اچو ته بحث ڪريون: فطرت ڇاهي؟ فطرت ۽ سائنس ۾ به ڪو ڳانڍاپو آهي يا نه؟
فطرت ۽ سائنس ۾ به ڪو ڳانڍاپو آهي يا نه؟ جيڪڏهن ڪو رشتو ناهي ته پو۽ِ انسان اهو علم ڪٿان ۽ ڇو آندو؟ جنهن سان انسان اهو اندازو لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته، فطرت ساڳي انداز ۾ صدين کان ساڳي طريقي سان قائم به آهي ۽ ساڳئي ڪم ۾ رڌل به رهي ٿي ۽ ان جي ابتڙ سائنس وقت سان گڏ واڌ ويجھ کائي ٿي ۽ وسيع به ٿيندي ٿي وڃي.

حميد منگي
قسط (١)
فطرت ڇاهي؟ ان جو وجود ڪڏهن ۽ ڪيئن پيو؟ ان جي وجود ۾ اچڻ جا ڪهڙا ڪارڻ هئا؟ ان جو گذري ويل عرصو يا عمر ڪيترين صدين تائين محيط رهي آهي؟ ان جو وجود اڃان ڪيسيتائين باقي رهندو؟ فطرت جي شروعاتي دئور ۾ ڪهڙيون شيون پهريان پئدا ٿيون؟ ٻيا اهم عنصر ڪيتري عرصي کانپوءِ وجود ۾ آيا؟ ڌرتي ڪٿان آئي؟ ان تي انسانذات واحد مخلوق ڇو آهي، جنهن وقت سان گڏ وڏي ترقي ڪئي، ٻين ساهوارين جنسن ۾ اهڙي خوبي ڇو نه پيدا ٿي سگهي؟ ڌرتي مان قسمين قسمين اناج، ميوا، ڀاڄيون، گاهه، وڻ ۽ ٻوٽا ڪيئن ۽ ڇو ٿا ڦٽن؟ ڌرتيءَ جي سطح ڪٿي نرم ته ڪٿي سخت ڇو آهي؟ ڌرتيءَ جي چئوڻ کان وڌيڪ پاڻي ڪٿان آيو يا ٽميو؟ اهو پاڻي زمين کي چوڌاري وڪوڙيو ڇو بيٺو آهي؟ هوائون ڪٿان اچن ٿيون ۽ اهي وري ڪيڏانهن هليون وڃن ٿيون ۽ وري موٽي به اچن ٿيون؟ هوا جي صفائيءَ جو عمل ڪٿي مڪمل ٿئي ٿو؟ ان جو گند ڪٿي رهجي وڃي ٿو؟ ان جو ڪو رنگ ڇو نه آهي؟ سج، ڌرتيءَ کان ايترو پري ڇو آهي؟ سياري ۾ پرڀرو ۽ اونهاري ۾ ٿورڙو ويجهو ڇو ٿو ٿئي؟ ان ۾ رڳو ”گرمي” ۽ ”روشني” ڇو آهي؟ سج، ڌرتيءَ جي ۽ ڌرتي، سج جي چوڌآري ڪڏهن کان ۽ ڇو ٿا ڦيراٽيون پيا پائين؟
يا وري اونهارا ۽ سيارا ڇو ٿا اچن؟ موسمون هڪ ڪريون ڇو نه ٿيون رهن يا پنهنجي مقرر وقت تي مٽجن ڇو ٿيون؟ چئني موسمن ۾ سج, ڌرتيءَ, هوا ۽ پاڻيءَ سميت ٻين شين جي خوبين ۾ فرق ڇو ٿو پئدا ٿئي؟ چنڊ، ستارا رات جو ڇو ٿا ٽمڪن؟ ڏينهن جو ڪيڏانهن ھليا يا گم ٿيو ٿا وڃن؟ فطرت ۾ ساهه وارين شين ۽ جنسن جو وجود ڪڏهن، ڪيئن، ڪهڙي سبب ۽ ڇو پيو؟ فطرت ۾ ساهوارن سميت ٻيون لاتعداد شيون ۽ جنسون جن مان ڪي ڪمزور ته ڪي وري تمام طاقتور ڇو آهن؟ اهي مختلف دئورن ۾ پنهنجون شڪليون مٽائيندي مٽائيندي، هاڻوڪي شڪل ۾ ڪيئن پهتيون؟ ايندڙ دئورن ۾ به انهن جا قد، ڪاٺ، رنگ، جسامتون توڙي وزن تبديل ٿيندا رهندا يا ايئن ئي موجوده دئور جيان ساڳيا رهندا؟ فطرت منجهه ڪجھ ساهوارا ڊڄڻا ته ڪجھ بهادر ڪهڙن سببن ڪري آهن؟ سڀ ساهوارا ساڳي طبعيت ۽ طاقت رکندڙ ڇو نه ٿا پيدا ٿين؟ طاقتور، ڪمزورن جو شڪار ڇو ٿا ڪن؟ مختلف موسمن ۾ مختلف فصل ڇو ٿا ٿين؟ مختلف ملڪن ۾ شين ۽ جنسن جون الڳ الڳ ورائٽيون ڪهڙن سببن جي ڪري آهن؟
