قلم جي حرمت: ليکڪن کي مصلحت ۽ حق گوئيءَ مان ڪنھن ھڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي
جيڪڏهن اسان پنهنجي قلم کي هر قسم جي ناپاڪي ۽ ڪوڙ کان پاڪ رکيو ته يقينن اسان جي تحريرن ۾ اهو اثر پيدا ٿيندو جيڪو سٺن انقلابن جو پيش خيمو بڻجندو آهي.
حڪيم پريم چاندواڻي
انساني تهذيب جي تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به سماج ۾ شعور جي جوت جلي آهي، ان جو بنيادي وسيلو قلم ئي رهيو آهي. قلم صرف ڪاغذ تي ليڪا پائڻ جو نالو ناهي، پر هي هڪ اهڙي نشاني آهي جيڪا انسان جي اندروني سچائي، تهذيب ۽ وقار جي نمائندگي ڪري ٿي. تاريخ جي هر دؤر ۾ قلم کي هڪ طاقتور هٿيار طور استعمال ڪيو ويو آهي، پر ان جي اصل سڃاڻپ ان جي ديانتداري ۽ سچائي سان جڙيل آهي.

قلم: هڪ مقدس امانت
قلم جي سڃاڻپ رڳو ان جي لکت مان ناهي پوندي، پر ان لکت جي پويان لڪل نيت مان پوندي آهي. جنهن هٿ ۾ قلم هجي، ان تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي ذاتي مفادن، مصلحتن ۽ لٻاڙن کان مٿانهون ٿي ڪري حق جو آواز بلند ڪري. جڏهن اسين چئون ٿا ته قلم اسان جي نشاني آهي ته ان جو مقصد اهو هوندو آهي ته هي قلم اسان جي فڪري ورثي ۽ اسان جي ضمير جي گواهي آهي.
علمي ديانتداري ۽ ڄاڻ جو معيار
اڄوڪي دؤر ۾ جتي معلومات جو سيلاب آهي، اتي ڄاڻ ۾ بيمانيءَ جا کوڙ رستا کلي ويا آهن. سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ڪري پيش ڪرڻ اڄ جي دؤر جو وڏو الميو آهي. پر هڪ سچو لکندڙ اهو آهي جنهن جي ڄاڻ ۾ ڪا به بيماني يا کوٽ نه هجي.
* تحقيق جي سچائي: جيڪو ڪجهه لکجي، اهو مستند هجي.
* بيڊپائي: ڪنهن جي خوف يا دٻاءُ هيٺ اچي حقيقتن کي مسخ نه ڪجي.
* اخلاقي بلندي: قلم کي ڪنهن جي تذليل يا ذاتي دشمني لاء استعمال نه ڪجي.
“قلم جي نوڪ جڏهن سچ جي مس ۾ ٻڏي نڪرندي آهي، تڏهن اهڙا نقش اڀرندا آهن جيڪي صدين تائين انسانيت جي رهنمائي ڪندا رهندا آهن.
سماجي سڌارو ۽ لکندڙ جو ڪردار
هڪ اخبار نويس يا ڪالم نگار جو اصل امتحان تڏهن ٿيندو آهي جڏهن کيس مصلحت پسندي ۽ حق گوئيءَ من ڪنھن ھڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي. جيڪڏهن ڄاڻ ۾ بيماني شامل ٿي وڃي ته پورو سماج گمراهيء جي انڌي گهٽيءَ ۾ پهچي ويندو آهي. اسان جي نشاني اها هجڻ گهرجي ته اسان جو قلم مظلوم جو آواز بڻجي، بي زبانن جي زبان بڻجي ۽ سماج جي گندگي کي صاف ڪرڻ لاءِ آپريشن واري چاقو وانگر ڪم ڪري.
قلم جي اها نشاني تڏهن ئي معتبر رهندي جڏهن لکندڙ پنهنجي علم، مشاهدي ۽ تجربي ۾ ديانتدار رهندو. ڄاڻ ۾ بيماني نه ڪرڻ ئي اصل ۾ قلم جو حق ادا ڪرڻ آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي قلم کي هر قسم جي ناپاڪي ۽ ڪوڙ کان پاڪ رکيو ته يقينن اسان جي تحريرن ۾ اهو اثر پيدا ٿيندو جيڪو سٺن انقلابن جو پيش خيمو بڻجندو آهي.
قلم اسان جي، نشاني آهي،
نڪا ڄاڻ ۾ ڪئي، بيماني آهي.
_______________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو



