Editor's pickMain Slideڪالم

حيدر بخش جتوئي: حريت جي جذبي کان بيجان آهيون، اڃا ڀي چون ٿا تہ انسان آهيون

سنڌ جا سورما ھڪ ھڪ ڪري سنڌين کان کسيا وڃن ٿا! خاص طور تي نئين نسل کي انھن کان اوجهل رکيو وڃي ٿو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ بابت سبق ھاڻي پرائمريءَ جي ڪتابن مان غائب ڪيو ويو آھي. ٽئين درجي جي ڪتاب مان دودي سومري وارو سبق بہ غائب آھي.

Haider Bux Jatoi-TheAsiaN

ڊاڪٽر خادم منگي

پنھنجي، حيدر بخش جتوئيءَ سان پھرين شناسائي، ان سبق سان ٿئي ھئي، جيڪو پرائيمريءَ ۾ پڙھايو ويندو ھيو۔ مون ان ۾ پڙھيو تہ باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئيءَ ڪليڪٽريءَ جي نوڪريءَ کي خيرباد چئي وڃي ھارين سان گڏ بيٺو۔ پر اھو سبق ھاڻي ڪتابن مان غائب ڪيو ويو آھي۔ مونکي حيرت اڃا وڌيڪ ٿي، جڏھن مون ڏٺو تہ ٽئين درجي جي ڪتاب مان دودي سومري وارو سبق بہ غائب ھيو. جيڪو مونکي ان وقت برزبان ياد ھوندو ھيو، جڏھن مان پاڻ  ٽيون درجو پڙھندو ھيس۔ ڏسو نہ سنڌ جا سورما/ھيرا، ڪيئن نہ ھڪ ھڪ ڪري سنڌين کان کسيا وڃن ٿا! خاص طور تي نئين نسل کي انھن کان اوجهل رکيو وڃي ٿو۔ ۽ وڏي بي اطميناني وري تڏھن ٿي، جڏھن ڏٺم تہ موجودہ نصابي ڪتابن جا مرتب، چُپڙي ڪيون پنھنجا اُلو سڌا ڪري رھيا آھن، کين سنڌ جي تاريخ، تمدن، ثقافت ۽ سورمن سان ڄڻ تہ ڪو سروڪار ئي ناھي۔ ٻارن کي ڀل  جيئن وڻين ۽ جيڪو وڻين، سو ويٺا پڙھائين، پر ھي پنھنجي جي حضوريءَ ۾ ئي پورا رھندا۔ ڪو نہ ڪو پروجيڪٽ وٺڻ جي چڪر ۾ وتندا ڀينگ ڪندا۔ سورمن کي اوھان نصاب جي ڪتابن مان تہ کٹي ڪڍي بہ وڃو، پر ماڻھن جي دلين منجهان ڪيئن ڪڍي سگهندءُ؟

حيدر بخش جتوئي بہ ھڪ اھڙو ئي سورمو آھي، پڙھائيءَ دوران تمام ذھين ھيو۔ استاد، سندس تعريف ڪندا ھئا، لاڳيتو ھر درجي ۾ پھريون نمبر کڻندو ايندو ھيو۔ بي-اي پاس ڪري، سرڪاري نوڪري ڪيائين۔ غريب پرور ھيو۔ سرڪاري عملداريءَ جي ڏھاڙن ۾  رشوت کان ڪوھين ڏور ھيو۔ ٻچڙن کي حرام جو گرھ نہ کارایائین۔ پنھنجي محنت ۽ اورچائيءَ سان ترقي ڪندو، نيٺ وڃي ڪليڪٽريءَ جي عھدي تي رَسيو۔ پر ستت ئي انگريز حڪومت جي پاليسين ۽ ظالم وڏيرن جي روش کان تنگ ٿي، نوڪري ڇڏي ڏنائين۔ مطلب تہ ٻٽي ظلم جي آڏو نہ جهڪيو ۽ آڻ نہ مڃيائين۔ انگريزن جون ناجائزيون حد کان ٽپي ويون ھيون۔ ۽ جن جو ضمير جيئرو ھوندو آھي، سي ئي اھڙن ڪڌن ڪمن ۾ جوڙيوال نہ ٿيندا آھن۔ ڪامريڊ، ھارين جي حقن جي وڪالت، سڄي حياتي ڪندو رھيو۔ جڏھن چڱا ڀلا ۽ ڏسڻا وائسڻا، ٽَڪي جي خانبھادريءَ، ٽين پئسي جي راءِ بھادريءَ ۽ ڪوڏيءَ مُلهہ واري سَرِ جي خطاب تي پنھنجي قوم سان غداريءَ واري ڪرت سان لڳل ھئا ۽ ان ۾ ئي خوش ھئا تہ انگريزن جي درٻار ۾ سندن نالي جي ڪرسي لڳندي ھئي۔ کين جڏھن درٻار مان ڪو سڏ ايندو ھيو تہ ھي ڪپڙن ۾ نہ ماپندا ھئا۔ ڪجهہ ماٹھو تہ انگریز جي بگي بہ پاڻ ڇڪيندا ھئا۔ آڪاش انصاريءَ چواڻي، ” غاصبن جي گَرُ لڳل گهوڙن کي، کرکڻا ھڻندا ھئا ۽ انھن گهوڙن جون لِڏون ميڙيندا ھئا۔ موٽ ۾ ھو جس ناما ۽ جاڳيرون وٺندا ھئا” ڏٺو وڃي تہ ھو ان کان پھريون بہ ڪو بُک نہ پئي مئا۔ پر کين جس ناما ۽ جاڳيرون ان لاءِ پيون کپن تہ جیئن مسڪينن ۽ اٻوجهن تي رعب ڪري سگهن۔ ھونءَ بہ اڪثر ماڻھن کي اقتدار جي حوس ان لاءِ بہ رھي آھي تہ جيئن پاڻ کان ھيٺين طبقي تي وڌيڪ ظلم ڪري سگهن۔