مطلب ته فطرت ۾ موجود اهڙيون کوڙساريون شيون، جنسون، ساهوارا، هنڌ ۽ لقاءَ موجود آهن، جن جون وضاحتون، اڄ جي انسان کي پنهنجي وڌيڪ ترقيءَ لاءِ گھربل آهن. انسان ان مان اهو اندازو به لڳائڻ چاهي ٿو ته، آخر فطرت ڪيئن، ڇو ۽ ڪڏهن وجود ۾ آئي؟ ان جا ڪارج ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟ جڏهن ته انهن ڪارجن مان ڪيترا ڪارج پورا ٿي چڪا آهن؟ باقي ڪيترا رهيل آهن؟ ڇا اها ڳالهه به درست آهي ته، صديون اڳ آيل سڀني مذهبي ڪتابن جي بقول ته، هڪ ڏينهن اهڙو به اچڻو آهي، جڏهن هيءَ پوري ڪائنات يعني فطرت ختم ٿي ويندي ۽ ڪا به شئي باقي نه رهندي. نه ته هي چلڪڻو ۽ تجلا ڏيندڙ سج رهندو، نه ڌرتي، ان جا اناج، ٻوٽا، گاهه ۽ وڻ رهندا، نه هي ٿڌيون توڙي گرم هوائون رهنديون، نه ئي سمنڊ هوندا ۽ نه ئي برف سان ڍڪيل پهاڙ هوندا، جيڪڏهن انهن سڀني مذهبي ڪتابن جي ڳالهين کي سچ سمجھجي ته، اهي سڀ شيون آخر ڪيڏانهن هليون يا گم ٿي وينديون؟
پر اهڙين سمورين وضاحتن کان اڳ، پاڻ کي انهيءَ ڳالهه جي به ضروري وضاحت گھرجي ته، فطرت ۽ سائنس ۾ به ڪو ڳانڍاپو آهي يا نه؟ جيڪڏهن ڪو رشتو ناهي ته پو۽ِ انسان اهو علم ڪٿان ۽ ڇو آندو؟ جنهن سان انسان اهو اندازو لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته، فطرت ساڳي انداز ۾ صدين کان ساڳي طريقي سان قائم به آهي ۽ ساڳئي ڪم ۾ رڌل به رهي ٿي ۽ ان جي ابتڙ سائنس وقت سان گڏ واڌ ويجھ کائي ٿي ۽ وسيع به ٿيندي ٿي وڃي. جڏهن ته فطرت نه ته سوس کائي ٿي، نه وڌي ٿي ۽ نه ئي ان ۾ ڪي وڏيون تبديليون ايندي نظر اچن ٿيون. صدين کان ڌرتي، کاڌ خوراڪ جو وڏي ۾ وڏو مرڪز رهي آهي. سج روزاني جي بنياد تي ”روشني” ۽ ”گرمي” پيدا ڪري، زمين تي اڇلائي ٿو ۽ ان جي اهڙي ڪم ۾ ڪڏهن ڪمي نه ٿي اچي، هوائون ڦيراٽيون کائي وري وري ساهوارن کي جيئاري ٿيون وڃن، سامونڊي پاڻيءَ جي اوٻر مان ڪڪر ٺهي، مخصوص مندن تي وسي، زمين ۾ جذب ٿي ذخيرا به ٺاهن ٿا ته، مٿين سطح تان ريلا بڻجي درياهن، ندين نالين، واهن ۽ شاخن مان ٿيندا ۽ وهندا، پوکي راهي ۾ ڪم ايندا ۽ سمورن ساهوارن جي اڃ اجهائيندا، کين جيئرو رکن ٿا.
