Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

گُلاب جون مُکڙيون چونڊيو، جيتريون چونڊي سگھو

گُلاب جون مُکڙيون چونڊيو جيتريون چونڊي سگھو، ڇاڪاڻ تہ جي ھيڪر اوھان جي جواني موٽ کاڌي تہ پوءِ سدائين لاءِ پيا سڪندو.!“

ڏاهپ جو قصو ضرور ڪائنات جي تخليق سان شروع ٿيو هوندو، اهي مفڪر پنهنجا خيال ٻين ۾ منتقل ڪري پاڻ بي نانءُ هن دنيا مان راهي ٿيا هوندا

رشيد احمد خاصخيلي

زندگيءَ تي ناھي ڪوئي ڀروسو،

حُسن کي پوڄي وٺو پوڄي وٺو.!

استاد بخاري جي شاعري ھلڪي ردم سان منظور سخيراڻي جي مڌر آواز ۽ آلاپ ۾ ڀرسان پيل (ليپ ٽاپ) ۾ وڄي رھئي آھي، آئون استاد جي مفھوم ڀري شاعري ۽ منظور سخيراڻي جي سُريلي آواز جي سحر ۾ وڃائجي وڃان ٿو، سوچن جا قافلا ذھن جي بيابان ۾ ڪيتري ئي دير کان ھاڪاريندي اڳتي وڌندا رھن ٿا، تصور جي شھر مان سُجاڳ ٿي پُٺ تي شعور جي ڳوٺ ڏانھن واپس وران ٿو، پنھنجو پاڻ کان سوال ڪريان ٿو:  تہ ڇا انسان جا خيال ارتقا جون منزلون پار ڪري ھيستائين نہ پھتا آھن.؟ جي واقعي ھو ارتقا ڪري ھيستائين پھتا آھن تہ پوءِ اسان ڪنھن انسان جي خيالن کي محض ان جي ذھن جي پيدوار ۽ ان مٿان متصرف(مالڪ ڌڻي)  ڇو چوندا ۽ لکندا آھيون ڇا انھن لفظن جو سنگم اڳ ڪٿي نہ ھوندو؟ يا اھڙيون ڪفيتون اڳ ڪنھن وٽ نہ ھونديون.؟ سوچن ۾ ٽٻي ھڻي ڪيترن ئي وڃايل خيالن کي ڳولھڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، تہ ايتري ۾ سترھين صديءَ جي مشھور شاعر روبر ھريچ (Rober Herrich) جي ھڪ نظم جون ڪجھ سٽون ذھن جي ڪينجھر ۾ ڪنول گُل وانگر ٽڙي پون ٿيون:

”گُلاب جون مُکڙيون چونڊيو جيتريون چونڊي سگھو،

ڇاڪاڻ تہ جي ھيڪر اوھان جي جواني موٽ کاڌي

تہ پوءِ سدائين لاءِ پيا سڪندو.!“

سوچان ٿو استاد بخاريءَ کان گھڻو اڳ روبر ھريچ وٽ بہ تہ  لڳ ڀڳ ساڳيون ڪفيتون آھن، پوءِ ڪيئن چئجي تہ خيال ھر ھڪ انسان جي الڳ پيدوار آھن.؟ ڪڏھن ڪڏھن تہ ائين بہ ٿيندو آھي جو ڪنھن جي خيالن کي ٻڌي پڙھي ائين محسوس ٿيندو آ تہ آيا اُھي خيال تہ ڄڻ ڪي مون ادا ڪيا آھن.! ڇا شيخ اياز دنيا جي شاعرن جي شاعري کي پڙھي اھڙا انومان ظاھر ناھن ڪيا.؟ اياز تہ پنھنجي نثر ۾ بار بار اھڙن خيالن جو ورجاءُ ڪيو آھي. جنھن مان مثال طور آئون ھتي ھڪ اڌ خيال پيش ڪيان ٿو، ” مون ڪاليداس جو وڪروم اروشي پڙھي محسوس ڪيو تہ اُھو ڪتاب مون لکيو آھي“  فلسطيني شاعر محمدود درويش جو ھڪ نظم آھي،

