڻيء جون بوتلون به نه هيون جيڪي ڪنهن حد تائين اهڙي قسم جي ٽريڪنگ ۾ گهڻيون مددگار ثابت ٿينديون آهن. اسان کين پنهنجيون ٻه بچيل ٽڪيٽون پڻ ڏنيون ته متان واپسي تي اهي بس ۾ هيٺ اچڻ جو فيصلو ڪن. ان کان پوءِ اڳتي ٻه پرجوش آمريڪي ڇوڪرا تجسس سان ڀريل وڏي تيزي سان مٿي وڃي رهيا هئا جن به اسان کان ساڳيو سوال ڪيو.

انهن ملاقاتن مون کي پاڪستان جي هڪ ياد ڏياري جڏهن منهنجي ڀاءُ فاروق، دوست فيروز ۽ ٻين دوستن ۽ مون هڪ ڀيرو ناران کان سيف الملوڪ ڍنڍ تائين پنڌ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اڌ ڪلاڪ کن هلڻ کان پوءِ ڍنڍ واري پاسي کان واپس ايندڙ ڪجهه مسافرن کان اسان پڇيو هو ته ڍنڍ ڪيتري پري آهي؟ سندن جواب هو ته، ڍنڍ اڃا پري آهي ۽ توهان اڃا ناران ۾ ئي آهيو. اسان ان تي ڏاڍو کليا هئاسين ۽ ٿورو پريشان به ته ڪم گهڻو آهي، پر اسان آخرڪار ٻن ٽن ڪلاڪن کانپوء ڍنڍ تي پهچي ويا هئاسين. اناڪيپري کان واپس ايندي به مون کي ائين لڳو ته سفر پنهنجي مزاح کي هر کنڊ ۾ ٻيهر ورجائيندو رهي ٿو.

بندرگاهه ڏانهن واپسي ۽ ڪيپري جي سفر جي پڄاڻي

اسان نيٺ مرينا گرانڊي يعني ڪيپري جي بندرگاهه تي هيٺ اچي پهتاسين، جنهن سان هڪ اهڙو سفر پڄاڻي تي پهتو جيڪو جسماني هجڻ سان گڏوگڏ سوچن ۽ ويچارن سان ڀرپور هو.

بندرگاهه جي چوڌاري ٿورڙي پنڌ ۽ ڪجهه چڪر چاڙي کان پوءِ اسان نيپلز ڏانهن واپسيءَ جي تياري ڪئي. فيري جو واپسيءَ وارو سفر به سڪون سان گذريو.

نيپلز ۾ شام جو واقف رستا ۽ نوان نظريا

نيپلز واپس پهچڻ کان پوءِ، ٿورڙي آرام ۽ چانهه پيئڻ بعد، اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ٻاهر نڪتاسين.

هن ڀيري اسان ڏينهن جي روشنيءَ ۾  وايا توليدو جو ٻيهر سير ڪيو. ان رستي جو ڏينهن جي روشني ۾ هڪ الڳ ئي رخ هو. يعني اها اسان کي گهٽ پراسرار پر وڌيڪ متحرڪ لڳي.

اتي ئي ويجهو پهچڻ کان پوءِ، اسان اسپينش ڪوارٽرز (Quartieri Spagnoli) ۾ داخل ٿياسين.

اهو علائقو بلڪل اصل، حقيقي ۽ انساني احساسن سان ڀرپور لڳو. سوڙهيون گهٽيون جن جي ٻنهي پاسن کان ريسٽورنٽ ۽ ڪيفي هئا، رستي تي پيل ڪرسيون ٽيبلون، هڪٻئي کي ڇهندڙ فليٽن جون بالڪونيون ۽ مٿان لٽڪندڙ ڪپڙا، اهو هڪ زندهه ۽ متحرڪ پاڙو هو. اهو ڪنهن سياحتي ماڳ بدران هڪ اهڙي ڪهاڻيءَ وانگر محسوس ٿيو جيڪا حقيقي وقت ۾ اکين اڳيان کلي رهي هجي.

پوسٽ ڪارڊن کان پري حقيقي نيپلز جو پنڌ

وقت اڃا اسان وٽ هو، تنهنڪري اسان سڌي رستي وڃڻ بدران مختلف گهٽين مان گاريبالدي ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو.

هن فيصلي اسان تي نيپلز جو هڪ الڳ روپ ظاهر ڪيو. سياحتي علائقن کان پري، شهر پنهنجي روزاني زندگي، مقامي دڪانن، پرسڪون پاڙن، ڪنڊن ۽ پنهنجي روزاني زندگي ۾ مشغول ماڻهن کي عيان ڪيو. اهو سڀ ڪجهه گهڻو چمڪندڙ ته نه هو پر اهو حقيقي هو.

