Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

عالمي ورثو مڃيل ديوارِ چين ۽ نڌڻڪي بڻيل دِيوار سنڌ   

1987ع ۾ گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو ديوار چين کي عالمي ورثو قرار ڏنو. پاڻ وٽ سنڌ ۾، اهڙو عجوبو رني ڪوٽ آهي، جنهن بابت اڃا مڪمل معلومات ئي گڏ نه ٿي سگهي آهي ته اهو ڪنھن ٺھرايو ۽ ڪھڙي دور ۾ ٺھيو.

رني ڪوٽ ويچارو غلام ۽ پٺتي پيل ’سنڌي‘ قوم جو ورثو آهي، جيڪو هيڏي عظمت هوندي به ڪنھن شمار ۾ ڪونهي

چين جيڪي وڏا ڊيم تعمير ڪيا انھن ۾ جھازراني بہ ٿئي ٿي ۽ روزانو 120 سامونڊي جھاز لنگهن ٿا. ماهرن جي راءِ آهي ته اهي ڊيم هڪ سؤ سالن تائين ڪنھن رڪاوٽ کان سواءِ استعمال ٿيندا رهندا.

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

18 نومبر 2024: هاڻ واپسيءَ جي سنبت آهي. وشال رات چيو ته في الحال بيجنگ نه ٿا هلون، جو هِتي ڪم گهڻا آهن، ايتري موڪل ڪرڻ مشڪل آهي، ايندڙ ڀيري جڏهن ايندؤ ته سڌو بيجنگ اچجو، اتي ٻه چار ڏينھن رهي، پوءِ نئننگ اينداسين. مون چيو بھتر، اسان تنھنجي وس آهيون. ٿوري دير جي لاءِ مايوسي ته ٿي، جو سڄو ڏيڍ مھينو بيجنگ وڃڻ جا خواب ڏٺم، پر جڏهن وقت ويجهو آيو ته پروگرام ئي ڪئنسل. سو ربَ جي رضا سمجهي خاموش رهيس ۽ چيم، ”هاڻ اسان جي واپسي جو پروگرام ڪيئن ٿيو؟“

”30 نومبر تي گوانچو مان ٿائي ايئر لائين جي ذريعي، ڪنيڪٽ فلائيٽ آهي. ٻه ڪلاڪ بئنڪاڪ ۾ ترسبو، اتان ٻي جھاز ۾ چڙهبو، سامان ڪراچي ۾ ملندو.“

”پر 30 نومبر ته گهڻي پري آهي، ڪا ويجهڙ جي ڏس.“ چيومانس.

”ابوذر اچي ته پُڇونس ٿا.“ وشال وراڻيو.

ٿوري دير ۾ ابوذر به اچي ويو. کانئس فلائيٽس جا تفصيل پڇيم. ”ساڳئي روٽ تي ويجهي فلائيٽ 27 نومبر تي آهي.“ ابوذر اقبال فلائيٽن جو شيڊول ڏسي ٻڌايو.

”پوءِ ان ۾ ئي بوڪنگ ڪرائي ڇڏ.“ چيم.

”انڪل ايترو جلد.“ ابوذر چيو، ”نه نه.. 30 نومبر بھتر رهندي.“ وشال چيو. ڄڻ ويٽو پاور استعمال ڪيائين. جنھن تي مُرڪي پيار مان وشال کي ڏٺم ۽ ابوذر کي چيم، ”ڀلا ٻي ڪا ويجهي تاريخ ڏس.“

ابوذر چيڪ ڪري ٻڌايو ته، ”ساڳئي روٽ تي 29 تاريخ به فلائيٽ آهي.“

”ٺيڪ آهي. نه 23 نه 30، بس 29.“

هاڻ 29 نومبر کي گوانچوءَ مان روانگي ٿيندي ۽ وايا بئنڪاڪ ڪراچي پھچنداسين.

