Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چين جي ھر شھر ۾ پبلڪ لائبريريون آھن، 58.4 سيڪڙو چيني ڪتاب پڙھن ٿا 

نئننگ شھر ۾ گوانگسي يوينيورسٽيءَ سميت پندرھن کان وڌيڪ يونيورسٽيون آھن. گوانگسي يونيورسٽيءَ ۾ ڇھ ماڙ عمارت صرف لائبريءَ لاءِ ھئي جتي ھڪ لک کان وڌيڪ ڪتاب آھن.

يونيورسٽيءَ ۾ ھڪ وڏو ميوزيم ھو. پاڻ وٽ سنڌ يا پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ ان قسم جا ميوزيم ٺاهڻ جو تصور به ڪونهي. چين جو تعليمي نظام دنيا جو بھترين تعليمي نظام آهي. هايئر ايجوڪيشن جي لاءِ هر شھريءَ جي لاءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي سھولتون موجود آهن

بيجنگ ۾ قائم ’نيشنل لائبرري آف چائنا‘ نه رڳو چين پر ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي لئبريري آهي ۽ ان جي ڳڻپ دنيا جي وڏين لئبريرين ۾ ٿيندي آهي جتي 35 ملين کان به وڌيڪ ڪتاب موجود آهن جن ۾ هڪ سؤ پندرهن کان وڌيڪ ٻولين جا ڪتاب شامل آهن.

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

ستاويھين آڪٽوبر 2024: اڄ موسم جُھڙالي ٿي ويئي آهي، ٿورو سيانڊڙو به محسوس پيو ٿئي. وقفي وقفي سان برسات به وسي رهي هئي. وشال جي سالي ’وانگ ين ٿنگ‘ ڳوٺ وڃڻ جون تياريون پئي ڪري، کشين جي وڏي ڀيڻ آهي. هتي نئننگ ۾ پنھنجو فليٽ ورتو اٿس، جنھن جي ڪجهه ڏينھن اڳ ۾ وڊيو به ڏيکاري هئائين. سندس چواڻي ته اهو پاڻ بُڪ ڪرايو هئائين ۽ قسطون ڪري پئسا جمع ڪرايا هئائين. هتي رهندي آهي ۽ وشال ۽ کشين جي غير موجودگيءَ ۾ مريم کي سنڀاليندي آهي. شادي ٿيل اٿس، ٻه ٻار به اٿس، پر اهي سندس مڙس سان رهندا آهن. مڙس سان ٺاهه نه اٿس، وشال ٻڌايو ته مڙسھنس ڏاڍيون گاريون ڏيندو اٿس. چين ڀلي ڪيڏو به ترقي ڪري ويو هجي، پر عورت تي اڃا به مار موچڙو ٿئي ٿو. مڙس عورت کي اڃا به دٻائي ٿو.

وانگ ين ٿنگ جي عمر 45 سال کن ٿيندي، پر لڳندي ٽيھن سالن جي آهي. چيني مرد توڙي مايون پاڻ کي فٽ رکن ٿيون ۽ صحت جو خيال رکن ٿيون. پُڇيومانس ته ڇو پيئي وڃي ته اشارن ۾ چيائين ”آپريشن ڪرائڻون اٿم.“ بھرحال سمجهي نه سگهيس ته ڇا جي آپريشن ڪرائڻ پيئي وڃي. بظاهر ته ٺيڪ ۽ تندرست پئي لڳي. ٻارهين ڌاري ابوذر آيو، چيومانس ته ”اڄ سج نه اُڀريو آهي، تڏهن سوير اٿيو آهين.“ جنھن تي کليو. همراهه فجر جو سمھين ۽ ٻي اڍائي بجي اُٿي.

