چين جي ترقي ۽ چيني ٻولي
چين ۾ سڀئي معاملا چيني زبان ۾ ئي سرانجام ڏنا وڃن ٿا. معيشت ۽ معاشرت جا ضابطا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا اسرار ۽ رمزون، پبلڪ ٽرانسپورٽ جون هدايتون، بئنڪنگ جا معاملا، آفيسن ۽ عدالتن جو ڪار وهنوار، عوامي سھوليتن کان فائدي جي حوالي سان ڄاڻ، سڀ ڪجهه چيني زبان ۾ آهي
چين ۾ ننڍين وڏين زبانن جو تعداد 56 آهي، چين جھڙي وڏي ملڪ، جنھن جي پکيڙ سڄي يورپ کان به وڌيڪ آهي، ايترين زبانن جو هئڻ ڪا حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ڪونهي، پر وڏي ڳالهه اها آهي ته سڀني ٻولين کي تحفظ ڏنو ويو آهي ۽ سڀني ۾ تخليقي ڪم ٿيندو ٿو رهي.
(چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ تان ليکڪ جي ٿورن سان)
يوسف سنڌي
پاڻ وٽ ذهن ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو راز انگريزي ٻوليءَ ۾ آهي، ڇو ته ان ۾ وڏو علم موجود آهي ۽ انگريزي ٻولي دنيا تي راڄ ڪري ٿي ۽ انگريزي ٻولي سکڻ سان دنيا جي دري کلي ٿي. ڪنھن به ٻولي ۽ ان ۾ موجود علم کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پر اسان وٽ غلاماڻي ذهنيت هئڻ سبب اسان جا حڪمران ۽ حاڪم اشرافيه سڀ ڪجهه انگريزي ۾ هئڻ سمجهن ٿا ۽ مقامي ٻولين جي ترقي ۽ واڌاري کي روڪڻ لاءِ انهن جي نڙين تي ننھن ڏيو ويٺا آهن. پر سُڌريل ۽ سمجهدار قومن پنھنجي مقامي حالتن کي نظر ۾ رکندي اهڙيون پاليسيون جوڙيون آهن، جو اڄ انهن جون ٻوليون هر قسم جي سائنسي، تعليمي ۽ ٽيڪنيڪلي علم سان مالا مال آهن.
چيني ٻولي دنيا جي سڀ کان وڏي ٻولي آهي ۽ دنيا جي هڪ ارب کان به وڌيڪ ماڻهن جي مادري زبان آهي.

چين ۾ ننڍين وڏين زبانن جو تعداد 56 آهي، چين جھڙي وڏي ملڪ، جنھن جي پکيڙ سڄي يورپ کان به وڌيڪ آهي، ايترين زبانن جو هئڻ ڪا حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ڪونهي، پر وڏي ڳالهه اها آهي ته سڀني ٻولين کي تحفظ ڏنو ويو آهي ۽ سڀني ۾ تخليقي ڪم ٿيندو ٿو رهي.
چين ۾ سڀئي معاملا چيني زبان ۾ ئي سرانجام ڏنا وڃن ٿا. معيشت ۽ معاشرت جا ضابطا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا اسرار ۽ رمزون، پبلڪ ٽرانسپورٽ جون هدايتون، بئنڪنگ جا معاملا، آفيسن ۽ عدالتن جو ڪار وهنوار، عوامي سھوليتن کان فائدي جي حوالي سان ڄاڻ، سڀ ڪجهه چيني زبان ۾ آهي. پاڻ وٽ ته ٽيڪنالاجي جي زبان انگريزي آهي، پر چين ۾ ايئن ڪونهي، چين جي سڄي ترقي سندن پنھنجي زبان جي مرهون منت آهي. ان ترقي جي لاءِ چيني قيادت گهڻي سوچ ويچار کان ڪم ورتو ۽ چيني زبان جي ترقي ۽ واڌاري جي لاءِ رياست ۽ حڪومت سرپرستي ڪئي.