*

ديوار چين، دنيا جي ستن عجوبن مان هڪ آهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ چين جي سڃاڻپ آهي، ديوار چين ٽوٽل ڇھ هزار ڪلوميٽرن کان ڊگهي به آهي ۽ اها ڪنھن هڪ دور ۾ نه ٺھي آهي. اها ديوار حضرت عيسي عليھ السلام کان ٻه سؤ سال اڳ چين جي بادشاهه ’چن شي هو انگ تي‘ چين کي ٻاهرين حملي آورن کان بچائڻ لاءِ ٺاهي، ان عظيم ديوار چين جي تعمير جي شروعات چين ۽ مانچو ڪو گهراڻي جي دور کان ٿي ان زماني ۾ هُن ۽ تاتاري چين جا وڏا دشمن هئا. جيڪي وچ ايشيا ۾ ڏاڍا سگهارا سمجهيا ويندا هئا. اها ديوار خليج ليائوتنگ کان وٺي منگوليا ۽ تبت تائين پکڙيل آهي. اها ديوار ويھن کان ٽيھه فوٽ اوچي آهي. ان جي ويڪر هيٺان کان 25 فوٽ ۽ مٿان کان 12 فوٽ آهي. هر ٻن سؤ والن کان پوءِ پھريدارن جي لاءِ محفوظ پناهه گاهون ٺاهيون ويون آهن. 1987ع ۾ گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو ديوار چين کي عالمي ورثو قرار ڏنو. ديوار چين هڪ اهڙو عجوبو آهي، جيڪو ڏسيو ڏندين آڱريون اچيو وڃن، جيئن مصر جا اهرام ڏسڻ سان. پاڻ وٽ سنڌ ۾، اهڙو عجوبو رني ڪوٽ آهي، جنهن بابت اڃا مڪمل معلومات ئي گڏ نه ٿي سگهي آهي ته اهو ڪنھن ٺھرايو ۽ ڪھڙي دور ۾ ٺھيو. ديوار چين ۽ مصر جا اهرام آزاد قومن جي ورثي طور ڄاتا سُڃاتا وڃن ٿا ۽ ٻيئي دنيا جي ستن عجوبن ۾ شامل آهن. پر رني ڪوٽ ويچارو غلام ۽ پٺتي پيل ’سنڌي‘ قوم جو ورثو آهي، جيڪو هيڏي عظمت هوندي به ڪنھن شمار ۾ ڪونهي.

رني ڪوٽ، دِيوارِ سنڌ

ديوار چين هڪ حيرت ۾ وجهندڙ اڏاوتي شاهڪار آهي پر اهو پراچين دور جو آهي، اڄوڪي جديد دور ۾ چين اهڙا ته حيرت ۾ وجهندڙ تعميري شاهڪار کڙا ڪيا آهن جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن.

انهن ۾ هڪ عظيم الشان اڏاوتن ۾ هڪ ’گور جيس ڊيم‘ به آهي. 14 ڊسمبر 1994ع تي چين ۾ ٽن عظيم الشان (گورجيس) ڊيمن اڏڻ جي شروعات ٿي. اهي ڊيم هوبائي صوبي جي يانگزي نديءَ تي اڏيا ويا. اهو دريا 6357 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي. 1931ع ۾ اُن دريا جي ڪري هر سال ٻوڏون اينديون هيون، جنھن ۾ هزارين ماڻهو لڙهي ويندا هئا ۽ فصل تباهه ٿي ويندا هئا.

چاليھ هزار ڪارڪنن چوڏهن سالن ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ڪنڪريٽ ڊيم اڏي ورتو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ به آهي. اهو ڊيم 7661 فوٽ ڊگهو ۽ 6000 فوٽ اوچو آهي، جنھن جي اڏاوت ۾ پنج لک ٽن اسٽيل استعمال ٿيو ۽ ان جي اڏاوت تي 37 بلين ڊالر خر چ آيو. اهو ڊيم 405 هم چورس ميلن تي آهي. ان عظيم الشان ڊيم جي اڏاوت سبب ٻارهن لک انسانن کي بي گهر ٿيڻو پيو. 13 شھر، 140 ٽائون ۽ 1300 ڳوٺ متاثر ٿيا. هن ڊيم ۾ 42 بلين ٽن پاڻي ذخيرو ڪري سگهجي ٿو. انهن ٽن عظيم ڊيمن جي اڏاوت سان ٻوڏن کي روڪيو ويو، پاڻي آبپاشي جي لاءِ استعمال ٿيو ۽ بجلي پيدا ڪئي ويئي. هنن ڊيمن جي اڏاوت جي آمريڪا ۽ ورلڊ بئنڪ مخالفت ڪئي ۽ مالي مدد کان انڪار ڪيو. چين اهي وڏا ڊيم تعمير ڪري دنيا تي ثابت ڪري ڇڏيو ته چين رڳو پلاسٽڪ جا رانديڪا ٺاهڻ وارو ملڪ نه پر عظيم رٿائون تعمير ڪرڻ جي به لائق آهي. انهن ڊيمن مان روزانو 120 سامونڊي جھاز لنگهن ٿا. ماهرن جي راءِ آهي ته اهي ڊيم هڪ سؤ سالن تائين ڪنھن رڪاوٽ کان سواءِ استعمال ٿيندا رهندا.