چيائين، ”اڄ هلو ته منھنجي يونيورسٽي اوهان کي گهمايان.“ چيم، ”پوءِ دير ڇا جي! اُٿ ته هلئون.“

ايئن آءٌ، وشال ۽ ابوذر ٻن بائيڪن تي چڙهي گوانگسي يونيورسٽي روانا ٿياسين، جيڪا اتان ڏهن منٽن جي فاصلي تي هئي، مريم به اسان سان گڏ هئي. يونيورسٽيءَ جي گيٽ تي پھتاسين ته پھرين ابوذر مون کي اندر داخل ڪري هڪ هنڌ لاهي بيھاريو. گيٽ تي پھچي ابوذر پنھنجو چھرو ڪئميرا جي اڳيان ڪيو ته گيٽ کلي ويو. وشال کي به ائين ئي اندر وٺي آيو. اسان اندر گهڙياسين ته هلڪي بوندا باندي شروع ٿي ويئي. اسان بيھڻ بدران هلڻ شروع ڪيو. هڪ عمارت ڏانھن اشارو ڪري ابوذر چيو ته ”انڪل، هي يونيورسٽيءَ جي لائبريري آهي.“ ”پوءِ ته ٻيا سڀ ڪم ڇڏي لئبريري ٿا هلون“، وراڻيم. لئبريري جو دروازو ٻي پاسي کان هو. اڳتي وڌياسين ته يونيورسٽي جو ڪنسرٽ هال نظر آيو. نھايت شاندار، بلڪل گوانگزو مينزو يونيورسٽيءَ جي هال جھڙو. ان جي سامھون هڪ ميدان هو، جنھن ۾ سائي ڇٻر پوکيل هئي. ٿورو اڳيان جمنازيم هال هو. موٽر سائيڪلون بيھاري اسان اندر گهڙياسين. جتي شاگردن جي ورزش لاءِ طرح طرح جي ڪسرت جا اوزار رکيل هئا. عمارت به ڏسڻ وٽان هئي. ابوذر ٻڌايو ته هتي جم تي ايندڙ شاگردن کان يونيورسٽي 1300 سؤ يوان في ڌار وٺندي آهي. جنھن تي اسان چيو ته اها زيادتي چئبي، اسان مختلف روڊن تان ڦرندا اچي لئبريري جي عمارت جي سامھون بيٺاسين. اڳيان وڏو ميدان هو، جنھن ۾ نھايت خوبصورت ڇٻر پوکيل هئي. وڻ هئا، گل هئا، ٻوٽا هئا ۽ ان جي وچ ۾ اسٽيل جو هڪ نھايت خوبصورت ’مونومينٽ‘ ٺھيل هو. جنھن جي اڳيان لڳل پٿر تي ’ٽائم گيٽ‘ لکيل هو ۽ انگريزي ۾ زهو برا درس (Zhou Brothers) لکيل هو، جيڪو ڪنھن همراهه جو نالو هو. شايد ان اهو ٺھرايو هو، يا ان جي ياد ۾ اهو ٺاهيو ويو هو. باقي چيني ۾ لکيل هو، جيڪو سمجهه ۾ نه آيو.

اتي بيھي فوٽوگرافي ڪري لئبريري ڏانھن وڌياسين. وشال اندر نه هليو، جو مريم گڏ هئي. اندر ٻارن کي وٺي وڃڻ جي اجازت نه هئي. وشال چيو ’اوهان چڪر هڻي اچو آءٌ هتي بيھان ٿو.‘ ان مھل زوردار برسات شروع ٿي ويئي.

آءٌ ۽ ابوذر اندر گهڙياسين ته هڪ وڏو هال نظر آيو، جنھن ۾ سامھون ڪتابن جي هڪ ريڪ رکيل هئي، صوفا پيل هئا، انهن تي ڪجهه شاگرد ويٺا هئا. کاٻي پاسي ڏٺم ته لکيل هو ”گوانگسي هسٽاريڪل ميوزيم“ شيشي جا دروازا کولي اندر گهڙياسين ته ساڄي پاسي ڀت تي گوانگسي صوبي جو نقشو لڳل هو. کاٻي پاسي وري نقشي جي مدد سان ميوزيم جي هال بابت لکيل هو. سامھون ئي گوانگسي جي انقلابين جا نھايت خوبصورت اسٽيچو لڳل هئا. اسان سڄو ميوزيم گهمي ڏٺو، فوٽوگرافي ڪئيسين ۽ مووي به ڀريم. هال جي ڀتين تي انقلابين ۽ تعليمدانن جون تصويرون، اخبارن جا تراشا، لڳل هئا، جن جي هيٺيان چيني ٻولي ۾ تفصيل به لکيل هئا. هالن ۾ ٻيا به ڪيترائي نھايت خوبصورت اسٽيچو ٺھيل هئا، جن ۾ هارين ۽ مزدورن جا به هئا. هارين جي هٿن ۾ ڪوڏر ۽ مزدورن جي هٿن ۾ مُترڪا هئا.هيٺ شوڪيسن ۾ ڪيترائي پراڻا ڪتاب، مسودا ۽ هٿ اکر رکيل هئا. جن وٽ به چيني ۾ تفصيل لکيل هئا. سواءِ سال ۽ سن جي باقي احوال چيني ۾ هو. ميوزيم نھايت متاثر ڪندڙ هو. هن ميوزيم جو بنياد 2019ع ۾ رکيو ويو هو. اتي لڳل تصويرن ۾ مائوزيتنگ ۽ چو اين لائي جون تصويرون به هيون، جن ۾ هو ڪن ڪامريڊن سان ڪچھري ڪري رهيا هئا. تصويرون بليڪ اينڊ وائيٽ هيون. وشال ٻاهر بيٺو هو. سو سندس خيال ڪندي ٻاهر نڪري آياسين، اڃا اسان کي لئبريري به ڏسڻي هئي، پاڻ وٽ سنڌ يا پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ ان قسم جا ميوزيم ٺاهڻ جو تصور به ڪونهي.

