سماج جو الميو: حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ وارا گهٽ، شخصيتن جي پوڄا ڪندڙ وڌيڪ آهن
اهي ماڻهو توهان جي ڪردار ڪشي ڪندا، توهان جا رستا بند ڪرڻ لاءِ سازشون ڪندا. اهي ساڳيا ماڻهو جيڪي ڪڏهن توهان جي قدمن ۾ ويهندا هئا، توهان جي رستي ۾ ڪنڊا بڻجي ويندا.
حڪيم پريم چاندواڻي
اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته انساني لاڳاپن جي دنيا به عجيب آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجي آسپاس اهڙن ماڻهن جو گهيرو ڪري ويهندا آهيون، جن کي اسين “دوست” سمجهندا آهيون، پر وقت ثابت ڪندو آهي ته اهي رڳو “گندا بيدا” هئا. اهي ماڻهو جيڪي اندر کان سڙيل، بدبودار ۽ ناڪاره هوندا آهن، پر مٿان شرافت ۽ محبت جو خول چاڙهي اسان جي زندگيءَ جو حصو بڻجي ويندا آهن. جڏهن اسان انهن جي بدبوءِ محسوس ڪري کين پاڻ کان پري اڇلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، تڏهن اصل تماشو شروع ٿيندو آهي.

جنڙن جو نڪرڻ: واٺن جو ڪردار
منهنجو مرڪزي نقطو اهو آهي ته جڏهن مون انهن گندن بيدن (بيحس ۽ منافق دوستن) کي پنهنجي زندگيءَ مان ٻاهر ڪڍيو، ته انهن مان اهڙا “جنڙا” نڪري پيا، جن جو مون تصور به نه ڪيو هو. اهي جنڙا ٻيا ڪونه هيا، پر انهن جا اهي چمچا، واٺا ۽ پگهاردار خوشامدي آهن، جيڪي پنهنجي آقا جي بي عزتي برداشت نه ڪري سگهيا.
جنهن لمحي توهان ڪنهن وڏي منافق کي آئينو ڏيکاريندا، ان جا پويان لڳل ننڍا ڪردار اوچتو سرگرم ٿي ويندا آهن. اهي رستا روڪ ڪندا، توهان تي تهمتون مڙهيندا ۽ توهان کي ذهني توڙي سماجي اذيتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا. ايئن لڳندو ڄڻ هڪ گندي بيدي مان سوين ننڍا جنڙا نڪري توهان کي گهيري ويا هجن.
رستا روڪ ۽ اذيتن جو تسلسل
سماج جو هي هڪ الميو آهي ته هتي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ وارا گهٽ، پر شخصيتن جي پوڄا ڪندڙ وڌيڪ آهن. جڏهن توهان ڪنهن خودغرض گروهه کان رستا ڌار ڪندا آهيو، ته اهي توهان کي ايترو ته تنگ ڪندا آهن جو توهان پنهنجي فيصلي تي پشيمان ٿي پريشان ٿي ويندا آهيو ته هيء ڪهڙي گندي راند مون سان کيڏي پئي وڃي. پر ياد رکو، اهي تڪليفون ان ڳالهه جي نشاني آهن ته توهان جو فيصلو درست هو.
* ذهني اذيت: اهي ماڻهو توهان جي ڪردار ڪشي ڪندا.
* سماجي رستا روڪ: توهان جا رستا بند ڪرڻ لاءِ سازشون ڪندا.
* منافقت جو عروج: اهي ساڳيا ماڻهو جيڪي ڪڏهن توهان جي قدمن ۾ ويهندا هئا، اڄ توهان جي رستي ۾ ڪنڊا بڻجي ويندا.
گندن بيدن کي اڇلائڻ کان پوءِ نڪرندڙ جنڙن سان مقابلو ڪرڻ اصل ۾ توهان جي همت جو امتحان هوندو آهي. اهي واٺا رڳو ايترو ئي ڪري سگهندا آهن جيترو انهن کي سيکاريو ويندو آهي. جڏهن بدبوءِ ختم ٿيندي، ته فضا پاڻمرادو خوشبودار ٿي ويندي آهي۔ جيڪڏهن توهان جي زندگيءَ مان اهڙا ماڻهو نڪري ويا آهن ۽ اهي هاڻي توهان جي خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، ته سمجهو ته توهان هڪ وڏي گندگي مان پاڻ کي پاڪ ڪري ورتو آهي.
ياد رکو ته! شينهن پنهنجو رستو ڪڏهن به گدڙن جي رڙين سان نه مٽائيندو آهي. اهي جنڙا گهڻو وقت نٿا هلي سگهن، ڇاڪاڻ ته سچ جو سج اڀرڻ سان ئي اهي سڀ اونداها ڪردار مٽجي ويندا آهن. انهن جنڙن جي اهميت هڪ ٽشو پيپر جيتري به ناهي هوندي۔
گندا بيدا ڪهڙي ڪم جا،
جيڪي دشمن، آدم جا۔
جي پيٽ ڀيٽوءَ جو نٿو ڀرجي،
سر کائڻ لاء ٿو، اڳتي وڌي۔
_____________
حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو



