Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

گهٽ ڀروسي وارا سماج: عالمي پسمنظر ۾ پاڪستان ۽ سنڌ جي سماج جو جائزو

گهٽ ڀروسي وارو سماج اهو هوندو آهي جتي ماڻهو اڳواٽ ئي اهو فرض ڪري وٺندا آهن ته سامهون وارو ماڻهو بدنيت يا بدديانت هوندو

پاڪستان ۾ گهٽ ڀروسو روزاني زندگيءَ ۾ واضح نظر اچي ٿو جتي ماڻهو تمام گهٽ اميد رکندا آهن ته اثر رُسوخ بنا عدالتن مان انصاف ملندو يا سرڪاري ادارن مان ڪو ڪم ٿيندو

سنڌ ۾ بہ بدترين صورتحال آھي. ورھين جي خراب حڪمراني، وڏيرڪي اثر، سياسي پناهه گيري ۽ ڪمزور جوابداري ماڻهن کي هڪ ڏکوئيندڙ سبق سيکاريو آهي ته سسٽم يا ادارن تي نه پر پنهنجو پاڻ تي ڀاڙيو

عبدالله عثمان مورائي

ڀروسو اڻ ڏٺي شيءِ آهي پر پوءِ به اهو سماجن کي پاڻ ۾ جوڙي رکي ٿو. جڏهن ڀروسو موجود هوندو آهي ته اسان ان تي ڌيان گهٽ يا بلڪل به نه ڏيندا آهيون، اسان کي ان جي غير موجودگي رڳو تڏهن محسوس ٿيندي آهي جڏهن اهو ختم يا غائب ٿي ويندو آهي.

هڪ شخص بغير ڪنهن خوف جي بس ۾ سوار ٿئي ٿو. هڪ گراهڪ پئسا ڏئي ٿو ۽ ان يقين سان هليو وڃي ٿو ته سامان کيس گهر تائين پهچايو ويندو. هڪ شهري قانون تي عمل ڪري ٿو ان اميد سان ته ادارا ساڻس انصاف ڪندا. اهي ننڍڙا ۽ معمولي عمل هڪ مضبوط بنياد تي بيٺل آهن جنهن کي پاڻ ڀروسو يا اعتماد چئون ٿا.

ان جي ابتڙ  جڏهن ڀروسو غائب ٿي وڃي ته پوء ڇا ٿيندو؟

ڪنهن به سماج ۾ جيڪڏهن ڀروسي جو عمل آهستي آهستي غائب ٿي وڃي ته ان کي ماهر ”گهٽ ڀروسي وارو سماج“ (Low-Trust Society) چون ٿا. اهو هڪ اهڙو سماج هوندو آهي جتي روزاني زندگيءَ ۾ شڪ غالب هوندو آهي، جتي هر ڏيتي ليتيء جو ثبوت گهربل هوندو آهي ۽ جتي رشتا ۽ تعلقات تعاون جي بجاءِ خوف جي بنياد تي جڙيل هوندا آهن.

ان تصور کي فرانسس فوڪوياما پنهنجي مشهور ڪتاب “Trust: The Social Virtues and the Creation of Prosperity” ۾ تمام گهري انداز سان سمجهايو آهي. فوڪوياما دليل ڏنو ته ڀروسو رڳو هڪ اخلاقي فضيلت ناهي، پر هي هڪ معاشي ۽ سماجي انجڻ آهي. اهي سماج جتي ڀروسو وڌيڪ هوندو آهي، اتي مضبوط ادارا، صحتمند معيشتون ۽ وڌيڪ لچڪدار برادريون جنم وٺنديون آهن. ان جي ابتڙ، گهٽ ڀروسي وارا سماج هر سطح تي مشڪلاتن جو شڪار رهن ٿا.

گهٽ ڀروسي وارو سماج ڇا آهي؟

گهٽ ڀروسي وارو سماج اهو هوندو آهي جتي ماڻهو اڳواٽ ئي اهو فرض ڪري وٺندا آهن ته سامهون وارو ماڻهو بدنيت يا بدديانت هوندو. ماڻهو سولائيء سان اڻڄاتل ماڻهن، آفيسرن، ڪاروبارن يا پاڙيسرين تي اعتبار نه ڪندا آهن. ڀروسو رڳو ويجهي خاندان يا مخصوص ماڻهن ۽ سماجي حلقن تائين محدود ٿي ويندو آهي.

اهڙي ماحول ۾ زباني وعدن جي ڪا اهميت ناهي هوندي، معاهدا قانوني پيچيدگين سان ڀرجي ويندا آهن، رشوت هڪ شارٽ ڪٽ يا سولو سرتو بڻجي ويندي آهي، ميرٽ جي جڳهه پنهنجا نوازي يا حساب ڪتاب وٺي ڇڏيندي آهي، ادارن کي شڪ جي نظرن سان ڏٺو ويندو آهي ۽ شهري فائدي يا خدمت جي بجاءِ استحصال جي اميد رکندا آهن. تعاون جي بدران ماڻهو رڳو پنهنجي بچاءُ جي حڪمت عملي اختيار ڪندا آهن. هر ڪو پنهنجي مفاد جي حفاظت ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته کيس اهو يقين هوندو آهي ته باقي ٻيا سڀ به ائين ئي ڪري رهيا آهن.

وڌيڪ ڀروسو بمقابله گهٽ ڀروسو

سئيڊن، ناروي ۽ جپان جهڙن ملڪن کي اڪثر ڪري وڌيڪ ڀروسي وارن سماجن جي مثال طور پيش ڪيو ويندو آهي. اتي شهري عوامي نظام تي يقين رکن ٿا. ماڻهو وڃايل يا هٿ آيل والٽ يا ٻيون شيون واپس ڪندا آهن. آفيسرن مان شفافيت جي اميد رکي ويندي آهي. ڪاروبار گهٽ بيوروڪريٽڪ رڪاوٽن سان هلندا آهن.

ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته ڪيترائي پوئتي پيل ملڪ گهٽ ڀروسي جي مسئلن سان وڙهي رهيا آهن. مثال طور نائيجيريا، برازيل ۽ پاڪستان ۾ ماڻهو اڪثر ادارن جي بجاءِ ذاتي تعلقات تي ڀاڙيندا آهن ۽ بدعنواني يعني ڪرپشن کي اڻٽر سمجهيو ويندو آهي. انهن ملڪن ۾ هي رڳو هڪ ڪلچر جي ڳالهه ناهي پر هي هڪ باقائدا سسٽم، جوابداري ۽ طاقت سان گڏ ماضيءَ جي تاريخ ۽ تجربن بابت آهي جتي ڀروسي جو گهٽ هئڻ هڪ عام ڳالهه آهي.

پاڪستان: ادارتي بي اعتماديءَ جو هڪ خاڪو

پاڪستان ۾ گهٽ ڀروسو روزاني زندگيءَ ۾ واضح نظر اچي ٿو جتي ماڻهو تمام گهٽ اميد رکندا آهن ته عدالتن مان اثر و رسوخ يا سفارش کان سواءِ انصاف ملندو. سرڪاري آفيسن ڏانهن احتياط سان وڃبو آهي يا پهريان کان ئي ڪا سفارش ڳولبي آهي. ٿاڻن مان احترام جي بجاءِ خوف محسوس ڪبو آهي. جيستائين ڪو ذاتي سڃاڻپ وارو حوالو يا سفارش موجود نه هجي تيستائين اسپتالن تي پڻ غفلت جو شڪ ڪيو ويندو آهي.

نوڪرين جي ڀرتيءَ کان وٺي يونيورسٽي جي داخلائن تائين، زميني رڪارڊ کان وٺي يوٽيلٽي سروسز تائين، ڪيترن ئي شهرين جو يقين آهي ته قابليت کان وڌيڪ تعلقات اهم آهن. نتيجي طور، رشوت نارمل بڻجي وڃي ٿي، سفارشون قابليت جي جڳهه وٺن ٿيون، فائيلون نوازشن سان تيزي سان هلن ٿيون جن کي رشوت جي ڪري ڦيٿا لڳيو وڃن، عام ماڻهو اتي بيوس محسوس ڪري ٿو. ڀروسو ان ڪري نٿو ٽٽي ته ماڻهو فطري طور بدديانت آهن پر بدقسمتي سان ان ڪري ٽٽي ٿو جو اتي جو سسٽم کين بار بار ناڪام  ڪري ڪيرائي ٿو.

سنڌ ۾ ڀروسي جي کوٽ

سنڌ ۾ خاص طور تي ڳوٺاڻن ضلعن ۽ شهرن جي پٺتي پيل علائقن ۾ ڀروسي جي کوٽ تمام گهري آهي. ڳوٺاڻا ڏوهن جي رپورٽ ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهن. خاندان پوليس جي بجاءِ مقامي بااثر ماڻهن تي ڀاڙيندا آهن. والدين سرڪاري اسڪولن تي شڪ ڪندا آهن. مريض سرڪاري اسپتالن تي اعتبار ناهن ڪندا. ننڍا واپاري ادائيگين ۾ دير کان ڊڄندا آهن. پورهيت ناانصافي جي اميد رکن ٿا. ايستائين جو انساني همدرديءَ جي بنياد تي ملندڙ امداد تي به سوال اٿاريا ويندا آهن.

