قِصو پولينڊ جي ھڪ ھوائي اڏي تي مسافرن لاءِ موجود لائبريريءَ جو
عام طور هوائي اڏن تي ماڻهو وقت گذارڻ لاء موبائل فونن ۾ مصروف هوندا آهن، پر اتي هڪ ننڍڙي لائبريري ڏسي حيران ٿي ويس جنھن ۾ مختلف ٻولين جا ڪتاب رکيل هئا ۽ ماڻهو ان مان ڪتاب کڻي پڙهي رهيا هئا.
عام طور موبائلفونن جي اسڪرينن جي چمڪ ڪتابن جي ورقن جي روشنيءَ کي ڦِڪو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪتاب پڙهڻ جي عادت آهستي آهستي گهٽجندي پئي وڃي
عبدالله عثمان مورائي
انسان جي زندگيءَ ۾ ڪتاب هميشه روشنيءَ جو مينار رهيا آهن. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به قومون علم، ادب ۽ فڪر سان جڙيل رهيون آهن، تڏهن انهن جي تهذيب ترقي ڪئي آهي ۽ جڏهن ڪتابن کان پري ٿيون آهن، تڏهن انهن جي حالتن ۾ زوال آيو آهي. ڪتاب نه رڳو ڄاڻ ڏيڻ جو ذريعو آهن پر اهي سوچ، بصيرت ۽ تخليق کي به جنم ڏين ٿا.
اڄ جي زماني ۾ جيئن جيئن اسان ڊجيٽل دور ۾ داخل ٿيا آهيون، تيئن تيئن ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل دنيا يعني موبائل فون، سوشل ميڊيا ۽ مختصر وڊيوز ماڻهن جي ڌيان کي ڇڪي ورتو آهي ۽ انسان کي پنهنجو قيدي بڻائي ڇڏيو آهي. اسڪرينن جي چمڪ ڪتابن جي ورقن جي روشنيءَ کي ڦِڪو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪتاب پڙهڻ جي عادت آهستي آهستي گهٽجندي پئي وڃي .ڪڏهن هڪ عام عادت سمجهي ويندڙ يعني وقت ڪڍڻ، ڪتابن سان ويهڻ ۽ سنجيده ڪتاب پڙهڻ جو عمل هاڻي هڪ وسرندڙ ۽ پراڻو شوق ۽ فن بڻجي ويو آهي. سڄي دنيا ۾، خاص ڪري اسان جي سماج ۾، ماڻهو تفريحي ۽ معلومات لاءِ مختصر مواد ڏانهن وڌي رهيا آهن. اسان جي اها سوچ غلط آهي ته ڪتاب پڙهڻ فقط تعليم لاءِ آهي؛ حقيقت ۾، اهو روحاني ۽ ذهني سڪون جو هڪ ذريعو آهي. ڪتاب پڙهڻ جي گهٽجندڙ عادت صرف هڪ سماجي رجحان ناهي، پر اسان جي سوچن، تخيل ۽ دانش لاءِ هڪ خطرناڪ اشارو آهي.
