Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چيني ماڻھو رنگ جا ڀُورا پر يورپين جي نظر ۾ اُھي بہ ڪارا ايشيائي آھن

چيني ماڻھو گورن يورپين کان گھڻو مرعوب آھن. اُس ۾ ڇٽيون کڻي ھلن تہ متان سندن رنگ ڪاراٽجي نہ وڃي

چين ۾ ھاءِ اسپيڊ ٽرين ذريعي ارڙھن ڪلاڪن جو سفر چئن ڪلاڪن ۾ ٿيو وڃي. لوڪل ٽرين ۾ ڀاڙو گھٽ آھي پر ماحول ۽ صفائي سٿرائي وغيره جي لحاظ کان هاءِ اسپيڊ ٽرين جھڙي ئي آهي

يوسف سنڌي

اَٺاويھين آڪٽوبر 2024: حيدرآباد فون ڪري پُڇان ٿو ته گهر وارن جي گهوڙا گهوڙا ته گرميءَ ماري ڇڏيو آهي ۽ وري بجلي به ڪونهي. هِتي ڄڻ سيارو اچي ويو آهي. ٻن ڏينھن کان جُھڙ ۽ برسات سبب چيني ماڻهن ڪوٽ، جيڪٽ ۽ سوئيٽر پائڻ ۽ ڇٽيون کڻڻ شروع ڪيون آهن. ڇٽيون ته هونئن به پاڻ سان کڻن، جو اُس ۾ مٿان کولي هلن، جيئن سندن رنگ ڪارو نه ٿئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته يورپين جي نظر ۾ هي ايشيائي چيني به ڪارا آهن. پاڻ رنگن جا ڀورا ضرور آهن، پر يورپين ڳورن کان گهڻو متاثر ۽ مرعوب آهن. جي ڪنھن جي چمڙي ڳوري آهي ۽ هو وري زٽ هڻي، ڳورو نه هوندي به يورپين سڏائي ٿو ته پوءِ ان جي ڄڻ لئه ٿي ويندي آهي.

اڄ صبح جو سوير چئين بجي ڌاري ’وانگ ين ڇنگ‘ کي کشين پنھنجي ڪار تي اسٽيشن ڇڏڻ ويئي ۽ پوءِ اتان ئي آفيس هلي ويئي. آءٌ سوير واڪ ۽ ڪسرت لاءِ اٿي لھي هيٺ آيس ته ڪار بيٺل نه هُيس، مون سمجهيو ته مون کي اٿڻ ۾ دير ٿي ويئي آهي، پر ڪلاڪ کن کان پوءِ موٽيس ۽ ٽائيم ڏٺم ته صبح جا ساڍا اٺ ٿيا هئا. مٿين ڳالهه پوءِ وشال ٻڌائي. سندس ڳوٺ جو سفر هاءِ اسپيڊ ٽرين ۾ چئن ڪلاڪن جو آهي ۽ لوڪل ٽرين ۾ ارڙهن ڪلاڪن جو. وشال چيو ته ”جي جي هزارا ’ايڪسپريس‘ ۾ ڳوٺ ويئي آهي ۽ ارڙهن ڪلاڪن کان پوءِ ڳوٺ پھچندي.“ جنھن تي مون ڪن کڙا ڪيا ۽ پڇيم، ”چين ۾ وري هزاره ايڪسپريس ڪيئن؟“ جنھن تي چيائين ته لوڪل ٽرين معنيٰ هتي هتي بيھندي ويندي آهي، ’جي جي‘ پئسا بچائڻ لاءِ ان ٽرين ۾ ويئي آهي. لوڪل ٽرين جا ڀاڙا صفا سستا آهن ۽ هاءِ اسپيڊ ٽرين جا مھانگا. پر نالو ڀلي لوڪل ٽرين هجيس، پر ماحول صفائي سٿرائي وغيره جي لحاظ کان هاءِ اسپيڊ ٽرين جھڙي ئي آهي. وانگ ين ڇنگ ٻن سالن کان پوءِ ڳوٺ ويئي آهي. مائٽن سان ڄڻ ته ڪا اُنسيت ئي ڪونه اٿن. جو مائٽ کين ڄڻي پوءِ ڄڻ گهر ۾ پاڻ ئي پلجڻ ۽ نپجڻ لاءِ ڇڏي ڏين ۽ پاڻ ڪمن ڪارين جي پويان، اولاد وري ارڙهن سالن جو ٿيو ته پوءِ آپي خان… سو وٽن رشتن جو احساس ۽ قدر گهٽ آهي. هونئن به چوندا آهن ته مائٽن اسان کي ڪھڙو پيار ڏنو ۽ پاليو جو سندن خيال رکون، پوءِ جي ڪنھن اولاد مائٽ جو خيال رکيو ته غنيمت، نه ته هرڪو پنھنجو ڪمائي، پنھنجو کائي. وشال چيو ته ”پاڻ به 2 نومبر تي هاءِ اسپيڊ ٽرين جي ذريعي کشين جي ڳوٺ هلنداسين. چار سؤ ڪلوميٽر جو مفاصلو آهي، يڪي ڊرائيونگ ڪندي کشين ٿڪي پوندي. مون کي هلائڻ ته اچي ٿي، پر لائسنس نه اٿم، تنھنڪري ڊرائيو نه ٿو ڪري سگهان.“ چيومانس ٺيڪ.

