سنڌ جي سونھن جا شڪاري: پنھنجا توڙي پراوا، سڀ سنڌ جي سونھن جا شڪاري آھن
سنڌ ۾ شڪار جي مند شروع ٿيندي ئي شھري وسندين کان پري سنڌ جي ٿر، ڪوھستان، ٻيلن ۽ ويرانن ۾ مسافر مھمان پکين توڙي ٻي جھنگلي جِوَت تي شڪارين جون بندوقون سڌيون ٿي وينديون آھن
نصير اعجاز
گذريل نومبر مھيني کان سنڌ ۾ شڪار جي مُند شروع ٿي وئي آھي جيڪا ايندڙ سال فبروري مھيني جي پڇاڙيءَ تائين ھلندي. کوڙ ورھيہ اڳ ملڪ جي ھڪ عدالت جي حڪم ھيٺ تلور جي شڪار لاءِ پرمٽون جاري ڪرڻ تي بندش وڌي وئي ھئي. بندش کان اڳ ھر سال لڳ ڀڳ 45 تعلقن ۾ شڪار جي اجازت ڏني ويندي ھئي ۽ ھڪ پرمٽ تي 200 تلور پکي شڪار ڪرڻ جي اجازت ملندي رھي پر شڪاري ان کان وڌيڪ پکي شڪار ڪندا رھيا ـ پرڏيھي شڪارين جي ڏيھي ساٿارين کي وڏي اُڻ تُڻ ھئي جو پرڏيھي امير شھزادن جي ميزبانيءَ سان نه رُڳو سندن لاڳاپا وڌندا آھن پر ٻيا به گھڻا ئي فائده ملندا اٿن ـ ڏوھه رُڳو ٽالپر حڪمرانن کي ڏنو ويندو ھو ته اھي شڪاري ھئا ۽ ھنن سڄي سنڌ کي پنھنجي شڪارگاھه ۾ بدلائي ڇڏيو ھو، پر انھن کانپوءِ وارا اقتداري ٽولا به گھٽ ناھن ـ ٽالپر ناھن ته ڇا ٿيو، شڪاري ۽ شڪارگاھون ته موجود آھن ـ ھر سال ڏيھه پرڏيھه کان وڏا شڪاري لکين رپيا خرچ ڪري سنڌ ۾ اچي لھندا رھيا آھن ـ پنھنجا شڪاري، پراوا شڪاري، سنڌ جي سونھن جا شڪاري، سڀ ھتي اچن ٿا ـ شڪارين جو به ڪو اَڻٽُٽُ رشتو آھي پاڻ ۾ جو جڏھن به عرب ۽ ٻين شڪارين جا ٽولا ھتي پھچن ٿا ته سندن ديسي ساٿاري اڳواٽ سندن استقبال جا انتظام ڪري ڇڏين ٿا ـ “مھمان نوازي” جو اھو سلسلو ڪو ويجھڙ جو ناھي ـ عياش انسانن جي مھمانيءَ لاءِ مھمان پکيئڙن توڙي پنھنجي ديسي جھنگلي جِيوَت کي مارڻ جي تاريخ پراڻي آھي ـ

سنڌ ۾ شڪار جي مند شروع ٿيندي ئي شھري وسندين کان پري سنڌ جي ٿر، ڪوھستان، ٻيلن ۽ ويرانن ۾ مسافر مھمان پکين توڙي ٻي جھنگلي جِوَت تي شڪارين جون بندوقون سڌيون ٿي وينديون آھن ـ وحشي شڪارين جي بيرحم بازن جي چنبن سان امن جا پيغمبر پکيئڙا زخمي ٿي رھيا ھوندا آھن، جيئن ٿر جي ھڪ ليکڪ پريم شيواڻيءَ 1990 