چيني زبان جا مختلف لھجا آهن، جيڪي سڄي چين ۾ ڳالهايا وڃن ٿا. اُتر چين ۽ ڏکڻ چين ۾ ڳالهائجندڙ چينيءَ ۾ وڏو فرق آهي. ڏکڻ چين ۾ ڳالهائجندڙ زبان ڪينٽونيز (Cantoness) سڏبي آهي. 1930ع کان چين ۾ سرڪاري زبان چيني آهي، جنھن کي مندرين (Mandarin) چيو ويندو آهي. ان جو ٻيو نالو پوتنگخواهه (Putong hua) به آهي، جنھن جي معنيٰ ’ڪا من اسپيچ يا ڳالهه ٻولهه‘ آهي. هونئن ته چيني زبان جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي، پر پاڻ ويھين صدي ۾ ٿيندڙ ارتقائي تبديلين جي حوالي سان ڳالهائينداسين. لساني ماهرن چيني زبان کي لھجي جي اعتبار کان ستن کان ڏهن گروپن ۾ ورهايو آهي. انهن ۾ سڀني کان وڏو لھجو مندرين آهي. ان کان پوءِ وو (Wu)، من (Min)، يواي (Yue)، گن (Gan)، شيانگ (Xiang) ۽ هڪا (Hakka) آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪھڙو لھجو يا ڊائيليڪٽ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيترا ماڻهو ڳالهائين ٿا ته سڀ کان وڏو لھجو مندرين آهي، جيڪو چين جي سڄي اتر ۽ ڏکڻ اولھه ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. اهو ڳالهائيندڙ آبادي جو تناسب 71.5 سيڪڙو آهي، ان کان سواءِ چين جي مختلف علائقن ۽ شھرن جا مقامي لھجا پڻ آهن. پر چين ۾ پوتنگخواهه (Putong hua) يعني عام ڳالهه ٻولهه جي زبان ميندرين ئي آهي. اها ئي زبان سڀني سطحن جي تعليمي ادارن ۽ آفيسن ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ سڄي چين ۾ اها ئي رابطي جي زبان آهي. چيني زبان جي هڪ نمايان ۽ امتيازي خاصيت سندس چار ٽونز (Tones- آواز) آهن.

چيني زبان کي سادي بنائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪجھڙي سطح تي لاڳو ڪرڻ جون ڪوششون عوامي جمھوريه چين جي قيام کان هڪدم پوءِ شروع ٿي ويون هيون. چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ شروع کان ئي ميندرين کي قومي زبان بنائڻ بابت سوچي رهي هئي، ته جيئن خواندگيءَ جي شرح وڌائي سگهجي. 1958ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ هڪ گڏجاڻي سڏائي، جنھن جو مقصد ميندرين جي بنياد تي هڪ الفابيٽ سسٽم ترتيب ڏيڻ هو. چين جي وزيراعظم چو اين لائيءَ، چويوگوانگ کي ان ڪم جي لاءِ نامزد ڪيو. چويو گوانگ بنيادي طور تي معاشي ماهر هو، پر کيس لسانيات ۽ لساني معاملن سان دلچسپي هئي ۽ هو چين جي اعليٰ سطح جي معاشي ادارن سان لاڳاپيل رهيو هو ۽ هڪ چيني معاشي اداري جي آمريڪا ۾ نمائندي طور ٽن سالن تائين ڪم ڪيو هو. عوامي جمھوريه چين جي قيام کان پوءِ چين موٽي آيو ۽ شنگهائي جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ معاشيات پڙهائڻ لڳو. سندس وزيراعظم سان واقفيت ’ڇانگ ڇنگ‘ ۾ قيام دوران ٿي هئي، جيڪو ڪنھن وقت چين جو جنگي گاڌي جو هنڌ هو. اها ان وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن جاپان چين جي خلاف جارحيت ڪندي چين تي حملو ڪيو. ان دور ۾ چواين لائي ڪميونسٽ پارٽي جو هڪ مشھور اڳواڻ هو ۽ هو دانشورن، اديبن ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن