ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ پ پ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو
ڪامريڊ سوڀي ذوالفقار علي ڀُٽي جي آڇ کي رد ڪندي چيو ھو: ”پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ تي مان جلاوطنيءَ کي ترجيح ڏيندس.“
تاريخ جي دريءَ مان: ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ جي ياد ۾
جڳديش آھوجا

اڄ ڪامريڊ جي 11 هين ورسي آهي. 8 ڊسمبر 2014ع تي هو اسان کان جدا ٿيو
مُسافرِنئُون، ماءِ! وِرِه وِهايُمِ وِتَرو،
اَچِي ٿِـيَمِ اوچتِي، تن سانگِـيُنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان! جَھلَ مَ پاءِ، هِنئون هوتَ هَڻِي وِيا!
(شاهه لطيف)
”1957۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو سياست جي اقتداري ايوانن ۾ داخل ٿيو تڏهن اڄ وارو پاڪستان، اولهه پاڪستان هو، جنهن جي ڪل آبادي اُن وقت جي اوڀر پاڪستان کان گهٽ هئي. ۽ ان حقيقي توازن کي بگاڙي جعلي توازن پيدا ڪرڻ ۽ پنجاب جي بالادستي برقرار رکڻ لاءِ اولهه پاڪستان ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ پنهنجو سياسي وجود وڃائي ويٺي هئي۔
ان دور ۾ جڏهن سنڌ پنهنجي گم ٿيل وجود جي ڳولا ۾ سرگردان هئي، سنڌ جا سچا سرواڻ — سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي وغيره ۽ سنڌ جا نوان اڀرندڙ قومي شاعر، اديب، دانشور ۽ قومي ڪارڪن قومي، طبقاتي ۽ جمهوري جدوجهد ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ سبب قيد و بند ۽ روپوشي جي اذيتن مان گذري رهيا هئا، تڏهن ڀٽو صاحب آمر اسڪندر مرزا جي وزارت حاصل ڪري اقتداري سياست مان لطف اندوز ٿي رهيو هو۔”
1970ع جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي دورِ اقتدار ۾ ڀٽو جي لاڏلي ايس پي پڃل جڏهن لاڙڪاڻي ۾ قومپرست ۽ ڪميونسٽ ورڪرز کي گرفتار ڪري سکر جيل موڪلڻ شروع ڪيو، جن ۾ منهنجا ٻه ڀائر ڊاڪٽر پرڪاش ۽ اندِر لال به شامل هئا، ته ڪامريڊ سوڀو، سندس پٽ ڪنعيـو گيانچنداني ۽ منهنجو ڀاءُ جوتي آهوجا پهريائين روپوش ٿيا ۽ پوءِ بلوچستان ۾ تڏهن جي نَعپ حڪومت جي گورنر غوث بخش بزنجو ۽ وزيراعلي سردار عطاالله مينگل وٽ پناهه ورتي۔
۽ جڏهن باباءِ مذاڪرات غوث بخش بزنجي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان ملاقات ڪرائي، تڏهن ذوالفقار علي ڀٽي ڪامريڊ کي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني، جنهن جو جواب سنڌ جي تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکيو ويندو۔
ڪامريڊ چيو: “مان ان تي جلاوطني کي ترجيح ڏيندس. مون بد کان بدتر حالتن ۾ به ڪڏهن سنڌ کي نہ ڇڏيو، پر پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت بدران مان جلاوطنيءَ کي ترجيح ڏيندس.”
تاريخ ۾ اهڙا ئي سرڪش روح زنده رهندا آهن.
______________




What a great Man of my village
Though he was from Dokri but lived life in larrkano.
I met him in 1999 along with komrade Baba Mir Muhammad Talpur
I was in military uniform so Baba Subho was almost lost to see me with komrade Mir Muhammad Talpur.
Later komrade introduced me to him and said HE TUHNJO MAAET AAHE.
Baba Subho knew my elders very well.
He was not allowed to participate in any political gathering but he courageously supported the election campaign of my sister who was student in chanduka college
Later we had lunch together.
Others who were present were Komrade Rochi Ram Seth Kival Ram
Firstly komrade Mir Muhammad Talpur introduced to me to Subho and later Baba Subho introduced my ancestors to all who were present.
Such characters are born rarely
I had few meetings with him .
Iskandar Mirza told Subho that you are Hindu so you should leave and go to Hindustan.Baba Subho replied to Iskandar Mirza that I am Sindhi I will die here in Sind
You are Hindu of Hindustan you go back to Hindustan.