”دنيا،

ڪنھن سنھڙيءَ چيلھ مان

تلوار جي پار وڃڻ کان بہ

وڌيڪ ننڍي آھي

۽ ھڪ پيغمبر جي خيمي کان بہ

وڌيڪ ڪشادي آھي

مان پنھنجي پٺيان بہ ڪنھن کي نہ ٿو ڏسان

پنھنجي اڳيان بہ ڪنھن کي نہ ٿو ڏسان

مان ميڙ ۾ اڪيلائي ٿو محسوس ڪريان

منھنجو ديس منھنجو پويون لکيل نظم آھي.“

ڇا شيخ اياز محمدود درويش جي مٿين نظم جي آخري سٽ کي ذھن ۾ تاريندي پنھنجي ڪتاب (ڪراچيءَ جا ڏينھن ۽ راتيون ) ۾ اُھو نہ لکيو ھو تہ” ڄڻ تہ محمود دوريش منھنجي ساري ڪتاب ”بڙ جي ڇانو اڳي کان گھاٽي“ کي ھڪ سٽ ۾ سمايو آھي تہ منھنجو ديس منھنجو پويون لکيل نظم آھي.؟“

 سنڌ جي ڀٽائي ۽ انگريز شاعر ڪالريج وٽ بہ تہ تقريبن ساڳيون ڪيفيتون ۽ اظھار آھن:

پاڻي مٿي جُھوپڙا مُورک اُڄ مرن،!

(شاھ لطيف)

“Water, water everywhere. Not a drop to drink”

” پاڻي ئي پاڻي چئني پاسي پاڻي، پر پيئڻ لاءِ ھڪڙو ڦڙو بہ نہ …! “

(ڪالريج)

اسپينوزا ۽ ڀٽائي وٽ  بہ تہ ساڳيون ڪفيتون ۽ اظھار آھن

اسپنوزا  چيو ھو:” ڪائنات آهي ئي ڪانہ صرف خدا آهي.

ساڳي ڳالھ ڀٽائي بہ تہ سُر راڻي مومل ۾ ھن انداز ۾ ڪري ٿو :

 ڪيڏانھن ڪاھيان ڪرھو، چوڏس چٽاڻو،

منجھين ڪاڪ ڪڪوري، منجھين لڊاڻو،

راڻو ۽ راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناهي ڪي.

ڪيڏانھن ڪاھيان ڪرھو، چٽاڻو چوڌار،

منجھين ڪاڪ ڪڪوري، منجھين باغ بھار،

ڪانھي ٻي تنوار، ٿيو مڙيو ئي مينڌرو.

ڄامشوري جي پٿريلي مٽيءَ جي بدن تان سڄي ڏينھن جي تپش آھستي آھستي ڏکڻ جي تيز ھوا تي ٺرڻ لڳي آھي ھوڏانھن آسمان جي سيج تي بہ تارا سڄي ڏينھن جو آرس ڀڃي نئين پرڻيل ڪنوار وانگر جاڳيا آھن، جيئن ڪنوار جاڳڻ باوجود بہ خماريل نيڻن سان ٽلندي آھي تارا بہ ائين ئي مخمور ۽ الوٽ آھن. تاران جون چلولايون ۽ ھن سڄي مانڊاڻ کي ڏسي آئون سوچي رھيو آھيان تہ ارڙھين صديءَ جي شروعات ۾  آئرلينڊ جي آئرش فلسفي بشپ برڪلي اھو ڪيئن مڃڻ  تي آمده ٿيو ھو تہ سڀ منظر ۽ مظھر اسان جي ذھن ۽ اکين ۾ محفوظ آھن.؟ ٻاھرين دنيا ۾ مادي جو ڪو وجود ئي ڪونھي.! ھِنَ اھو بہ تہ چيو ھو” مادو اھو نہ آھي جيئن اسين مڃون ٿا تہ آھي، جڏھن سمجھون ٿا تہ اھو اسان جي ذھن (Minds)کان ٻاھر موجود آھي. اسين سمجھون ٿا تہ شيون موجود آھن. ڇاڪاڻ تہ اسين انھن کي ڏسون ٿا، انھن کي ڇھون ٿا، وغيره ۽ ڇاڪاڻ تہ انھن جون اسان کي اِھي حِسي سوجھيون ملن ٿيون، انھيءَ ڪري اسين انھن جي وجود تي ويسھ ٿا ڪريون. پر اسان جون سوجھيون فقط اسان جا تصور آھن، جيڪي اسان جي ذھنن ۾ آھن اِنھيءَ ڪري شيون جيڪي اسين پنھنجن حواسن سان سھي ڪريون ٿا، سي اسان جي تصورن کان وڌيڪ ڪجھ نہ آھن ۽ تصورن ذھنن کان ٻاھر ڪو وجود نہ ٿا رکن.!“ ھا آئون ساڳي برڪلي لاءِ لکي رھيو آھيان جنھن لاءِ لينن پنھنجي ڪتاب (   Materialism & Empirio Criticism) ۾ ھن لاءِ ڪيترائي صفحا صرف ڪيا آھن. لينن تہ اُھو بہ ان ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکيو ھو ” جديد کان جديد تصوري فيلسوفن، ماديت جي فيلسوفن جي خلاف ڪو ھڪ دليل بہ اھڙو پيش نہ ڪيو آھي، جيڪو بشپ برڪلي وٽان اڳي ئي ملي نہ سگھيو ھجي.“ نہ صرف ايترو پر برڪلي لاءِ تہ فرانس جي مصنف موسيو پوليزر (M.Polizer جنھن  کي فرانس تي قابض جرمن فاشي  وحشين شھيد ڪيو ھو ) بہ لکيو ھو ” برڪلي مطابق شيون موجود آھن، ھو انھن جي خصلت ۽ انھن جي وجود کان انڪار ڪونہ ٿو ڪري پر ھن جي دعوا آھي تہ اھي فقط سوجھين جي صورت ۾ موجود آھن، جيڪي اسان کي انھن جي خبر ڏين ٿيون، ۽ ھيءُ نتيجو ڪڍي ٿو تہ اسان جون سوجھيون ۽ شيون ٻيئي ھڪ آھن ۽ ساڳي آھن. يعني ھيءَ ڳالھ تہ شيون موجود آھن اِھا حقيقت آھي، پر ھو چوي ٿو تہ اھي اسان جي اندر آھن، اسان جي ذھن (من) ۾ آھن، ۽ اسان جي ذھن کان ٻاھر انھن جو ڪو مايو يا ڪا ذات ڪانھي.“