لفٽ ۾ چڙهي مٿي ٽي ماڙ تي وياسين. هي لئبريري ڇھن ماڙن تي مشتمل آهي. هڪ وڏي هال ۾ گهڙياسين ته شاگرد نھايت خاموشيءَ سان مطالعي ۾ محو هئا. چوڌاري نھايت خوبصورت رينڪ رکيل هئا، جن ۾ نھايت خوبصورت ترتيب سان ڪتاب رکيل هئا، جن جي ڇپائي ۽ پنو نھايت خوبصورت هو. ڪتاب سڀ چيني ٻولي ۾ هئا. اتي ويٺل لئبررين ڇوڪريءَ کان پڇيوسين ته هتي ڪو انگريزي ڪتابن جو سيڪشن به آهي، پر ڳالهه نه سمجهائين، نيٺ لفٽ ۾ چڙهي پنجين ماڙ تي وياسين. اتي به نوجوان خاموشيءَ سان پڙهي رهيا هئا. ڪن جي اڳيان ليپ ٽاپ رکيا هئا ۽ ڪتاب کليل هئا، جن مان هو نوٽس وٺي رهيا هئا. اتي به سڀ ڪتاب چيني ۾. لئبررين ڇوڪري کان انگريزي ڪتابن جو پڇيوسين، پر جواب نه ۾ مليو. اتي سرسري جائزو وٺي واپس هيٺ لھي آياسين. منھنجي اندازي موجب لئبرري جي ڇھن ئي ماڙن تي جنھن ترتيب سان ڪتاب رکيل هئا، انهن جو تعداد هڪ لک کان به وڌيڪ هوندو. جيستائين يونيورسٽي لئبررين جو تعلق آهي، اهي ته هر يونيورسٽي ۾ هونديون آهن. چين ۾ شھرن ۾ پبلڪ لئبرريون به آهن، جنھن مان چيني قوم جي مطالعي جي رجحان جي خبر پوي ٿي. چين جي ’اڪيڊمي آف پريس اينڊ پبليڪيشن‘ موجب 58.4 سيڪڙو چيني باقاعده ڪتاب پڙهن ٿا. بيجنگ ۾ قائم ’نيشنل لائبرري آف چائنا‘. نه رڳو چين، پر ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي لئبريري آهي، پر ان جو شمار دنيا جي وڏين لئبريرين ۾ ٿيندو آهي ۽ جنھن جو قيام 9 سيپٽمبر 1909ع ۾ ’ڇنگ سلطنت‘ جي دور ۾ پيو. شروع ۾ ان جو نالو ’امپيريل لئبريري آف پيڪنگ‘ هو. پوءِ ان جا نالا بدلبا رهيا ۽ 22 ڊسمبر 1988ع ۾ مٿس اهو نالو رکيو ويو. ان جي پکيڙ 2،80،0000 اسڪوائر ميٽر آهي. ان ۾ 35 ملين کان به وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. هڪ سؤ پندرهن کان وڌيڪ ٻولين ۾ هتي ڪتاب موجود آهن. غير ملڪي زبانن ۾ موجود مواد جو تناسب لئبريري جي ذخيري جو چاليھه سيڪڙو ٿئي ٿو. البت اها خبر نه اٿم ته انهن هڪ سؤ پندرهن ٻولين ۾ سنڌي ٻولي آهي يا نه؟

نئننگ ۾ گوانگسي يونيورسٽي سميت، يونيورسٽين جو تعداد پندرهن کان به وڌيڪ آهي. ان کان سواءِ ڪيترين ئي يونيورسٽين جا ڌار ڌار ڪئمپس به آهن. گوانگسي يونيورسٽي جو بنياد 1928ع ۾ رکيو ويو هو.