سالن جي خراب حڪمراني، وڏيرڪي اثر، سياسي پناهه گيري ۽ ڪمزور جوابداري ماڻهن کي هڪ ڏکوئيندڙ سبق سيکاريو آهي ته سسٽم يا ادارن تي نه پر پنهنجو پاڻ تي ڀاڙيو. اها سڄي مانڌاڻ هڪ خطرناڪ چڪر پيدا ڪري ٿي جنهن ۾ گهٽ ڀروسو ادارن کي ڪمزور ڪري ٿو ۽ ڪمزور ادارا وري بي اعتماديءَ کي وڌيڪ گهرو ڪن ٿا.

بي اعتماديءَ جي معاشي قيمت

گهٽ ڀروسي وارن سماجن ۾ ڪاروبار مهانگو پوندو آهي ڇاڪاڻ ته ڪاروبار ۽ ڪاروباري ماڻهو قانوني تحفظ تي وڌيڪ خرچ ڪن ٿا. سيڙپڪار اڪثر ڪري هٻڪندا آهن. اهڙن سماجن ۾ ڪاروباري ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار ٿين ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ جدت يا نواڻ سست ٿي وڃي ٿي. پرڏيهي سيڙپڪاري پڻ گهٽجي ٿي. پيداواري صلاحيت به متاثر ٿئي ٿي. فوڪوياما جي مطابق ته مضبوط ڀروسي وارا سماج وڏيون تنظيمون ۽ ادارا ڪارائتي نموني ٺاهي ۽ انهن کي هلائي سگهن ٿا. گهٽ ڀروسي وارا سماج ننڍن خانداني ڪاروبارن تائين محدود رهجي ويندا آهن جيڪي تمام گهٽ وڌي سگهندا آهن. نتيجي ۾ ترقي محدود، اڻبڻت برقرار ۽ صلاحيتون ضايع ٿي وڃن ٿيون.

نفسياتي ۽ سماجي نقصان

معيشت کان سواء گهٽ ڀروسي وارو سماج انساني روح کي به نقصان پهچائي ٿو. ماڻهو بدظن ٿي وڃن ٿا. برادريون ٽٽي وڃن ٿيون. نوجوان اهو يقين ڪندي وڏا ٿين ٿا ته ڪاميابيءَ لاءِ شارٽ ڪٽ ضروري آهن. ايماندار ماڻهو پاڻ کي بيوقوف محسوس ڪن ٿا. اميد ختم ٿي وڃي ٿي. هڪ ٻار جيڪو وڏن کي آفيسرن کي رشوت ڏيندي ڏسي ٿو اهو سکي ٿو ته ديانتداري جو ڪو فائدو ناهي. وقت گذرڻ سان گڏ بدعنواني غلط لڳڻ بند ٿي ويندي آهي اها هڪ ضرورت محسوس ٿيڻ لڳندي آهي.

ڀروسو ڪيئن ٻيهر بحال ڪري سگهجي ٿو؟

رڳو نعرن سان نه پر ڀروسو رڳو ان صورت ۾ واپس ايندو جڏهن ماڻهو مسلسل اهي شيون ڏسندا آهن ته قانون جو برابر استعمال ٿئي پيو، شفاف حڪمراني جو هجڻ، ميرٽ جي بنياد تي نظام جو قائم هجڻ، ڪارائتيون عوامي خدمتون، بدعنواني تي اصل سزا ڏيڻ ۽ ان سان گڏوگڏ عام شهرين جو احترام اچي وڃي ٿو.

جن ملڪن سندن ماڻهن ۾ ڀروسو ٻيهر بحال ڪيو انهن اصل ۽ حقيقي سڌارن، تعليم انقلابن، شهري ذميوارين ۽ مثالي قيادتن ذريعي ائين ڪيو. ڀروسو تڏهن وڌندو آهي جڏهن ادارن جو رويو هر هڪ ۽ هر ڪنهن لاءِ هڪجهڙو ۽ منصفاڻو هوندو آهي.

آخر ۾ حاصل مقصد ته گهٽ ڀروسي وارا سماج خراب ماڻهن جي ڪري پيدا ناهن ٿيندا پر اهي ٽٽل سسٽم جي ڪري پيدا ٿيندا آهن. پاڻ وٽ پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ قابليت جي کوٽ ناهي. پنهنجو سماج رڳو نااميديءَ جو شڪار ٿيل آهي. ڀروسي جي بحالي رڳو هڪ سياسي منصوبو يا نعرو نه هجڻ گهرجي پر ان جي ابتڙ اهو  هڪ اخلاقي منصوبو هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جڏهن ڀروسو واپس ايندو آهي ته سماج جي ڦٽن جو علاج ٿيندو آهي ۽ جڏهن سماج صحتمند ٿيندا آهن تڏهن ترقي انهن جي پويان ايندي آهي.

________________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button