اھو بہ تہ سچ آھي تہ برڪلي جنھن مادي دنيا جو انڪار ڪيو ۽ ان جي خلاف دليل بازي ڪندو رھيو ان  برڪلي لاءِ تہ مادي جي پڪي حاميءَ فرينچ عالم ۽ فيلسوف، ڊڊرٽ (Diderot)  (جنھن ڊڊرٽ ۽ ان جي ھمعصر ۽ ھم خيال فلسفين لاءِ موسيو پوليزر لکيو آھي تہ مارڪسزم ارڙھين صديءَ جي فرينچ عالمن جي تاتيل اُن ماديت جي وڻ جو ميوو آھي، جنھن  وڻ جي وڌيڪ آبياري اُن وچ ۾، وڻيھين صديءَ جي کوجنائن وسيلي پوءِ عمل ۾ آيل ھئي.) ڊڊرٽ کي اھو بہ عزاز حاصل آھي تہ ھي مارڪس ۽ اينگلس کان اڳ ماديت جي فلسفي جو وڏي ۾ وڏو مفڪر ليکبو ھو. ان برڪلي کي وڏي اھميت ڏني ۽ ھن لاءِ لکيائين ” جيڪو سلسلو انساني عقل ۽ فسلفي جي شان لاءِ ھڪ ڇَٿَر ئي سھي، پر جنھن سان مقابلو ڏاڍو مشڪل ڪم ھو، جيتوڻڪ اھو ھڪ بيحد کل جھڙو ئي سلسلو ھو.“ ڇا اھو سچ ناھي تہ برڪلي کي ماديت پسند فلسفين کان بہ چڙ ھُئي ڊڪارٽ، اسپينوازا، يا لاڪ، جھڙن فلسفين جڏھن بہ مادي دنيا کي حقيقت ڪوٺيو تہ ھن جي دماغ ۾ اعتراض پيدا ٿيا.! آخر ھن کي مادي دنيا  تي چڙ ۽ ان تي اعتراض ڇو پئي رھيا؟ ياد ٿو پيم تہ ان جو جواب تہ  سٺي انداز ۾ ناروي جي ليکڪ جوسٽن گارڊن بہ تہ پنھنجي ناول سوفي جي دنيا  ( Sophie’s world) ۾ ڏنو آھي ” برڪلي کي محسوس ٿي رھيو ھو تہ رائج ٿيل فلسفو ۽ سائنس زندگيءَ جي ڍنگ خلاف خطرو بڻجي چڪا آھن، ھو سمجھڻ لڳو ھو تہ عيسائين جو سموري فطرت جي خلقيندڙ ۽ محافظ جي حيثيت مان خدا  جي ذات تي جيڪو ايمان آھي، ان ۾ ڏار وجھڻ لاءِ ماديت پرستي بہ ھر حياتي جي شعبي ۾ گھڙي رھي ھئي.“ برڪلي لاءِ چيو وينديو آھي تہ ھي (تصوريت جو پيءُ ھيو) پر اھو ڪيئن ممڪن آھي، جڏھن تہ خيال صدين جو سلسلو آھن.!؟ ڇا تصوريت جي مڪمل ڳالھ صرف برڪلي ئي ڪئي آھي.؟ جي نہ تہ پوءِ ان کي تصوريت جو پيءُ ڇو ٿو سڏجي.؟ برڪلي کان گھڻو اڳ تہ تصوريت جي ڳالھ تہ يونان جي فلسفين بہ ڪئي ھئي.! 