“اصطبل ميں ترے اجداد ہوا کرتے تھے۔

تری جاگیر سے بو آتی ہے غداری کی۔”

تڏھن ڪامريڊ ان وقت جي ڪليڪٽريءَ جي ڪرسيءَ کي ڇڏي، پاڻ کي ڊي ڪلاس ڪري، ھارين جي حقن جي ڳالهہ ڪئي۔ اھو عمل بھرحال پنھنجي پر ۾ معني تہ رکي ٿو۔ ماضيءَ ۾ گوتم ٻڌ، ڄام تماچي ۽ روحل فقير ايئن ڪيو ھيو ۽ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ڏھاڙن ۾ سجاد ظھير، پي سي جوشي، حسن ناصر، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ بہ ايئن ئي ڪري ڏيکاريو ھيو۔ ھر دؤر پنھنجا ھيرا پاڻ تراشيندو رھندو آھي۔

ورھاڱي کان ٿورو اڳ ۽ ٿورو پوءِ جي دؤر تي نظر وجهون ٿا تہ ھي اھو دؤر ھيو، جڏھن کاٻي ڌر وارا مزدورن کي منظم ڪرڻ ۾ پورا ھوندا ھئا ۽ انقلاب جو ھر اول دستو بہ مزورن کي ئي سمجهندا ھئا۔ ھو گهڻي ڀاڱي ٽريڊ يونين جي سياست ڪندا ھئا۔ ھنن پنھنجا ھيڊ ڪوارٽر بہ شھرن ۾ ئي جوڙيا ايتري قدر جو ڳوٺن ڏي ليئو پائي بہ نہ ڏٺئون۔ اڪثر قيادت بہ ٻاھران آيل ھئي۔ ان ڪري ھتان جي معروضي حالتن جو کین ڪو ايڏو ادراڪ بہ نہ ھيو۔ کڻي مڃئون بہ سھي تہ ھنن دليئون جانيئون وڏي ڪوشش ڪئي، ايمانداريءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان ھنن ڏھن آڱرين جا ڏھ زور بہ لڳايا ھوندا۔ پر انقلاب جو خواب الائي ڇو اڄ تائين شرمندءِ تعبير نہ ٿي سگهيو آھي۔ ھنن پنھنجو تعلق مارڪس، لينن ۽ اسٽالن سان جوڙيو۔ ان جي ابتڙ وري ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ بہ انھن ڪميونسٽن جي ڪامپيٽيشن ۾ سڄو ڌيان ھارين تي ڏنو ۽ مزدورن جي ٽريڊ يونين طرف مڙي بہ نہ ڏٺو۔ ان ڪري ڪامريڊ، سنڌ جي ٻھراڙين ۽ ننڍڙن شھرن تي ڌيان ڏنو۔ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي لڳي ٿو تہ اسٽالن جي ڀيٽ ۾ مائوزي تنگ ڏانھن وڌيڪ جهڪيل ھيو۔ پر ڏٺو وڃي تہ ھر دؤر ۾ ”مزدور ھاري، پڪي ياري“ جو نعرو ئي ڪارگر رھندو۔ اڪيلي سِر ھي بنڊ کڻن مزدورن کان بہ ڳرو آھي تہ ھارين کان بہ۔