پيپلز ڊيليءَ جي ٿورن سان

ٻارهين ڌاري کشين آفيس مان موٽي ته ڀڳل ٽٽل انگريزي ۽ اشارن ۾ چيائين ”ابو گهمڻ هلون.“

”هلو، دير ڇا جي. “مون آڱوٺي جو اشارو ڪندي چيو. جيتوڻيڪ ٽنگن ۾ ڪافي سور هئم، پر انڪار ڪريان ها ته وشال ۽ کشين جي وچ ۾ بدمزگي پيدا ٿيڻ جو انديشو هو، جو لکا ته پوڻ نه ڏنن، پر مون اندازو لڳايو ته ٻئي هڪٻئي کان ڇڊا ڇڊا پي هليا. زال مڙس جون ناراضگيون ته ٿينديون رهنديون آهن. جي انڪار ڪريان ها ته نٿا هلون ته متان کشين سمجهي ها ته ابو ۽ امي وشال جي چوڻ تي مون سان نه ٿا هلن. عورت جي پنھنجي نفسيات آهي.

ساڍي ٻارهين ڌاري کشين اسان کي هلڻ جو اشارو ڪيو، اسان ٻاهر نڪري اچي ڪار ۾ ويٺاسين. وشال کشين سان اڳيان ٿي ويٺو. آءٌ، نسيم ۽ مريم پويان ٿي ويٺاسين. سڀ کان پھرين ڊاڪٽر فيصل محمود کي اسپتال ڏسڻ وياسين، جتي هو ايڊمٽ هو ۽ سندس موڪن جو آپريشن ٿيو هو. رات وشال چيو هو ته سڀاڻي ڊاڪٽر فيصل کي ڏسڻ هلنداسون. هو اسپتال داخل آهي ته چيم، ڪلهه رات ته اڃا هتي آيو هو. جنھن تي وشال ٻڌايو ته رات فون تي پاڪستان ۾ رهندڙ سندس زال سان سخت جهيڙو ٿيو هو، ٻڌايائين ته هن پنھنجا زيور کيس ٻڌائڻ کان سواءِ وڪڻي ڇڏيا آهن. جنھن تي سندن وچ ۾ جهيڙو ٿيو ۽ رات جو دير سان کيس پيٽان رت اچڻ شروع ٿي ويو ۽ هو اسپتال داخل ٿي ويو.

ڊاڪٽر فيصل اسان کي ڏسي خوش ٿيو. وشال سندس لاءِ ڦڪي ماني ۽ فروٽ به آندو هو. مون محسوس ڪيو ته ڊاڪٽر فيصل اڪيلائيءَ جو شڪار آهي. ڏاڍو سٺو ۽ سادو سودو ماڻهو آهي ۽ وشال جو سٺو دوست به. لڳ ڀڳ روزانو شام جو وشال سان ملڻ جي لاءِ ايندو آهي. وشال ٻڌايو ته اوهان ٽنھي (سمير سميت) جو آن لائن ويزا فارم ڀرڻ جو سڄو ڪم ڊاڪٽر فيصل ئي ڪيو هو. هاڻ طبيعت بھتر هُيس. اسان ٿوري دير ويھي کانئس موڪلائي هيٺ آياسين.

اتان سڌو مختلف رستن تان ٿيندا نئننگ ۾ ٺھيل ’ميرٽ هوٽل مال‘ وٽ آياسين. جتي ان مھل به رونقون هيون، پر رات ڄڻ اُتي جاڳي پوندي آهي. اڌ ڪلاڪ کن اتي وڙڪي فوٽوگرافي ڪري وري ٻئي هنڌ روانا ٿياسين. اهو مال به ڪيترائي ماڙ هو ۽ دڪان سامان سان ڀريا پيا هئا. ايترا شاپنگ مال ۽ اگهه ڏسي اندازو ٿيو ته چيني ماڻهو وڏا خوشحال آهن. جو ايتريون مھانگيون شيون خريد ڪري سگهن ٿا. اهڙن شاپنگ مالس ۾ اسان جھڙن غريب غربن جي جاءِ ڪونهي.