فطرت جي باري ۾ هڪ سوال اهو به سوالي ٿي پڇي ٿو ته، انسان جي پيدا ٿيڻ ۽ اسرڻ کان اڳ ۾ ان وقت جيڪي شيون موجود هيون اهي وقت گذرڻ سان گڏ، ڪهڙي سبب جي ڪري پنهنجيون شڪليون مٽائينديون رهيون، ڇا هاڻي به جيڪي شيون موجود آهن، مستقبل ۾ انهن جي ڊيل ڊول ۾ فرق ايندا رهندا يا نه. هڪ الڳ اهو سوال به آهي ته، انساني وجود کان اڳ جيڪي شيون ٺهيون اهي ڪيئن ۽ ڇو ٺهيون؟ ۽ انهن جا ڪهڙا سبب هئا؟ پر اها ڳالهه سئو سيڪڙو سچ آهي ته، فطرت جيئن به ٺهي راس ٿي، اها انسان جي فائدي ۾ ئي رهي آھي. جيتوڻيڪ ”سائنس” نج انساني علم آهي، جيڪو انسان جي مختلف وقتن ۽ دئورن ۾ ٿيندڙ ان جي پنهنجن تجربن آڌار يا پاڻ ھرتو ٿيندڙ فطرتي حادثن ۽ واقعن جي عملن ۽ انهن جي ردعملن کانپوءِ ان جي ئي ذهن مان اٿندڙ سوالن جي موٽ ۾ تخليق ٿيل آهي. جنهن مان انسان کوڙ سارا فائدا حاصل ڪندي، فطرت ۾ روزاني بنياد تي نه رڳو نيون شيون متعارف ڪندي، انهن کي فطرت ۾ هڪ جاءِ به وٺي ڏئي ٿو ۽ مضبوط به ڪندو رهي ٿو. جنهن جا کوڙ سارا مثال آهن.
هيءَ سموري ڪائنات يا فطرت جنهن ۾ ڌرتي، ان جا سڀئي پاسا، ويڪر، ڊيگهه، گولائيون، ڪنڊون، پاسا، اونهائيون، لاهيون چاڙهيون, ان جي مٿانهين سطح تي پلجندڙ سمورا ساهوارا، وهندڙ آبشارون، درياهه، نديون، ڍنڍون، ڍورا، مٽيءَ جا ميدان، جابلو سلسلا، واريءَ جي دڙن جون قطارون، توڙي ان جي اندر ۾ مختلف معدنيات جا اڻ کٽ ذخيرا، مٽجندڙ موسمون، هر موسم جا پنهنجا پنهنجا فائدا ۽ نقصان، انهن موسمن ۾ دنيا جي الڳ الڳ ملڪن ۽ خطن ۾ پيدا ٿيندڙ مختلف قسمن جا اناج، فصل، ميوا، ڀاڄيون، وڻ، ٻوٽا، گاهه, مختلف واس ڏيندڙ گل, انهن تي صبح سوير پوندڙ ماڪ ڦڙا, قسمين قسمين پکي، جن جا هڪ ٻئي کان الڳ ٿلڳ ٻولين وارا ساز ۽ آواز, جھنگلي ۽ پالتو جانور، بي ضرر جيت جڻا، جاني نقصان پهچائيندڙ نانگ ۽ ٻيون بلائون، سمنڊ، درياهن ۽ واهن ۾ ترندڙ هزارين قسمن جون مڇيون، ڪنارن سان لڪي شڪار جي آس لڳائي ويٺل مانگر مڇ, اوچائين تي ويٺل باز، پاڻيءَ جي دٻن ۽ کوهن ۾ رهندڙ ڏيڏر، ڪميون ۽ ليٿڙيون پائيندڙ ۽ رڙهندڙ، هڪ کان ٻي جاءِ ڏانهن ويندڙ ڪيئي جيوت، فطرت جي وسيع ڪئنواس ۾ صدين کان پنهنجو وجود قائم رکندا پيا اچن.
