ڪنهن وٽ به سنڌ کي ورهائڻ جي طاقت ناهي، مراد علي شاھ
”نون صوبن جي ڳالهه هڪ ڪن کان ٻڌو ۽ ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڌيو. سواءِ الله جي ڪنهن وٽ سنڌ کي ورهائڻ جي طاقت ناهي.“
چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري اڳ ۾ ئي ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي جون تجويزون رد ڪري چڪو آهي، سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول ۾ وڏو وزير جون ميڊيا سان ڳالھيون
ڪراچي
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نون صوبن جي قيام بابت ٿيندڙ بحث کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو آھي تہ نون صوبن جي ڳالهه هڪ ڪن کان ٻڌو ۽ ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيو، سواءِ الله جي ڪنهن وٽ به سنڌ کي ورهائڻ جي طاقت ناهي.
جمعي ڏينھن پورٽ گرانڊ ۾ ڪوٺايل سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي نون صوبن جي قيام بابت ٻيهر اُڀرندڙ بحث تي تبصرو ڪندي هن چيو ته اھو بحث مڪمل طور رد ڪرڻ گهرجي. ”نون صوبن جي ڳالهه هڪ ڪن کان ٻڌو ۽ ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڌيو. سواءِ الله جي ڪنهن وٽ سنڌ کي ورهائڻ جي طاقت ناهي.“

مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳ ۾ ئي ارڙهين ترميم ۾ تبديلي ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصي ۾ گھٽتائي جون تجويزون رد ڪري چڪو آهي.
سنڌ جي نئين گورنر جي مقرريءَ بابت سوال تي مراد علي شاهه واضح ڪيو ته نه هُو پاڻ ۽ نه ئي صوبائي حڪومت ان فيصلي ۾ شامل ھوندي آھي. هن چيو گورنر جي مقرري وقت اسان کي صلاح مشوري ۾ شامل نه ڪيو ويندو آهي.
وڏي وزير ننڍن گروپن پاران عوامي زندگيءَ ۾ خلل وجهڻ تي افسوس ظاهر ڪندي چيو تہ 50 کان 150 ماڻهو سڄو شهر يرغمال ڪري ويٺا آهن. جڏهن رستا بار بار بند ٿين ٿا تہ حڪومت کي يقيني طور قدم کڻڻو پوندو.

انھيءَ کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه پورٽ گرانڊ ۾ سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول 2025 جو افتتاح ڪيو جتي 100 کان وڌيڪ اسٽالن تي روايتي دستڪاري، فنڪارن جا مظاهرا ۽ رنگين ثقافتي پروگرام پيش ڪيا ويا.
فيسٽيول جنهن جو اهتمام سنڌ جي ثقافت کاتي ڪيو آهي، 30 نومبر تائين جاري رهندو۔ مراد علي شاهه ربن ڪٽي فيسٽيول جو افتتاح ڪيو ۽ 100 کان وڌيڪ اسٽالن جو دورو ڪري ھنرمندن سان مليو ۽ انهن جي ڪم کي ساراهيو۔
تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو سنڌ جي ثقافت ۽ ھنر اسان جي سڃاڻپ آهن۔ سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول اسان جي صدين پراڻي ورثي، مقامي فنڪارن جي تخليقي صلاحيتن ۽ خاص طور تي عورتن جي هنر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بهترين پليٽ فارم آهي۔ فيسٽيول ۾ ٻين صوبن جا چونڊ ڪرافٽ به رکيل آهن. (پريس رليز)
________________