سان باقاعده سان ڳالهيون ٻولهيون ڪندو هو. انهن دانشورن ۾ چويو گوانگ به شامل هو، جيڪو ڇانگ ڇنگ ۾ هڪ معاشي اداري سان لاڳاپيل هو. پر باقاعدگي سان انهن دانشورن جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ لساني معاملن ۾ پنھنجي شوق جي ڪري چواين لائي جي نظرن ۾ اچي ويو. پوءِ جڏهن ’چواين لائي‘ وزيراعظم ٿيو ته کيس چويو گوانگ پنھنجي لساني شوق سبب ياد هو. تنھنڪري هن کيس هڪ قومي زبان جي جوڙجڪ لاءِ مقرر ڪيو. مقرريءَ کان پوءِ هن ڪيترائي عذر ڏنا ۽ حيلا بھانا ڪيا ته آءٌ ته معاشي ماهر آهيان، پر جيئن ته وزيراعظم کي سندس لساني معاملن ۾ مھارت ۽ شوق جي خبر هئي، تنھنڪري سندس هڪ به نه هلي ۽ هن کيس ان ڪم لاءِ جوڙيل ڪميٽيءَ جو سربراهه مقرر ڪيو. اهو هڪ فيصلو چين ۾ ڏور رس نتيجن جو بنياد ثابت ٿيو. چويوگوانگ کي چين ۾ فادر آف ڦنين (Father of pinyin) به چيو ويندو آهي. لساني معاملن جي نزاڪتن ۽ ٽيڪنيڪي مسئلن کي نظر ۾ رکندي ۽ اهو وقتي طور نظر انداز ڪندي عام ماڻهوءَ جي سھوليت لاءِ سادن لفظن ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته ڦنين (Romenized speling system). ان سسٽم چين جي قديم زبان کي جديد دور سان گڏي ڇڏيو. سسٽم جي ايجاد کان اڳ اهو هڪ عام مسئلو هو ته چيني زبان جا ڪئريڪٽر سڌو سنئون آواز سان هم آهنگ نه هئا.

ڦنين (Phonetic system) سسٽم سان لفظن کي ڳالهه ٻولهه سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ سھوليت ٿي. جنھن سان چين ۾ شرح خواندگيءَ ۾ نمايان واڌارو ٿيو ۽ چيني زبان ۾ آساني پيدا ٿي. چيو وڃي ٿو ته 1950ع ۾ چين ۾ شرح خواندگي 8 سيڪڙو هئي، جيڪا هاڻ 90 سيڪڙي کان به وڌيڪ آهي. انهي سسٽم جي ڪري پيڪنگ کي بيجنگ چوڻ شروع ٿيو. چين جي جنگي دور جي گاڌي جو هنڌ ڇنگ ڪنگ (Chung king) بدلجي چونگ ڪنگ (Chongking) سڏجڻ لڳو ۽ چين جي باني اڳواڻ جو نالو مائوزيتنگ Mao Tse Tung مان بدلجي مائوزي ڊونگ (Mao Zedong) لکجڻ لڳو. چويوگوانگ ۽ سندس ساٿين کي اهو سسٽم ٺاهڻ ۾ ٽن سالن جو عرصو لڳو. چين ۾ 11 فيبروري 1958ع تي اهو سسٽم اختيار ڪيو ويو ۽ international organization for standardization اهو 1952ع ۾ اختيار ڪيو. گڏيل قومن اهو 1986ع ۾ اختيار ڪيو. ان سسٽم سان نابينا ماڻهن کي پڙهڻ ۾ آساني ٿي ۽ انهن جي لاءِ بريل (Braille) ٺھيو. هاڻ چين ۾ تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي شروع کان ئي ڦنين پڙهائي ويندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هو چيني ڪئريڪٽر به پڙهندا آهن. چين ۾ سمارٽ فونز ۽ ٻين سمارٽ گيجئس ۾ اهو ئي ڦنين استعمال ٿيندو آهي. موبائيل فونز ۾ ٽيڪسٽ پيغام لکڻ ۽ موڪلڻ، اي ميلز، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي بلاگز لکڻ جي لاءِ اهو ئي طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي. دنيا ۾ چين جي وڌندڙ اثر ۽ رسوخ جي ڪري چيني زبان سکڻ جي رجحان ۾ چڱو موچارو واڌارو ٿيو آهي.
________________
ليکڪ ڪجھ مھينن کان چين ۾ رھي ٿو