چين جو تعليمي نظام دنيا جو بھترين تعليمي نظام آهي. هايئر ايجوڪيشن جي لاءِ هر شھريءَ جي لاءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي سھولتون موجود آهن. چين جي تعليم واري وزارت چين جي تعليمي نظام کي ڪنٽرول ڪري ٿي. چين جو تعليمي نظام ترقي، خوشحالي ۽ غربت جي خاتمي ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي. تعليمي معيار کي قائم رکڻ جي لاءِ استادن جي چونڊ ميرٽ ۽ قابليت جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. چين جو تعليمي نصاب هڪجھڙو، چين جي نظريي ۽ عالمي اصولن موجب آهي. ماڊرن ايجوڪيشن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو ته جيئن دنيا جو مقابلو ڪري سگهجن. چين عالمي ريڪنگ ۾ تعليم جي لحاظ کان 22 هين نمبر تي آهي.

اڄ هڪ مزو ٿيو، جنھن تي ڏاڍو کليس.

ڪالهه وشال وار ٺھرائي آيو ته چيومانس مون کي به وار ٺھرائڻا ۽ ڪلر ڪرائڻو آهي، سو فليٽ جي هيٺ چيني حجام کان وقت ورتائين، جنھن چئين بجي جو ڏنو. چئين بجي ڌاري ويومانس، هڪ ننڍي قد جو نوجوان چيني حجام مون کي سلام عليڪم چئي اچي مليو. مون به وعليڪم سلام چئي هٿ ملايو. چيني اڪثر پاڪستانين سان سلام عليڪم چئي هٿ ملائيندا ۽ مُرڪندا آهن. دڪان صاف سٿرو ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ هو. دڪان ۾ فرنيچر به صاف سٿرو ۽ سٺو رکيل هو. پاڻ به صاف سٿرا ۽ صاف سٿري ڊريس ۾ هئا. وشال کيس سمجهائي ويو هو ته وار ٺھندا ۽ ڪلر ٿيندو. سو پھرين هن هلڪا ڦلڪا وار ٺاهيا ۽ پوءِ ڪلر ڪيائين. مون اشاري ۾ چيومانس ته منھنجي مُڇن کي به ڪلر ڪر. پر هن سمجهيو ته چوان پيو ته منھنجون مُڇون ڪوڙ. اشارو ڏسي پاڪي کڻي لڳو مُڇون ڪوڙڻ، ته مون هٿ جهليندي اشارن سان چيومانس، ”ڇورا ڇا پيون ڪرينءَ؟“ ته اشارن ۾ چيائين ”تو چيو مڇون ڪوڙ. سو ڪوڙيان پيو.“ جنھن تي اچي کليس مون کي کلندي ڏسي پاڻ به کلڻ لڳو. چيومانس ”ميان، مُڇ اسان سنڌين جي مُڙسي ۽ مَرڪ آهي، سو تون ڪوڙي مون کي راڄ ۾ بُڇڙو ڪندين ڇا؟“

جي حجام جو هٿ نه روڪيان ها ته هينئر ڪلين شيو هجان ها ۽ محترم عبدالحئي پليجي جي اها خواهش پوري ٿي وڃي ها، جيڪا هو منھنجون فيسڪ بوڪ تي پوسٽون ڏسي ڪمينٽ ڪندو آهي ته، ”چين ۾ اسان يوسف سنڌي کي ڪلين شيو ڏسڻ ٿا گهرون.“

همراهه جڏهن تيار ڪري ڪرسي تان اٿڻ لاءِ چيو ۽ آرسي ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”ڪيئن؟“

جواب ڏنومانس، ”لَش پَش ڪري ڇڏيو اٿئي.“

”لش پش…“پاڻ چيائين.

مون کيس سمجهايو ته ’لش پش‘ معنيٰ ”بيوٽي فل“. جنھن تي اصل ٽڙي پيو.

________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ چين ۾ آھي  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button