سنڌوءَ تي لئنسڊائون پُل ۽ پيرس جي ايفل ٽاور جي اڏاوت ساڳئي سال 1887 ۾ شروع ٿي
ايفل ٽاور ۾ 7 هزار 300 ٽن لوهه لڳو جڏهن ته لئنسڊائون پل ۾ 3 هزار 300 ٽن لوهه لڳو. تاريخي پُل جي مرمت، رنگ روغن ۽ اُن کي سياحتي مرڪز بنائڻ بابت ايڊووڪيٽ سُھيل ميمڻ جي پريس بريفنگ
نمائندي وٽان
سکر
سنڌو درياھ تي سکر ۽ روھڙيءَ وچ ۾ شاهڪار لئنسڊائون پل بلڪل انھيءَ وقت ٺهڻ شروع ٿي ھئي جڏهن پيرس ۾ مشهور ايفيل ٽاور ٺهڻ شروع ٿيو.
پيرس ۾ ايفل ٽاور ٺاهڻ جي شروعات جنوري 1887 ۾ ٿي ته ساڳي ئي سال ۾ روهڙيءَ ۾ مئي 1887 ۾ ايفل ٽاور وانگر ئي ساڳي انداز جي لوهي لئنسڊائون برج ٺاهڻ جي شروعات ٿي . ايفل ٽاور ۾ 7 هزار 300 ٽن لوهه لڳو جڏهن ته لئنسڊائون پل ۾ 3 هزار 300 ٽن لوهه لڳو.

اھي ڳالھيون ايڊووڪيٽ سُھيل ميمڻ تاريخي پُل جي مرمت، رنگ روغن ۽ ٻين ڪمن بابت آچر پندرھين جنوريءَ تي پريس بريفنگ ۾ ٻُڌايون .
ھُن چيو تہ سنڌو درياه تي سکر ۽ روهڙي کي گڏيندڙ اها تاريخي پل برٽش سرڪار 1889 ۾ ريل جي اچ وڃ لاِءِ ٺاهي مڪمل هئي. ڪراچيِءَ کان پنجاب وڃڻ لاِءِ ان زماني ۾ ريل گاڏي، جنهن جو گهڻو مقصد فوجي سامان ۽ سپاهين جي آمد رفت ۽ رسد هو، ڪوٽڙيِءَ کان دادو، لاڙڪاڻو رُوٽ جي ذريعي سکر پهچندي هئي ڇاڪاڻ ته سنڌو درياه تي ان وقت ڪوٽري حيدرآباد پُل تعمير ٿيل نه هئي ان ڪري روهڙيءَ وٽ لئنسڊائون پل تعمير ڪري ريل کي سکر کان روهڙي سنڌو درياه ٽپايو ويو.

ھُن چيو تہ ٻاهرين ملڪن خاص ڪري انگلينڊ ۽ بيلجيئم مان آندل هزارين مڻ لوهه سان تعمير ڪيل اها پل ان زماني جي تعمير جي حساب سان هڪ معجزو هئي ڇاڪاڻ جو ان کي بنا ٿنڀن جي ڪينٽيليور پل طور ٺاهيو ويو هو.
پاڪستان ٺهڻ کانپوِء 1962 ۾ ان پل کي ريلوي ٽريفڪ لاِءِ بند ڪري, روڊ ٺاهي ننڍين گاڏين جي اچ وڃ لاِء مخصوص ڪيو ويو ۽ ريل گاڏيءَ جي لاِء ان جي ڀرسان ئي ايوب برج ٺاهي وئي .
لئنسڊائون پل جي مالڪي پاڪستان ريلوي وٽ هئي پر ان تان ريل نه هلڻ جي ڪري ان پل تي ريلوي ڊپارٽمنٽ طرفان توجه گهٽ ٿيندي وئي ۽ اها پل انتهائي زبون حاليِءَ جو شڪار ٿي وئي . ان جي لوهه کي ڪٽ لڳي وئي . هيٺ پلرز ۾ گپ ڀريل رهڻ لڳي، دروازا ٽٽي ويا ۽ فٽ پاٿ مڪمل طور تباه ٿي وئي . ان دوران 2016 ۾ ان پل جي فٽ پاٿ تان پنڌ هلندي هڪ 11 سالن جو ٻار درياه ۾ ڪري فوت ٿي ويو جنهن جو لاش نيوي وارن ڪڍي مالڪن حوالي ڪيو.
سُھيل ميمڻ چيو تہ ان صورتحال سبب پل جي تباهي ڏسي ھُن پل بابت پريزيڊنٽ هائوس، پرائم منسٽر هائوس ۽ وفاقي ادارن سان خط ڪتابت شروع ڪئي .