پر هاڻي هتي اهو سوال ۽ خيال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ڪتاب واقعي وسري رهيا آهن؟ يا اڃا به انهن ۾ زندگيءَ کي نئين روشني، اتساهه ۽ ساھ ڏيڻ جي سگهه موجود آهي؟

هڪ ذاتي مشاهدو: ڪراڪوف (Krakow) ايئرپورٽ تي هڪ ننڍي لائبريري
گذريل هفتي آءُ پولينڊ جي شهر ڪراڪوف جي هوائي اڏي تي پنهنجي اڏام جو انتظار ڪري رهيو هئس. گهڻي قدر اهو ڏٺو ويو آهي ته عام طور تي هوائي اڏن تي ماڻهو وقت گذارڻ لاء موبائل فونن ۾ مصروف هوندا آهن، پر آءُ اتي هڪ ننڍڙي لائبريري ڏسي حيران ٿي ويس. لائبريري ۾ مختلف ٻولين جا ڪتاب رکيل هئا ۽ ماڻهو بي جهجهڪ اچي نه رڳو ان مان ڪتاب کڻي رهيا هئا پر پڙهي به رهيا هئا. ڪجهه ماڻهو پنهنجن فلائيٽن جي انتظار ۾ ڪتابن ۾ گم هئا ۽ سندن جهاز جو وقت ٿيڻ تي اهي ڪتاب پڙهي وري ساڳي جاءِ تي رکي ٿي ويا ته جيئن ٻيا به ان مان فائدو وٺي سگهن. اهو منظر مون لاءِ حيرت جوڳو هو ۽ مونکي ٻيهر احساس ٿيو ته ڪتاب ڪيترو قيمتي سرمايو آهن
ان وقت مون محسوس ڪيو ته ڪتاب صرف ڪتاب نه پر دوست آهن، جيڪي اوهان کي ڪنهن به سفر ۾، ڪنهن به انتظار ۾، ۽ ڪنهن به ڏکئي گهڙي ۾ ساٿ ڏين ٿا. آء اتي هڪ سوچ ۾ پئجي ويس ته ڇا واقعي ڪتاب پڙهڻ جي عادت ختم ٿي وئي آهي؟ جيڪڏهن هڪ هوائي اڏي تي، جتي هرڪو جلديءَ ۾ هوندو آهي، اتي پڙهڻ جو اهڙو شوق موجود آهي ته اسان ڇو پنهنجي سماج ۾ ان کي زنده نٿا ڪري سگهون؟ ان هڪ واقعي مون کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته ڪتاب صرف معلومات جو ذريعو ناهن، پر اها هڪ خوشي آهي جيڪا هر ڪنهن کي ملي سگهي ٿي.
سماج ۾ پڙهڻ جي عادت ڇو گھٽجي رهي آهي؟
پاڻ وٽ گهڻي قدر پڙهڻ جي عادت گھٽجڻ جا ڪيترائي سبب آهن مثال طور روزگار، پڙهائي ۽ ٻين مسئلن ۾ ماڻهو پاڻ کي گم ڪري ڇڏين ٿا. پر سڀ کان اهم سبب سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل مواد جو وڌندڙ واپرائڻ آهي. ٽِڪ ٽاڪ ۽ ريلز جهڙا پليٽفارم ماڻهن کي تڪڙي ۽ مختصر تفريح فراهم ڪن ٿا، جنهن ڪري ڊگهو مواد پڙهڻ ۾ دلچسپي گھٽجي ٿي. ٻيو سبب اسان جي تعليمي نظام جي گهٽتائي به آهي، جتي پڙهڻ کي صرف امتحان پاس ڪرڻ جو ذريعو سمجهيو ويندو آهي، نه ڪي ذاتي ترقي جو. آخر ۾ ڪتابن جي پهچ جو مسئلو پڻ هڪ اهم رڪاوٽ آهي. اسان جي علائقن ۾ لائبريريون يا ته موجود نه آهن يا اهي فعال نه آهن، جنهن ڪري ماڻهن لاءِ نوان ڪتاب حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو.
ڪتاب پڙهڻ جا فائدا
ڪتاب پڙهڻ جو هڪ فائدو ناهي پر اها لسٽ وڏي ٿي سگهي ٿي مثال طور ڪتاب پڙهڻ سان ذهن وسيع ٿئي ٿو ۽ سوچڻ جون نيون راهون کلن ٿيون. ان سان گڏوگڏ انسان جي اندر ڌيرج، شعور ۽ احساس پيدا ٿئي ٿو جنهن جي ڪري ماڻهوء ۾ سماج ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت وڌي ٿي. ڪتاب جو پڙهڻ هڪ فرد کي دنيا ۽ تاريخ سان ڳنڍي ٿو. نفسياتي طور به ڪتاب ساٿ ڏين ٿا ۽ اڪيلا رهڻ ۾ گڏ ٿي وڃن ٿا.