جڏهن ته ڌرتيءَ مٿان خلا ۽ انهيءَ خلا توڙي ڌرتيءَ جي اڪثر حصن کي 24 ڪلاڪن مان 10-12 ڪلاڪن لاءِ راتين مان نڪري ڏينهن ڪندڙ ”روشني” ۽ ”گرمي” جو ڏاتار سون ورنو ”سج”، سج لٿي کانپوءِ چانديءَ جھڙي چنڊ جو نڪري نروار ٿيڻ، جهرمر ڪندڙ سلڪي ستارا، صبح ٿيندي ئي پکين جا ولر، جيڪي اڏامندا ته فضائن ۾ آهن، پر سندن نظر انهيءَ ڌرتيءَ تي هوندي اٿن، جتان کين ۽ سندن ٻچن کي روزاني جي بنياد تي رزق حاصل ٿيندو آهي. موسمن جي مناسبت سان وچٿريون، ٿڌيون، گرم، ڪڏهن طوفان آڻيندڙ ته ڪڏھن آهستي هلندڙ هوائون، جهڙ، کنوڻيون، مينهن، واچوڙا, سامونڊي ۽ هوائي طوفان. ڪمن کي اڪلائڻ وارا ڏينهن, ننڊون ڪرڻ لاءِ راتيون, صبح جا سويرا, شامن جا ڇانورا, اوڀر, اولهه, ڏکڻ ۽ اتر وارا طرف, دل کي وڻندڙ نظارا ۽ ٻيون ڳڻپ کان وڌيڪ وڻندڙ توڙي اڻوندڙ شيون ۽ جنسون جيڪي صدين کان هن ڪائنات جي سونهن ۽ ورونهن بڻيل آهن. اهڙي سڄي لقاءَ کي دنيا جا اڪثر مذهب ”قدرت” سڏين ٿا، پر انسان جي پيدا ڪيل سائنسي علم, کيس ”فطرت” جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي.
انهيءَ قدرتي يا فطرتي نظام ۾، جتي ٻيون لکن جي تعداد ۾ بي ساهه ۽ ساهدار شيون موجود آهن، اتي اڻ ڳڻيل ذاتين، گروهن، نسلن، قومن، کنڊن، ملڪن ۽ سرحدن ۾ ورهايل، مختلف علائقن ۾ ٽڙيل پکڙيل، الڳ الڳ ٻوليون ڳالهائيندڙ، پنهنجين پنهنجين ريتن رسمن ۽ ثقافتن تحت زندگيون گهاريندڙ، اسين انسان به انهيءَ فطرت ۾ ڄمئون, رهون, کائون, پيئون, ڪجهه مزا وٺون ٿا ته، ڪڏهن ڏکن ڏولائن سان مهاڏو به اٽڪايون ٿا. پنهنجين پنهنجين زندگين ۾ ٿوريون ڪي گهڻيون ڪاميابيون به ماڻيون ٿا، ڪن جي نصيبن ۾ ته وري سموري ڄمار جي هڻ هڻان کانپوءِ به ناڪاميون پلئه پوندي ڏسندا آھيون. جڏهن ته وقت پورو ٿيڻ تي طبي، حادثاتي، اتفاقي، المياتي طور يا سرڪشيءَ سبب موت جو شڪار ٿي پوريا، ساڙيا، پکين، جيتن ۽ جانورن جو کاڄ بڻجي، پنهنجي انت تي پهچي وڃون ٿا. جتان موت جو هڪ اڻ کٽ سفر شروع ٿئي ٿو، جنهن جي انت جي اڄ تائين ڪنهن کي به خبر ناهي پئجي سگهي، سواءِ ڪجهه مذهبي عالمن جي ته هڪ ڏينهن قيامت اچڻي آهي، ان ڏينهن تي هر انسان کان ان جي سڄي عمر جو حساب ڪتاب ورتو ويندو ته ان ڪهڙا ڀلا ۽ خراب ڪم ڪيا، پوءِ هر سزا ۽ جزا جو عمل ٿيندو.
(هلندڙ)
_________________

عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو.




حميد منگي جو تفصيلي مضمون جيڪو فطرت کي سمجهڻ ۾ اسان جي مدد ڪري ٿو.