Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

”سنڌي شهيدن جي تاريخ“:سنڌ جي بهادر سپوتن جي ياد کي زنده رکڻ جي ڪوشش

منصور قادر جوڻيجي جو ڪتاب “سنڌي شهيدن جي تاريخ” سنڌ جي انھن دلير سپاھين بابت آھي جن پنهنجي زندگي قربان ڪري سنڌي قوم جي سڃاڻپ، آزادي، ۽ انصاف لاءِ رستو هموار ڪيو

“سنڌي شهيدن جي تاريخ” منصور قادر جوڻيجو جي انهن لکڻين جو اهم مجموعو آهي، جن جي روح ۾ ڌرتي سان محبت، آزادي لاءِ قرباني، ۽ سنڌ جي تاريخي شعور جي صدائن جي گونج آهي. هي ڪتاب سنڌ جي انهن بهادر سپاهين، درويشن، ۽ سپوتن جي ياد کي زنده رکڻ جي ڪوشش آهي، جن پنهنجي زندگي قربان ڪري سنڌي قوم جي سڃاڻپ، آزادي، ۽ انصاف لاءِ رستو هموار ڪيو.

ڪتاب ۾ مخدوم بلاول شهيد جي انقلابي مزاحمت، شاهه عنايت جي زرعي حقن لاءِ جنگ، شهيد هيمون ڪالاڻيءَ جي همت ڀري قرباني، شهيد هوش محمد شهيديءَ جي “مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون” واري امر صدا کي ڏاڍي سادگي، پر ڏاڍي گهرائي سان پيش ڪيو ويو آهي.

هي ڪتاب صرف تاريخي واقعن کي بيان نٿو ڪري، بلڪه نسل در نسل سنڌي ماڻهن ۾، مزاحمت، غيرت، قرباني، ۽ قومي سڄاڳيءَ جو شعور به منتقل ڪري ٿو. منصور قادر جوڻيجي جي سادي ٻولي هوندي به جذباتي، ۽ متاثر ڪندڙ آهي. جيڪا پڙهندڙ جي دل کي ڇهي وڃي ٿي.

هي ڪتاب صرف تاريخ جو حوالو نه پر هڪ تحريڪي دستاويز پڻ آهي، جيڪو سنڌ جي قومي سياسي ۽ سماجي شعور کي علامتن کي جيئرو رکي ٿو.

منصور قادر جوڻيجي جي قلم مان وهندڙ هي لکڻي صرف شهيدن جي حياتيءَ جو بيان نه آهي، پر اهو سوال پڻ اٿاري ٿو ته اسان انهن قربانين مان ڇا سِکيو؟ هي ڪتاب نئين نسل لاءِ هڪ سڏ آهي، ته هو پنهنجي ڌرتي جي تاريخ، ثقافت ۽ آزادي جي راهه ۾ ڏنل قربانين کان واقف ٿين.

“سنڌي شهيدن جي تاريخ” سنڌ جي تاريخ، فڪر ۽ مزاحمتي ادب جي سلسلي ۾ هڪ اهم ڪتاب آهي، جيڪو يقينن نئين نسل لاءِ مشعلِ راهه ثابت ٿيندو. احساس پبليڪيشن حيدرآباد  هيءُ  اهم ڪتاب پڙهندڙن تائين پھچايو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سچن سپاهين جي ڪهاڻين کي قلمبند ڪيو ويو آهي.

___________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button