ھتان جي ڪميونسٽ پارٽي، تيستائين روس جي ڪڍ لڳي پئي ھئي، جيستائين گورباچوف، پروسٽرائيڪا ۽ گلاسنوسٽ جھڙا ڏاٽا ۽ مترڪا ھڻي، پاڻ ئي روسي انقلاب جو خاتمو نہ ڪيو۔ منھنجي خيال ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ھاري ڪاميٽي  گڏجي ڪم ڪن ھا تہ شاید ڪا بھتري اچي سگهي ھا۔ پر شايد ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ھيوي ويٽ چيمپين ۽ پھرين جوڙ جو ملهہ ھيو۔ جنھن ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ فِٽ ٿي نہ سگهيو۔ ڪميونسٽ پارٽي بہ وري پنھنجا ھاري، ادبي ۽ شاگرد فرنٽَ الڳ جوڙيندي آھي۔

آئون پنھنجي راءِ ڏئي اجايو پاڻ کي ڇو ڦاسايان؟ ان ڪري مان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڳالهہ ڪري پنھنجي آڏو ڍال ڏيندس۔ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي چوندو ھيو تہ اسان جو مرڪز نہ پيڪنگ ھجڻ کپي، نہ ماسڪو۔ اسانجو مرڪز پنھنجو عوام ھجڻ کپي۔ ڪامريڊ ھڪ جملو خاص طور چوندو ھيو تہ “ڪميونسٽ کي اھڙو  ھجڻ کپي جو وقت اچڻ تي عوام کيس  جيءَ ۾ جايون، ايئن ڏي، جيئن سمنڊ مڇيءَ کي ڏيندو آھي۔” ڪامريڊ سوڀو ڪميزار ۽ يوگيءَ مان، يوگيءَ کي وڌيڪ پسند ڪندو ھيو ۽ چوندو ھيو تہ “ھمہ اوست” جو نعرو اسان کي ويجهو آھي۔ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ مثال قائم ڪرڻ لاء، عزيز سلام بخاريءَ کي جيل اندر سنڌي سيکاري، ڪراچيءَ مان کيس لاڙڪاڻي وٺي آيو۔ سڄي سنڌ جي دؤري ڪرڻ لاءِ ھمٿايو۔ جنھن اڳتي ھلي سرھاريءَ جھڙن ڳوٺاڻن علائقن ۾ بہ ھارين ۾ ڪم ڪيو۔ ھو ڪراچي ڇڏي وڃي ٽنڊي محمد خان ۾ رھيو۔ سڀ ڪامريڊ، جيڪر ايئن ڪن ھا تہ ھي سڀ وڇوٽيون ختم بہ ٿي وڃن ھا۔ خير ان موضوع تي تفصيلوار وري ڪڏھن ٻئي ڀيري لکبو۔۔۔

بکو ديرو، ٻنڊي، ٻلھڙيجي ۽ بگي، ھي چارئي ڳوٺ مھين جي دڙي جي آسپاس آھن۔ ھتان ترتيبوار ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، انور پيرزادي ۽ ھدايت منگيءَ جنم ورتو۔ مھين جي دڙي جي چيڪي ۽ مردم خيز مٽي جڏھن سنڌو درياءَ جي امرت ڌارا ۾ ڳوھجي ٿي تہ اھڙا ئي باڪمال ماڻھو جنم وٺن ٿا۔

ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جو لاڙو ڪاليجين ۽ يونيورسٽين مان پڙھيل ماڻھن ڏانھن بہ ھوندو ھيو، پر مدرسن جي فارغ التحصيل مولوين ڏانھن ڪجهہ سرس  ھوندو ھيو۔ ڇو تہ انھن ڏھاڙن ۾ سنڌ ۾ تعليم پوري ساري ھوندي ھئي۔ ڇڪي تاڻي ڪو فائينل پاس ڪري، وڃي استاد ۽ تپيدار لڳندو ھو۔ يا بي اي ۽ ايل ايل بي ڪري، وڃي وڪالت ڪندو ھيو، نہ تہ اللہ اللہ، خیر سلا۔ مولوي صاحبان ئي پڙھيا ڳڙھيا ھوندا ھئا۔ جيڪي عربي ۽ فارسيءَ جا ڄاڻو ھوندا ھئا۔ ۽ مٿان وري اينٽي امپيريلسٽ ھجڻ ڪري ڪامريڊ کين چڱو سمجهندا ھئا۔ موٽ ۾ ھو بہ ڪامريڊن کي چڱو سمجهندا ھئا۔ علماءِ حق اڄ بہ پورھيت جي عظمت جا قائل آھن۔ ھو ”الڪاسب حبيب الله” جي مطلب کي سمجهن ٿا۔ باقي علماءِ سو جي پري واري نظر خراب ٿي وڃڻ ڪري، کيس پنھنجي ڍڍ کان اڳتي ڪجهہ نظر ئي نہ ٿو اچي۔ ان ڪري مولوي نذير جتوئي جلالي، مولوي عزيزالله جروار، مولوي معاذ، مولوي نيڪ محمد ۽ ٻيا ڪيترائي مولوي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ سان پاڇي وانگر گڏ ھوندا ھئا۔ ڪامريڊ جو سکر ۾ مولوي عبدالحميد ڀٽي “الوريءَ” وٽ، سندس المنار واري پريس ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو ھيو۔ رشيد ڀٽيءَ جي مشھور شعر، ” سنڌڙي رھي، اسين نہ رھیا سین تہ ڇا ٿيو؟“ تي پيار ڀري تنقيد ڪندي سمجهايائينس تہ “بابلا! ايئن نہ لکو۔ پر لکو تہ سنڌڙي بہ رھي ۽ اسين بہ رھون۔ اسين نہ رھون تہ ڇا سنڌ وڏيرن، ميرن، پيرن، نوابن، خانن ۽ ڄامن لاءِ ھجي؟” وڏيرن تي ياد آيو تہ جڏھن وڏيرا “سنڌ زميبدار” جي نالي سان اخبار ڪڍندا ھئا، جنھن ۾ راشدي برادران ڪم ڪندا ھئا۔ انھن ئي ڏينھن ۾ ڪامريڊ پنھنجي اداريت ۾ ھفتيوار “ھاري حقدار” اخبار ڇاپيندو ھیو۔