پڙهڻ جي عادت کي ٻيهر زنده ڪرڻ لاءِ تجويزون
پڙهڻ جي عادت کي ٻيهر زنده ڪرڻ هڪ گڏيل ڪوشش آهي. حڪومت ۽ سماجي ادارن کي هن پاسي ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي مثال طورهر ڳوٺ ۽ شهر ۾ ننڍيون ۽ هلائڻ لائق سوليون لائبريريون قائم ڪيون وڃن. انهن لائبريرين ۾ نه رڳو ڪتاب رکيا وڃن، پر هفتيوار پڙهڻ جا پروگرام ۽ ڪتابن تي بحث ڪرڻ جون محفلون به منعقد ڪيون وڃن. ٻيو وري جيڪڏهن ماڻهو موبائل سان جڙيل آهن ته اِي-بڪس ۽ آڊيو بڪس جو استعمال وڌائڻ گهرجي. ڊجيٽل پليٽفارمن تي مختصر وڊيوز جي بجاءِ، ليکڪن کي مختصر ڪهاڻين، شاعري ۽ مضمونن کي ونڊ ڪرڻ لاء همٿايو وڃي.
اي-بڪس ۽ آن لائين پبلڪ لائبريريون قائم ڪرڻ سان ماڻهن لاءِ ڪتابن تائين پهچ سولي ٿي سگهي ٿي. والدين کي گهرجي ته هو گهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ڪتاب رکن ۽ پنهنجن ٻارن کي ننڍي عمر کان ئي آکاڻين جا ڪتاب پڙهائين. اسڪولن ۾ پڙهڻ جي عادت کي نصاب جو هڪ حصو بڻايو وڃي ۽ هر هفتي هڪ پيريڊ کي خاص طور تي ڪتاب پڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو وڃي. ڪراڪوف هوائي اڏي جهڙا ماڊل اسان جي بس اسٽاپن، پارڪن ۽ ٻين عوامي هنڌن تي قائم ڪري سگهجن ٿا. اهڙا کليل ڪتابي ريڪ يا ڪٻٽ ماڻهن کي پڙهڻ لاءِ همٿائيندا.

آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته جيئن ڪراڪوف جي هوائي اڏي تي ماڻهن کي ڪتابن ۾ گم ڏسي مونکي محسوس ٿيو ته علم ۽ ادب جا طلبگار اڃا به موجود آهن، سو ڪتاب پڙهڻ جي عادت وسرندڙ روشني ناهي پر جيڪڏهن سماج ان کي اهميت ڏئي ته اها اڃا به نئين زندگيءَ جي لاء اتساهه ۽ ساھ بڻجي سگهي ٿي. ڪتاب پڙهڻ فقط هڪ عادت ناهي، پر اها ذهن کي وسيع ۽ تخيل يا اميجينيشن کي پر ڏئي ٿي ۽ اسان کي مختلف دنيائن سان ڳنڍي ٿي ۽ اسان جي سوچ کي گهرو ۽ شعوري بڻائي ٿو.
جيڪڏهن اسان پنهنجي سماج ۾ هن روشنيءَ کي واپس آڻڻ چاهيون ٿا ته اسان کي گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي ته جيئن ڪتاب اسان جي زندگين جو هڪ لازمي حصو بڻجي وڃن ۽ اسان پاڻ کان شروعات ڪريون يعني ڪتاب ساڻ رکون ۽ ٻين کي به ان عادت ڏانهن مائل ڪريون. ڪتابن کي وسارڻ مطلب پنهنجي اندر جي روشني کي وسارڻ آهي ۽ انهن کي زنده رکڻ مطلب انساني زندگيءَ کي نئين اکين سان ڏسڻ آهي .
____________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ ۽ سياح آھي ۽ انگريزيءَ، سنڌي ۽ اُردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندڙ آھي