واري ڏھاڪي ۾ مھمان پکين جي حالت جي عڪاسي ڪندي لکيو ھو: “سائبيريا جي سرديءَ کان ساھه بچائي تلورن جو ٽولو اُڏامي اچي پارڪر جي سانگلا تلاءَ جي سُڪل پيٽ ۾ سُوساٽ ڪري ھيٺ لٿو ھو ۽ ٽليو پي ـ انھن مان ڪنھن ڪارونجھر مٿان اُڏامندڙ ڪونج کي چيو : تون اسان جي ملڪ ڏانھن ويندي ھجين ته اُتي ھر ساھواري ۽ وڻ ٽڻ کي ٻڌائجانءِ ته اسين سلامتيءَ سان ٿر پھچي ويا آھيون ۽ سردي ختم ٿيڻ تي پنھنجي ديس ڏانھن واپس ورڻ جي اُميد رکون ٿا، مگر سامھون ڪن عرب شھزادن جا تنبو تاڻيل ڏسجن پيا، جيڪي تلور جو شڪار ڪرڻ لاءِ پارڪر ۾ ھر سال ايندا آھن ۽ خيما کوڙي ھفتن جا ھفتا ھتي رھندا آھن ـ ٿي سگھي ٿو سڀاڻي سج لھڻ کان اڳ سندن قھري باز اسان جون اکيون ڪڍي عربن جي پنجوَڙ ۾ قابو ڪرائي ڇڏين ۽ اسين سندن شڪار بڻجي وڃون ۽ وطن جا وڻ وري ڏسڻ واري اسان جي آس اڌوري رھجي وڃي ـ”
”ھن ڀيري عرب شھزادا اڃان نه پھتا آھن ـ ٿي سگھي ٿو ته ڊسمبر جي پڇاڙيءَ ۾ اچن ـ اھي جڏھن ھتي ايندا آھن ته جھنگل ۾ منگل جو ماحول ھوندو آھي ۽ برپٽ ۾ خيمن جو شھر آباد ٿي ويندو آھي جتي عياشيءَ جو ھر سامان ميسر ھوندو آھي ـ جھنگلي جِيوَت کاتي جا مقامي عملدار ٻڌائن ٿا ته ھن ڀيري عدالتي حڪم سبب شڪار جون پرمٽون جاري نه ٿيون آھن،” مٺيءَ مان سينئر صحافي نند لال مونکي فون تي ٻڌايو ھو پر ساڳئي وقت اھو به چيائين،“ھتي نه رُڳو تلور پر تترن، ھرڻن ۽ سَھن جو شڪار به ٿيندو رھيو آھي ـ” بيرحم شڪارين جي ڪري ٿر ۾ جھنگلي جِيوَت جو انگ گھٽبو ويو آھي ـ چَون ٿا ته 1975 کان اڳ ڪارونجھر تي مور، تتر، سھا ۽ تلور ايتري تعداد ۾ ھئا جو انھن کي گڏ ڪري ھڪ ھنڌ رکيو وڃي ته ڪارونجھر جيڏو ٻيو به جبل ٺھي وڃي ھا ـ
سال 2025 جي شڪاري مُند ۾ خبر ناھي تہ پرڏيھي شڪاري سنڌ ۾ وارد ٿيا اھن يا نہ پر سوشل ميڊيا تي ڪن مقامي شڪارين جون تصويرون اچي رھيون اھن جن نيرحميءَ سان معصوم پکيئڙن جو شڪار ڪيو آھي. ھتي مون اھڙي ئي ھڪ تصوير رکي آھي جنھن ۾ شڪارين جي گاڏي شڪار ڪيل پکين سان ڀريل آھي. اھا تصوير سنڌ جي ڪوھستان واري علائقي جي آھي.