”ڪافي وقت کان پوِء انهن شڪايتن جي جواب ۾ مون کي وزير اعظم سيڪريٽريٽ پاران لکت ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ريلوي وزير اعظم آفيس کي ٻڌايو آهي ته لئنسڊائون پل پاڪستان ريلوي جي استعمال هيٺ ناهي ان ڪري اداري وٽ ان جي سار سنڀال ۽ مرمت جي ڪا به بجٽ ناهي. وزير اعظم سيڪريٽريٽ اهو به لکت ۾ ٻڌايو ته لئنسڊائون پل جو روڊ سنڌ حڪومت جي ورڪس اينڊ سروسز کاتي وٽ آهي پر سنڌ حڪومت به پل بابت پڇاڻو ڪرڻ تي ڪو جواب ناهي ڏنو، “ سُھيل ٻُڌايو.
اهڙي صورت حال ۾ مون سال 2020 ۾ سنڌ هاِء ڪورٽ سکر ۾ هڪ آئيني درخواست داخل ڪئي ته ملڪ ۽ سنڌ جو هي عظيم اثاثو تباهي طرف وڃي پيو ۽ وفاقي توڙي سنڌ سرڪار ان طرف ڪا به توجه نه پئي ڏئي . اهو ڪيس سنڌ هاِء ڪورٽ سکر ۾ مختلف بئنچز چار سال ٻڌو ۽ 2024 ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس محمد مبين لاکي پل کي سنڌ ڪلچر کاتي, اينٽي ڪوئٽي ۽ آرڪائيوز جي حوالي ڪندي ان جي مرمت ۽ سنڀال جو ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو .
ڊسمبر 2024 ۾ لئنسڊائون پل جي مرمت جو پهريون مرحلو شروع ٿيو ۽ ان جي فٽ پاٿ مڪمل طور تي نئين تعمير ڪئي وئي. پراڻي فٽ پاٿ تي ڪل وزن تقريبا 66 هزار ڪلو هو . جڏهن ته نئين اسٽيل واري فٽ پاٿ جو ڪل وزن تقريبا 30 هزار 1 سئو ڪلو آهي . ايئن لئنسڊائون پل جي فٽ پاٿ تان لڳ ڀڳ 35 هزار ڪلو يعني تقريبا 875 مڻ معني تقريبا 32 ٽن وزن گهٽايو ويو . برج ۾ ٺهيل چوڪين جي مرمت ڪئي وئي . ڪٽجي ويل لوهه کي نئين لوهه جون چتيون لڳايون ويون , زمين دوز بيرڪس کي جيڪي سالن کان سِيل ٿيل هئا کوليو ويو , پل جي تعمير جي ڪهاڻي ان وقت جي فوٽوز ذريعي سمجهائڻ لاِءِ عوام لاِء فوٽو گئلري ٺاهي وئي ۽ پل تي انفارميشن ڊيسڪ ٺاهي وئي .
هاڻي تازو ئي ڊسمبر 2025 ۾ سنڌ حڪومت جي ڪلچر کاتي جي وزير سيد ذوالفقار شاه ۽ سيڪريٽري مسٽر خير محمد ڪلوڙ جي هدايتن تي لئنسڊائون پل ۽ ان سان گڏ ان جي ٻئين حصي سکر چينل پل جي مرمت، رنگ روغن ۽ سجاوٽ جو ٻيون مرحلو ڊائريڪٽر جنرل اينٽي ڪوئيٽيز ۽ آرڪائيز عبدالفتح شيخ ۽ کاتي جي انجنيئرن جي سڌي نگرانيءَ هيٺ شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٻنهي پلين جي مرمت، چينل پل جي مڪمل طور نئين فٽ پاٿ جي تعمير ۽ ٻنهي پلين جو مڪمل طور رنگ روغن شامل آهي . ان شاهڪار پل کي سالن کان رنگ نه ٿيڻ سبب ان جي خوبصورتي گهٽجي وئي آهي ۽ هلندڙ ڪم ۾ پراڻي رنگ کي سينڊ بلاسٽنگ سان لاهي نئين رنگ جا 3 ڪوٽ ڪيا ويندا .
ان سان گڏو گڏ اهم ڳالهه سکر چينل پل تان هزارين ڪلو وزن جي گهٽتائي آهي . پل جي ٻنهي فٽ پاٿ تي سيمنٽ جا ڳورا سليب هيا جن جو پل تي ڪل وزن تقريبا 1 لک 4 هزار 3 سئو 28 ڪلو هيو . جڏهن ته هاڻي نيون اسٽيل جو پليٽون لڳايون ويون آهن جن جو ڪل وزن ٿيندو 34 هزار 9 سئو 60 ڪلو . معني پل تان تقريبا 70 هزار ڪلو معني 1750 مڻ يعني 70 ٽن وزن گهٽيو آهي.
هوڏانهن جڏهن کان سنڌ ڪلچر ڊپارٽمنٽ ان پل جي مرمت ڪري خوبصورتي بحال ڪئي وئي آهي , تڏهن کان نئين سال جي آمد واري نائيٽ تي ضلع ڪائونسل سکر جي چيئرمين سيد ڪميل حيدر پاران لئنسدائون پل تي شاندار آتش بازي ڪئي ويندي آهي جيڪا ڪنهن به طرح آسٽريليا جي سڊني هاربر برج کان گهٽ ناهي هوندي ۽ اتر سنڌ جا لکين ماڻهون فئمليز سان گڏ سنڌو درياھ ڪناري نيو ايئر نائيٽ تي ٿيل اها فائر ورڪ ڏسڻ ايندا آهن جنهن سان هي پل ۽ ان جي ڀرسان سنڌ جو هڪ وڏو سياحتي مرڪز جڙي راس ٿيو آهي .
پريس ڪانفرنس ۾ سيد امداد حسين شاه، انجنيئر نويد سانگاه، ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو، خير محمد قريشي، ڪلچر ائنٽي ڪوئٽي ۽ آرڪائيوز ڊپارٽمنٽ جا انجينئر ۽ عملدار پڻ موجود هئا.
____________