رستي ۾ هلڪي بونداباري اسان کي اچي ورايو ۽ اسان وڻن جي هيٺان ڪجهه دير لاءِ بيهي رهياسين. اتي ئي مون کي پنهنجي مامي، ماما غلام نبيءَ جي طبيعت خراب ٿيڻ ۽ کيس اين آءِ سي وي ڊي (NICVD) سيهوڻ کڻي وڃڻ جي خبر ملي.

هڪ گهڙيء لاءِ سفر جذباتي طور تي ڄڻ رڪجي ويو. سفر انسان کي اهو پڻ سيکاري ٿو ته جتي ڪو انسان سير ڪري رهيو آهي ان کان سواء ٻين هنڌن تي به زندگي جاري ۽ روزاني جا معاملات هلندڙ هجن ٿا.

سان جيواني، اٽليءَ ۾ هڪ ننڍڙي سنڌ

گاريبالدي تي پنڌ پهچڻ کان پوء اسان اتان ميٽرو ذريعي سان جيواني وياسين جيڪو نيپلز جو هڪ  ضلعو آهي. هي علائقو شهر جي اوڀر ۾ واقع آهي جتي زندگي جو تال مختلف ۽ وڌيڪ مقامي رهائشي آهي. هتي سياح گهڻي قدر گهٽ هوندا آهن. اسان اسٽيشن تي لهي پنڌ ئي پنڌ دوستن جي گهر واري پاسي هلڻ شروع ڪيو ۽ رستي ۾ ئي دوست جن ۾ پير سمير، برهان علي ۽ محمد وقار اسان سان اچي اتي مليا ۽ اسان سڀ گڏجي سندن رهائشگاهه ڏانهن هلندا رهياسين.

سڃاڻپ ۽ ٻڌي جو سان جيواني ماڊل

سان جيواني ۾ اسان هڪ طاقتور شيءِ جو مشاهدو ڪيو، هڪ اهڙي شيءِ جيڪا ڪنهن نالي جي حقدار هئي.

جنهن کي مان “سان جيواني ماڊل (The SAN GIOVANNI MODEL)” جو نالو ڏيندس.

هتي سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي گڏ بيٺل هئا، اهي ٻوليءَ، پسمنظر يا معمولي فرقن جي بنياد تي ورهايل نه هئا پر هڪ گڏيل سڃاڻپ، گڏيل احترام ۽ اجتماعي بقا جي جذبي سان متحد هئا.

هڪ پرائي ملڪ ۾ اهي هڪٻئي جي حفاظت ڪن ٿا، گڏجي هلن ٿا ۽ چئلينجن جي خلاف هڪ ڍال بڻجي بيهن ٿا ڀلي چاهي اهي چئلينج سماجي هجن، ثقافتي هجن يا جسماني هجن.

هڪ سوال قدرتي طور تي پيدا ٿئي ٿو ته اها ٻڌي پرڏيهه ۾ ته سولي آهي پر پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ ايتري ڏکي ڇو آهي؟

شايد گهر کان دوري سڃاڻپ کي وڌيڪ سادو بڻائي ڇڏي ٿي. شايد گڏيل جدوجهد رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿي، يا شايد، پرائي ملڪ ۾ ماڻهن کي اهو احساس ٿئي ٿو ته جيڪا شيءِ کين متحد ڪري ٿي اها ان کان ڪافي وڏي آهي جيڪا کين ورهائي ٿي.

جيڪڏهن هي ماڊل نيپلز ۾ موجود ٿي سگهي ٿو ته پوءِ اهو ڪٿي به موجود ٿي سگهي ٿو.

پنهنجائپ جي هڪ شام، کاڌو، ڪهاڻيون ۽ گڏيل زندگيون

سندن گهر تي اسان جو آڌرڀاء صفان ٻگهيو، دادو جي عبدالقيوم جمالي ۽ موري جي سلمان حبيب ڪورائي ڪيو. اوچتو ئي اوچتو سان جيواني سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ ۽ اوطاق ۾ تبديل ٿي ويو جيڪو ٽهڪن، واقفڪار لهجن ۽ دل جي ڳالهين سان ڀرجي ويو.

اسان فروٽ چاٽ، ديسي کاڌي، پنهنجي تعليم، اراسمس (Erasmus) جي سفرن، جدوجهد، خوابن جون ڳالهيون، زندگي جي تجربن بابت قصا هڪ ٻئي سان ونڊيا. اهي ڳالهيون بلڪل سچيون هيون جن ۾ ڪا به بناوٽ نه هئي رڳو زندگي جا حقيقي تجربا هئا.

دوستن پاران تيار ڪيل رات جي ماني بي مثال هئي. اسان کي احساس ٿيو ته پرڏيهه ۾ کاڌو پچائڻ رڳو هڪ مهارت نه پر بقا جو هڪ ذريعو آهي. ظاهر آهي ته، سنڌين جي ڪا به ڪچهري چانهه کان سواءِ مڪمل ناهي هوندي، سو چانهه کان انڪار ناهي ڪبو.

