سماج

    اچو ته ساهي پٽيون

                                                  اچو ته ساهي پٽيون

                                                  عبدالله عثمان مورائي

هر انسان کي ساهي پٽڻ جو حق هجڻ کپي.

 آرام يا ساهي پٽڻ ڇا آهي؟

آرام ڪرڻ جو مطلب آهي جسماني يا ذهني سرگرمي کي روڪڻ ته جيئن اسان جو جسم ۽ ذهن بحال ٿئي. اهو صرف ننڊ بابت ناهي – ان ۾ مختصر وقفا، خاموش لمحا، يا صرف ڪجهه به نه ڪرڻ شامل آهن.

 آرام يا ساهي پٽڻ ڇو ضروري آهي

 آرام يا ساهي پٽڻ توانائي کي بحال ڪري ٿو ، جسم کي ري چارج ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ برداشت کي وڌائي ٿو. ڌيان يا خيال کي بهتر بڻائي ٿو، ذهني ٿڪاوٽ گھٽائي ٿو، سوچ کي تيز ڪري ٿو، دٻاءُ گھٽائي ٿو،  اعصابي نظام کي پرسڪون ڪري ٿو ۽ پريشاني کي گھٽائي ٿو. ان سان گڏوگڏ خاص طور تي سخت ڪم يا جذباتي دٻاءُ دوران برن آئوٽ ٿيڻ کان روڪي ٿو. شفا يا صحت کي بحال ڪرڻ ۾ پڻ آرام يا ساهي پٽڻ جو تمام مثبت ڪردار رهي ٿو. جسم آرام دوران پاڻ کي بهتر طور تي مرمت ڪري ٿو. وڌيڪ ٻيو ته تخليقيت کي وڌائي ٿو، آرامده ذهن اڪثر بهتر خيال ڳولي ٿو.

مختصرن آرام سستي نه آهي پر اهو اسان جي جسم، ذهن ۽ جذبات جي سار سنڀال آهي.

هل ڇا ته ڏينهن هوندا هئا جڏهن ننڍي هوندي مين پرائميري اسڪول موري ۾ پڙهندا هئاسين ۽ مٿان جو وري جون ۽ جولاء ۾ گرميء جون موڪلون اينديون هيو، وڏي خوشي ٿنيدي هئي. اسڪولي بينچن کي هڪ ٻئي جي مٿان سٿي ٻن مهينن لاء آزاد ٿي گهمبو هو. ان وقت ۾ منهنجي ڪار موٽر سائيڪل جو پويون ٽائر هوندو هو، جاڏي به ويندو هوس، اهو ٽائر ۽ ان کي هلائڻ وارو ننڍو لڪڻ ساڻ هوندو هو. اسڪول جو هوم ورڪ آء هڪ هفتي جي اندر ڪري ڇڏيندو هوس. پوء رڳو آرام ئي آرام هوندو هو.

چوڻ جو مقصد ته اهو ننڍي هوندي وارو آرام يا ساهي پٽڻ وارو ٻن مهينن وارو وقت به ان وقت تمام گهڻو وڻندو هو ۽ ان جي ضرورت به هوندي هئي ته پوء جوانيء ۾ ان جي ضرورت ڇونه پوندي يا اهو ڇونه وڻندو؟

اهو سڄو خيال مون کي هاڻي آيو جڏهن هتي يورپ ۾ خاص ڪري سئيڊن ۾ ساليانيون موڪلون شروع ٿيڻ واريون آهن، اهي نه رڳو اسڪولن پر آفيسن کي به هونديون آهن، جتي آفيسن جو ڪم نه هئڻ برابر ٿي پوي ٿو. ترقي يافته ملڪن جو سندن عوام ڏانهن ڌيان گهڻو هجي ٿو جنهن ۾ سندن صحت ۽ ڀلائي اچي وڃي ٿي. انهن سالياني موڪلن ۾ مهيني واري پگهار عام مهينن کان پڻ وڌيو وڃي، ته جيئن ماڻهون پاڻ ۽ سندن ٻارن تي کليو خرچ ڪن.