 ساڳي طور ماديت کي ۽ جدليات کي ڪارل مارڪس (Karl Marx) جي قبضي ھيٺ رکيو ٿو وڃي. تہ اھا ان جي ذھن جي پيداوار ھئي.! جڏھن تہ ان کان اڳ ڊڊرٽ ۽ ان جا ھمعصر يا ان کان بہ گھڻو اڳ ڪيترائي فلسفي موجود آھن جيڪي ماديت واد آھن ۽ جدليات جا اڏيندڙ پڻ جدليات ۾ ھيگل (Hegel) ملي ٿو ۽ ٻيا بہ ڪيترائي ملي سگھن ٿا، ڇو تہ ڏاھپ جي شروعات ڪا ھاڻوڪي شئي ناھي اھا بہ اوتري ئي پراڻي آھي جيتري انساني تاريخ پراڻي آھي.!

ائين ئي اسان کي ڊارون(Darwin) جون ڳالھيون ٻڌايون وينديون آھن تہ  ھو ارتقا جي (ٿيوري) جو اڏيندڙ واحد شخص ھو.! جڏھن تہ ھو اڃا ڄائو بہ ڪونہ ھو  تہ زان زاڪ لمارڪ ارتقا بابت  پنھنجا ويچار ونڊي چڪو ھو، جيڪي ويچار زان زاڪ لمارڪ کي بہ صدين جي سلسلي پڄاڻان  اچي انساني ورثي طور مليا ھا، جيڪي سفر ڪري ڊارون يا ان جي دوست رسل ويلس(Russell Wallace) تائين پھتا ھا.! نہ صرف زان زاڪ لمارڪ پر ان کان بہ گھڻو اڳ الجاحظ (688-776ع) جنھن ڊارون کان گھڻو اڳ ارتقا تي بحث ڪيو (ھڪ ڏينھن لئبرري اندر مطالعي ۾ مشغول ھيو تہ مٿان ڪتابن جو ڊير ڪرڻ سبب فوت ٿيو.!) رسول ميمڻ پنھنجي فلسفي جي ڪتاب (الف کان اڳ ) جي مھاڳ ۾ لکيو آھي تہ:

“مذهبن جو بنياد فلسفو آهي. فلسفي جي تاريخ ايڏي پراڻي نہ آهي، پراڻيون شيون اهي آهن جيڪي تاريخ کان اڳ جون آهن، تاريخ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو لکت ۾ آهي، تاريخ کان اڳ جا  واقعا جيڪي ورقن ۾ موجود نہ آهن، اهي ناياب آهن.  عيسا جو مصلوب ٿيڻ ڪلھ جي ڳالھ آهي ۽ يونان جا عظيم ڏاها ٽيون ڏينهن جو قصو آهي. ان کان اڳ ڇا هيو، ڪا خبر نہ آهي. سڀ خبرون بي خبريءَ جي دز ۾ دفن آهن. تاريخ ۾ موجود يونان جا ڏاها هڪ ئي وقت ڏاها نہ ٿي پيا هوندا، پر ڏاهپ اهڙو سلسلو آهي، جيڪو ارتقائي منزلون طي ڪري ڏاهپ جون شڪليون ڌاري مختلف روپن ۾ نروار ٿيندو، نِسرندو اچي ٿو، يونان جي ڏاهن کان اڳ ضرور اهڙا ڏاها هوندا، جن جو تسلسل اسان کي هڪ هنڌ ڏاهپ جي ارتقائي عروج ۾ ملي ٿو. تاريخ ۾ عيسا کان اٺ سئو سال اڳ ڪو ورلي فلسفي هوندو، جنهن جو ذڪر واضع لفظن ۾ ٿيل هجي، نہ تہ عيسا کان اڳ جي تاريخ ايڏي پراڻي نہ آهي. ڏاهپ جو قصو ضرور ڪائنات جي تخليق سان شروع ٿيو هوندو، اهي مفڪر پنهنجا خيال ٻين ۾ منتقل ڪري پاڻ بي نانءُ هن دنيا مان راهي ٿيا هوندا.

_________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button