ڪراچيءَ جي مھر جبل کان شھدادڪوٽ جي حمل ڍنڍ تائين ڪاڇي ۽ ڪوھستان جي ٽڪرين جي لانھِين چاڙھين تي نظر ايندڙ جابلو ٻڪر Ibex به شڪارين کان نٿا بچن ـ عالمي طور مڃيل سوين چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ جابلو ٻڪرن جو نسل بچائڻ لاءِ شڪار تي 20 سالن تائين لڳل بندش اڃان نه لٿي ھئي ـ جڏھن جابلو ٻڪرن جو تعداد ھڪ سئو مان وڌي ھڪ ھزار ٿيو ته شڪاري ڄڻ ته ڇتا ٿي نڪري پيا ھئا ـ اھي 1990 واري ڏھاڪي جا اوائلي ورھيه ھئا جڏھن شڪارين جي گولين کيرٿر جي ٽڪرين تي آزاديءَ جو ساھه کڻندڙ 40 انچ ڊگھن سِڱن وارن جابلو ٻڪرن جو سينو چيرڻ شروع ڪيو ھو ـ فبروري 1993 ۾ سنڌ جي جھنگلي جِيوَت وارو وزيرسيد قبول محمد شاھه به فطري حسن جي اُھڃاڻن جو ويري بڻجي ويو ھو ۽ ھن ست جابلو ٻڪر ماري ۽ يارھن کي زخمي ڪري وڌو ھو ـ وزير جي خلاف سندس ئي کاتي جي ھڪ ايماندار آفيسر دليري ڏيکاريندي رپورٽ وڏي وزير کي موڪلي ھئي پر ان تي ڪو قدم کڻڻ بدران انھيءَ آفيسر کي ئي بدلي ڪيو ويو ھو ـ مون تن ڏينھن ۾ اسلام آباد جي انگريزي اخبار “پاڪستان آبزرور” ۾ اھا خبر ڇاپي ھئي ـ
ناياب جابلو ٻڪر جو شڪار ايئن جاري رھيو ـ سال 2014 ۾ پندرھن غيرملڪي شڪارين کي پرمٽون مليون ھيون جن مان ڏھه پرمٽون جابلو ٻڪر Ibex جي شڪار جون ۽ پنج پرمٽون جابلو رِڍ Urial جي شڪار جون ھيون ـ اھيءَ کان سال اڳ جابلو ٻڪرن جو تعداد ڪل 1200 ۽ جابلو رِڍن جو تعداد 500 کان 600 ھو ـ حڪومت پرڏيھين کي شڪار جي اجازت ڏيڻ لاءِ في پرمٽ 10 کان ٻارھن ھزار ڊالر وٺندي رھي آھي ـ سال 2014 ۾ ته ھڪ اسپيني شڪاريءَ به وڃي کيرٿر ۾ ڪئمپ ھڻي جابلو ٻڪر ماريا ھئا ـ تصور ڪريو ته رات جو شڪارين جي خيمن ٻاھران باھه جي اولڙن ۾ ماس پچائيندڙ شڪارين جا پاڇولا ڪيڏا نه ڀيانڪ ھوندا ـ

سال 1994 ۾ برسات اخبار ۾ ڇپيل منھنجي تحقيقي رپورٽ مطابق جھنگلي جِيوَت کي بچائڻ لاءِ قائم اعلى اداري سنڌ وائلڊ لائيف مئنيجمينٽ بورڊ جا سمورا ميمبر بااثر شڪاري ھئا جن ۾ ھڪ اھو ڊاڪٽر به شامل ھو جيڪو ڪراچيءَ ۾ گُردن جي علاج لاءِ انسٽيٽيوٽ قائم ڪري انسانيت جو محسن سڏائجي ٿو ـ جڏھن شڪاري ڊاڪٽر جا موڪليل شڪاري شيخ نوابشاھه ويجھو تلور جو شڪار ڪندي جھلجي پيا ھئا ته وائلڊ لائيف کاتي اندر ٿرٿلو مچي ويو ھو ۽ شيخ شڪارين کي جھليندڙ آفيسر معطل ٿي وڏي عرصي تائين تڪليفون ڀوڳيندو رھيو ھو ـ
ھر حڪومت ۾ شڪار تي بندش جي ڀڃڪڙي ٿيندي رھي آھي ـ ڪڏھن ته ايئن به ٿيندو ھو ته ٻاھرين اميرزادن کي خوش ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومتن جي اختيارن کي لتاڙيندي ملڪ جا صدر ۽ وزيراعظم به پاڻ سڌو سنئون سنڌ ۾ شڪار جا اجازتناما جاري ڪندا ھئا ـ تن ڏينھن ۾ وائلڊ لائيف کاتي جي ھڪ عملدار ٻڌايو ھو ته عرب سڳورن جو اڪثر اھو دڙڪو ملندو ھو ته کين شڪار جي پرمٽ نه ملي ته ھو پنھنجي رياستن مان پاڪستانين کي نيڪالي ڏيندا ـ “مصيبت اھا به رھي آھي ته ھڪ پرمٽ تي ھڪ کان وڌيڪ ٽيمون شڪار لاءِ اچي پھچنديون ھيون جنھن سان تلور جو نسل خطري ۾ پئجي ويو،” آفيسر ٻڌايوھو ـ