چين جي ڊيمن ۾ جھازراني، فوٽو چيني خبر ايجنسي شنوا جي مھربانيءَ سان

1980ع جي ڏهاڪي تائين چين پلاسٽڪ جا رانديڪا ٺاهڻ وارو ملڪ هو، پر 2020ع ۾ چين جي ٽيڪنالاجي، سائنس، انجنيئرنگ ۽ Math جا گريجوئيٽ آمريڪا کان به گهڻا هئا. چيني انجنيئر جيڪي حيرت ۾ وجهندڙ تعميري رٿائون تيار ڪيون. انهن ۾ مٿين ٽن عظيم الشان ڊيمن کان سواءِ ٻيون جيڪي اهم رٿائون هيون، انهن ۾ (1) چائنا هاءِ اسپيڊ ريل، (2) پوڊونگ شھر آباد ڪرڻ. چيني حڪومت پاران 1990ع ۾ ’هوان گيو‘ دريا جي ٻي ڪناري تي پوڊونگ شھر آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ويھن سالن جي اندر پوڊونگ شھر آباد ٿي ويو. جنھن ۾ فنانس ۽ ٽريڊ زون، شنگهائي ايئرپورٽ ۽ ايڪسپو، هائي ٽيڪ پاور، ڊزني پارڪ موجود هئا. هن نئين شھر ۾ 5 ملين ماڻهو آباد ٿيا. 556 مربع ڪلوميٽرن تي فارم لينڊ جوڙيا ويا، جن جي ڪري هي شھر دنيا جي مقابلي ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد شھر بنجي ويو. هن شھر ۾ ورلڊ ڪلاس هائي ٽيڪ، فنانشل ۽ ٽريڊ سينٽر موجود آهن. هن شھر جي اڏاوت لاءِ چين جي بھترين انجنيئرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون، جن دلڪش ڊزائين جا برج، ٽنل ۽ عمارتون اڏيون. فنانشل سينٽرن، بئنڪن، مقامي ۽ پرڏيھي سيڙپڪارن ڪمپنين کي متاثر ڪيو. ايئن پوڊونگ شھر دنيا جي عجائبات ۾ شامل ٿي ويو. هي شھر شنگهائي شھر جي ٻي پاسي ”هوان گيو“ دريا جي ڪناري آباد ڪيو ويو آهي.

انهن کان سواءِ شنگهائي يانگ شانگ پورٽ ۽ بيجنگ ايئرپورٽ به چين جا حيرت انگيز اڏاوتي شاهڪار آهن. چين جي مصنوعات بھترين پورٽس وسيلي اوڀر ۽ ڏکڻ سمنڊ جي ذريعي تيز رفتاريءَ سان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موڪليون وينديون آهن. ’شنگهائي يانگ شانگ پورٽ‘ جي اڏاوت جي شروعات 2005ع ۾ ٿي ۽ اهو 2020ع ۾ مڪمل ٿيو. ان تي 18 بلين ڊالر لاڳت آئي. هي دنيا جو مصروف ترين ڪنٽينز پورٽ آهي. شنگهائي پورٽ نين ضرورتن تحت اڻپورو هو، ’يانگ شانگ پورٽ‘ نين گهرجن کي پورو ڪيو. دنيا جي ماهرن کي ’يانگ شانگ‘ پورٽ جي باري ۾ تحفظات هئا، جيڪي هن جي تعمير ۽ آپريشن کان پوءِ دور ٿي ويا. 32 ڪلوميٽر برج (پل) کي ”پوڊونگ‘ سان ملايو ويو.منھنجي خيال ۾ چين جي اڏاوتي شاهڪارن مان بيجنگ ايئرپورٽ جو ذڪر پڻ ضروري آهي. ’ڊاڪسنگ انٽرنيشنل ايئرپورٽ‘ چين جي عجائبات ۾ شامل آهي، هن ايئرپورٽ کي ’اسٽارفشس‘ جو نالو ڏنو ويو آهي. هي ايئرپورٽ پنجن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. مسافرن کي هڪ هنڌان کڻي ٻي هنڌ پھچائڻ ۾ اٺ منٽ لڳن ٿا. هن ايئرپورٽ ۾ ميگا اسٽورز ۽ خوبصورت هوٽلون موجود آهن. 2018ع ۾ ان ايئرپورٽ جي ٽن ٽرمينلز تان ڏهه ڪروڙ مسافر گذريا. نئين ايئرپورٽ تان 2021ع تائين ساليانو ست ڪروڙ ويھه لک مسافر ۽ 20 لک ڪارگو کي هئنڊل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. اهو ايئرپورٽ شھر کان پنجاهه ڪلوميٽر پري آهي ۽ مسافرن کي تيز رفتار انٽر سٽي ريل ذريعي ويھن منٽن ۾ شھر پھچايو ويندو آهي. هن ايئرپورٽ جي اڏاوت تي 11 بلين پنجاهه ڪروڙ ڊالر خرچ ٿيا.

_________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button