هونء به ترقي يافته ملڪن ۾ ماڻهن جو ويڪ ائنڊ تي چوڻ هوندو آهي ته اهو وقت اسان جي پنهنجي لاء ۽ سندن ٻارن لاء هوندو آهي ۽ هي مهيني وارين موڪلن ۾ ٻه ائين ڪن ٿا يعني سڄو مهينو پنهنجن پيارن سان گڏ گذارڻ.

هنن سالياني موڪلن ۾ ماڻهون گهڻي قدر سير سفر تي نڪرن ٿا، پوء ڀلي اهو سندن ملڪن ۾ ئي هجي يا اوسي پاسي جي ملڪن ۾ هجي يا اڃا به ڪو ڏورانهون سفر هجي. انهن ڏينهن ۾ هوائي اڏن تي وڏي رش ۽ گهما گهمي هوندي آهي ۽ هر ڪنهن جي منهن تي خوشي هوندي آهي. نئين دنيا کي ڏسڻ جي خوشي، پنهنجن سان وقت گذارڻ جي خوشي، نون تجربن مان گذرڻ جي خوشي، نوان کاڌا آزمائڻ جي خوشي، نون ماڻهن سان ملڻ جي خوشي.

 مزي واري ڳالهه ته ڪافي جوڙا جڏهن گهمي ڦري واپس ايندا آهي ته انهن ۾ علحدگي پڻ ٿيو پوي، شايد اهي جڏهن هڪ ٻئي سان گڏ سفر ڪن ٿا ته هڪ ٻئي جي ڪرتوتن کان پڻ اڃا وڌيڪ واقف ٿين ٿا، جيڪو انهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته ساهي پٽجي يا مڪمل جان ڇڏائجي. هن زندگي ۾ ڪافي ماڻهون اچن ٿا، ڪي رهجي وڃن ٿا ته ڪي وري غائب ٿي وڃن ٿا، انسان ۾ ايتري همٿ هئڻ گهرجي جو هو وڃڻ وارن انسانن کي خدا حافظ چئي سگهي، نون ايندڙن کي ڀلي ڪار چئي سگهي، نه وڻندڙ نوڪرين ۽ ڌندن مان جان ڇڏائي سگهي، ڪٿي ڪٿي ساهي پٽڻ ڪجهه وقت لاء نه پر هميشه لاء به هجي ٿي. هي زندگي جا ميلا آهن ۽ اهي پيا لڳندا.

مطلب ته مخلتف ملڪن ۽ معاشرن ۾ خوشي مخلتف هجي ٿي. پاڻ وٽ سنڌ ۾ خوشي بجلي هلي پئي ته خوشي، ٻه وقت ماني ملي پئي ته خوشي، پاڻيء جو موٽر هلي پيو ۽ جر ناهي ويٺو ته خوشي، خير خيريت سان  ٻاهران گهر واپس اچڻ تي خوشي. پاڙي وارا يا مٽ مائٽ امن پسند آهن ۽ منافقي نه ڪن ته اها خوشي به آهي ته لگزري ۽ عياشي به. پاڻ وٽ به اميد ته اهي خوشيون مڪمل طور تي موٽي اينديون جڏهن اهي سڀ مسئلا حل ٿيندا ۽ ماڻهون جڏهن زندگي گذارڻ واري دور مان نڪري زندگيء کي جيئڻ واري دور ۾ داخل ٿيندا.

چوڻ جو مقصد ته پاڻ جيڪو ڪجهه به ڪري رهيا آهيون، اچو ته ان کي وقفو ڏيون ۽ ساهي پٽيون. زندگي جي نون رخن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪيون. سچ پچ ته ان زندگي جو مزو ئي الڳ هوندو جنهن ۾ انسان پنهنجي پاڻ کي سڃاڻي ۽ پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ گوڙ ۽ گهمسان واري حالت ۾ ممڪن ناهي ۽ ان لاء اسان کي ساهي پٽڻي پوندي پوء اسان ان ڳالهه کي سمجهي سگهنداسين ته ساهي پٽڻ يا آرام ڪرڻ جي ڇا معني، مقصد ۽ قيمت آهي.

___________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button