شاپنگ مال ۾ ۽ ٻاهر روڊ جي ڀر ۾ ڏاڍا خوبصورت ۽ ڏسڻ جھڙا منظر هئا. ماڻهو اتي اچن، شاپنگ به ڪن ته انهن منظرن مان لطف اندوز به ٿين.

منھنجي ڄنگھن ۾ ڏاڍو سور پئجي رهيو هو ۽ پاڻ کي ڇڪي گهلي پي هليس، سو وشال کي چيم ته، ”ٻيلي هاڻ هلون گهر، پاڻ کان هليو نٿو پُڄي.“

ايئن آهستي آهستي هلندا واپس اچي ڪار ۾ ويٺاسين. هاڻ وشال ۽ کشين جا موڊ به ٺيڪ ٿي چڪا هئا. مون ڪلمو ڀري روح تي وڌو. کشين ۽ نسيم گهر هليا ويا ۽ آءٌ چانھه پيئڻ جي لاءِ وشال سان گڏ هوٽل وٽ لھي پيس.

اندر گهڙيس ته ڏٺم ڊاڪٽر گوراف پاراشر ۽ ساڻس ٻيو دوست ويٺا ماني کائي رهيا هئا. مون کي ايندو ڏسي ڊاڪٽر گوراف پاراشر اٿي بيٺو ۽ مون کي پيرين پئي مليو. هو جڏهن به ملندو آهي ته مون کي ۽ نسيم کي پيرين پئي ملندو آهي. چوندو آهي ته اوهان منھنجي پتا ۽ ماتا سمان آهيو. سندس واسطو راجسٿان سان آهي ۽ وشال کان جونيئر آهي. ڪووڊ ۾ انڊيا ويا ته موٽي نه سگهيا. جنھن ڪري سندس ٻه سال زيان ٿي ويا. هاڻ هتي ڊگري مڪمل ڪري، هائوس جاب پيو ڪري ۽ ايندڙ آگسٽ ۾ مڪمل ڪري واپس انڊيا ويندا. هن پاڻ سان ويٺل ٻئي نوجوان ڊاڪٽر جو تعارف ڪرايو. ڊاڪٽر منيش سنگهه، سندس واسطو ڪلڪتي (بنگال) سان هو سندس ڪھاڻي به ساڳي هئي. ڊاڪٽر گوراف سان منھنجي ملاقات چين اچڻ جي ٽئين ڏينھن ٿي، جڏهن انڊين شاگردن ’گيٽ ٽو گيدر پارٽي‘ ڪئي هئي ۽ هنن مانيءَ جو آرڊر ”ذائقه“ کي ڏنو هو ۽ اسان کين ماني پھچائڻ ويا هئاسين. جڏهن کين خبر پئي ته آءٌ ليکڪ آهيان ته ڏاڍو خوش ٿيا ۽ چيائين ته پھرين نومبر تي اسان ”ديوالي“ ملھائينداسين. اوهان کي دعوت ڏينداسين. ضرور اچجو. چيم مون کي اوهان سان شامل ٿي خوشي ٿيندي.

مون کين ٻڌايو ته اسان جي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پڻ ديواليءَ کي ڳايو آهي ۽ اسان سنڌيءَ ۾ ’ديوالي‘ کي ’ڏياري‘ يعني ’ڏيئن واري عيد‘ چوندا آهيون. مون کين شاهه سائين جا بيت به ٻڌايا:

ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا

وجهيو ور ونجهه کي، روئي وڻجاري

ماريندي ماري، پرهه سور پرين جا.

ڊاڪٽر گوراف اڄ جو ايئن اوچتو مليو ته ڪچھريءَ ۾ ويھي رهياسين. شعر شاعريءَ جو به ذڪر نڪتو ته پاڻ چيائين ته شاعر ته ڪونه آهيان، پر ڪجهه شعر ياد اٿم جيڪي ٻڌايان ٿو. ھُن هڪ شعر ٻڌايو. مون ۽ ڊاڪٽر منيش سنگهه کيس خوب داد ڏنو. ڊاڪٽر گوراف چيو ته انڪل اسان جو هڪ انڊين دوست گهڻي ڊرنڪ ڪرڻ جي ڪري سخت بيمار ٿي پيو آهي ۽ سيريس حالت ۾ اسپتال داخل آهي. سو اسان ديواليءَ جو پروگرام ڪئنسل ڪري ڇڏيو آهي. مون سندس دوست جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ٿوري دير کان پوءِ هو موڪلائي هليا ويا ته آءٌ به فليٽ تي هليو آيس.

_______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف اھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button