سال 1994 ڌاري لاھور ۾ وائلڊ لائيف بابت عالمي ڪانفرنس ٿي ھئي جنھن ۾ ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ فار پرزرويشن آف نيچر WWF جو تڏھوڪو صدر ڊيوڪ آف ايڊنبرا شھزادو فلپ به آيو ھو ۽ ڏيڍ سئو کن ٻيا عالمي نمائندا به شريڪ ٿيا ته جيئن ختم ٿيندڙ جِيوَت کي بچائڻ لاءِ اُپائن تي ويچار ڪجي ـ انھيءَ موقعي تي نيشنل کيرٿر پارڪ مان ڪجھه شڪاري عربن کي گرفتار ڪرڻ جو ڊرامو رچايو ويو ھو ـ
نه رُڳو عرب پر ڏيھي شڪارين به تلور، چيھي ۽ تترن سان ڪلور ڪيا آھن ـ ديسي شڪاري تلور زنده پڪڙي ھزارين رُپين جي اگھه تي عرب رياستن ۾ وڪرو ڪندا رھيا آھن ـ وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن موجب 1990 واري ڏھاڪي ۾ عرب رياستن ۾ وڪرو ٿيندڙ ھڪ تلور جو اگھه 12000 رُپيا ھو جيڪو ھاڻي ٻيڻ ٽيڻ تي آھي ـ ڪاڇي ۽ ڪوھستان ۾ پوليس آفيسر، ڀوتار توڙي ٻيا ماڻھو تلور جي تاڙ ۾ ميداني پٽن ۾ رُلندا نظر ايندا آھن ـ واھي پانڌي، مُراد جمالي، کنڌاڻي، بکر شھيد، ٽنڊي رحيم، نري، تلي، گاجي شاھه، ٽوڙي، باگو شاھاڻي، خير محمد ملوڪاڻي ۽ آسپاس وارو علائقو تلور لاءِ جھنم بڻيل رھيو آھي ـ ڪاڇي مان ته عقاب به پڪڙي عربن کي وڪرو ڪيا ويندا آھن ـ
انھيءَ ڏھاڪي تائين گڏيل عرب امارتن ۾ تلور امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ھئي پر پوءِ جلد ئي تلور جي امپورٽ تي بندش ھنئي وئي پر ان جو ڪو اثر نه ٿيو جو ھتان غيرقانوني طور انھن پکين جو ڪاروبار جاري رھيو آھي جنھن لاءِ نه شڪار جي مُند جو انتظار ھوندو آھي ۽ نه ڪنھن پرمٽ جي ضرورت ـ
ھاڻي ته ديسي شڪارين کي سنڌ جي ٻي جِيوَت به سمگلنگ لاءِ ملي وئي آھي ـ گذريل ڪجھه ورھين کان سنڌ جي ڍنڍن مان سوين ڪڇون ۽ ڪُميون ڦاسائي چين توڙي اوڀر ايشيا جي ٻين ملڪن ڏانھن سمگل ڪيون وڃن ٿيون جتي انھن جي قيمت لکن ۾ آھي ڇو ته ڪڇون کائڻ لاءِ به استعمال ٿين ته دوائن لاءِ به ـ ٻارھو ئي ھلندڙ ان ڪُڌي ڪاروبار ۾ سنڌ توڙي پنجاب جا شڪاري گڏ آھن ـ اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي ڪڏھن ڪڏھن انھن شڪارين جي پڪڙجڻ جا اطلاع اچن ٿا پر اھو ڌنڌو ختم ٿيڻ بدران جاري آھي ـ سنڌ جي سونھن جا شڪاري سرگرم آھن، بس ڪڏھن قانون جي ظاھري پڪڙ ڏيکارڻ لاءِ سندن سرگرميون لڪي وينديون آھن ـ عالمي ادارا ڀلي نعرا ھڻن ته Born Free, Must Live Free ۽ No Hunting, No Trading, No Poaching پر انھن نعرن جو اثر ھتي ٿيڻ وارو ناھي ـ
___________________