حمزه آرائين سان چانهه جي ڪوپ تي ملاقات

ان ڏينهن جو اڃا هڪ آخري باب باقي هو. اسان  حمزه آرائين سان ملڻ لاءِ واپس نيپلز ڏانهن روانا ٿياسين. هڪ مهربان ۽ ويچاريندڙ شخصيت، حمزه، جنهن جو تعلق اصل ۾ سنڌ جي ڪنري شهر سان آهي، اسان سان پنهنجي سفر ۽ تجربن جون ڳالهيون ونڊيون. ادا جان ۽ حمزه سندن علائقي يعني عمرڪوٽ واري پاسي جون ڳالهيون به ڪندا رهيا.

هڪ ننڍڙي ڪيفي ۾ ويٺي، چانهه جا ڍڪ ڀريندي، ائين محسوس ٿيو ڄڻ اسان واپس سنڌ ۾ هجون جتي وقت جي رفتار ڄڻ سست ٿي وئي هجي، ڳالهه ٻولهه ۾ گهرائي اچي وئي ۽ تعلقات اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿي ويا.

آخري سفر يعني ميلي جي موٽ

ڪافي دير ٿي چڪي هئي ۽ رات دير ٿيڻ جي ڪري اسان کي معلوم ٿيو ته ميٽرو به بند ٿي چڪي آهي. هڪ گهڙي لاءِ بي يقينيءَ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ماڻهو بس ۾ به وڃي پي سگهيو يا اسان کي پنڌ به ڏٺل هو، پر پوءِ ڄڻ ڪنهن معجزي وانگر بلڪل اين وقت تي هڪ ٽرام اچي وئي جنهن ۾ اسان تڪڙ ۾ سوار ٿيندي برهان، وقار ۽ حمزه کي الوداع چيو ۽ واپس روانا ٿياسين.

ٽرام لڳ ڀڳ خالي هئي، جيڪا گذريل مصروف ڏينهن جي مقابلي ۾ هڪ پرسڪون ڪيفيت هئي.

پنهنجي رهائشگاهه تي پهچي اسان پنهنجا ٿيلها سهيڙيا ڇاڪاڻ ته اسان کي خبر هئي ته هي سفر هاڻي پنهنجي پڄاڻيءَ کي ويجهو آهي.

نيپلز جي سفر مان ڇا پرايوسين

نيپلز رڳو هڪ منزل نه هئي. هي مختلف تجربن سان ڀريل هڪ سفر هو، جنهن اسان کي سيکاريو ته خوبصورتي بي ترتيب شين ۾ به ٿي سگهي ٿي.

نيپلز اسان کي پومپائي جي صورت ۾ تاريخ ڏني ۽ ياد ڏياريو ته زندگي ڪيتري نه ناپائيدار آهي يعني ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. سورنتو اهو سيکاريو ته ٻين جي مدد ڪرڻ ۽ صبر جو ڦل مٺو هوندو آهي. املفي ۾ قدرت جي ڪاريگري ۽ سونهن ملي. ڪيپريءَ جي سڪون سادگيءَ ۾ موجود امن کي ظاهر ڪيو ۽ ان جي گهٽين ۾ انسانيت نظر آئي. سان جيواني ٻڌي ۽ اتحاد جي طاقت ثابت ڪئي. هن اسان کي خطرن ۽ مهربانين، گوڙ ۽ سڪون، جدوجهد ۽ ڪاميابيءَ کان واقف ڪيو.

پر سڀ کان وڌيڪ ته هن اسان کي اهي ماڻهو ۽ دوستي ڏني جنهن هن سفر کي نه وسرندڙ بڻائي ڇڏيو. اهي دوست جن هڪ پرائي ملڪ کي واقف جڳهه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اهي ڳالهيون جن کنڊن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو ۽ اها ياد ڏياري ته اسان ڀلي ڪيڏانهن به وڃو، اسان جون پاڙون ۽ اصل سڃاڻپ هميشه اسان سان گڏ سفر ڪنديون آهن. هڪ خيال ذهن ۾ تري آيو ته سفر انهن جڳهن بابت ناهي هوندو جتي اسان گهمون ٿا، پر انهن تعلقن بابت به هوندو آهي جيڪي اسان پاڻ سان گڏ واپس کڻي اچو ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن، اسان کي اهو احساس ٿيندو آهي ته گهر رڳو هڪ جڳهه ناهي پر گهر ته ماڻهو ۽ ماڻهن سان هوندا آهن.

روزاني وانگر ڪچهري ڪندي ڪندي اسان ننڊ جي آغوش ۾ هليا وياسين ۽ ايندڙ ڏينهن اسان جي اسٽاڪهولم ۽ لنڊن واپسيءَ جي سفر لاءِ تياري هئي.  (پُڄاڻي)

پھرين حصي لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو

____________________ 

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button