ڪامريڊ جڏھن شڪوه لکي ھئي تہ محمد ایوب کھڙو، پير علي محمد راشدي، سيد ميران محمد شاھ ۽ نظر محمد پٺاڻ سڀني کان اڳرا ھئا۔ انھن تي ڪھڙي ميار؟ اھي تہ ھيا، ڌريان ئي ڌار۔ ٻئي طرف شاھنواز ڀُٽي، ڪامريڊ جي مدد ڪئي جنھن انگريز سرڪار کي سفارش ڪئي تہ شڪوھ ۾ اھڙو ڪجهہ ناھي جنھن جي بنياد تي ڪامريڊ کي سزا ڏني وڃي۔ مولانا دين محمد وفائي ان وقت جي مين اسٽريم صحافت ۾ ھجڻ باوجود بہ ڪامريڊ جي ڪا مخالفت نہ ڪئي۔ مڙسن جون ڳالهيون ڳائبيون آھن۔ اھي مڙس جيڪي مھل ملهائن تن جا ٿورا لاھي نہ سگهبا آھن۔

ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ کي جيئن تہ عربي ۽ فارسي تي مَلڪو ھيو۔ قرآن شريف جو تفسير بہ لکي رھيو ھيو۔ پر بدين ۾ مختيارڪاريءَ جي ايامڪاريءَ ۾، “شڪوه” لکيائين تہ ڄڻ ڀنڀور کي باھ لڳي وئي۔ اھو ڪتاب مذھبي ڌرين، جاڳيردارن ۽ انگريزن کي ڪونہ وڻيو، ھنن جي ٽرائيڪا جو ھونءَ ڀي اصل ۾ اڻ لکيل مجرمانہ ڳٺ جوڙ/ڪرمنل نيڪسس ھيو۔ ان ڪري اصل رڻ ٻاري ڏنائون ۽ نيٺ ڪامريڊ خلاف فتوا جاري ٿي۔ کيس ان شرط تي معاف ڪري رھيا ھئا تہ “جواب شڪوه” لکي، پر اڳيان بہ ڄڻ ڪو ڪارونجهر ھيو۔ ڪيئن جهڪي؟ سو حيدر بخش جتوئيءَ جواب شڪوه نہ لکي سو نہ لکي۔ نيٺ مخالفن جي ٻٽيھي ئي کٽي ڪري ڇڏيائين۔

 ھونء ڀي ڪتابن تي بندش وجهڻ يا ليکڪن کي سزائون ڏيڻ ڪا اھڙي نئين ڳالهہ بہ ڪونھي۔ يورپ ۾ ماڻھن جا سچ لکڻ جي پاداش ۾ ھٿ ڪپيا ويندا ھئا، ڪن ڪپيا ويندا ھئا ۽ ھو قتل بہ ڪيا ويندا ھئا۔ ماڻھن کي زندھ ساڙيو ويندو ھيو۔ يورپ جو مؤرخ، اھڙي دؤر کي اونداھو دؤر لکي ٿو۔ ھندستان ۾ خبر ناھي الائي ڪڏھن کان لکڻ پڙھڻ تي برھمڻ جي ھڪ ھٽي رھي آھي۔ بادشاھن جي ٻارن کي تہ اطاليق سندن گهر وڃي تعليم ڏئي ايندا ھئا۔ باقي عوام لاءِ علم ۽ ڪتاب شجرِ ممنوعہ ھیو۔ نيٺ يورپ ۾ ڏھن صدين جي انڌير نگريءَ کانپوءِ روشن خياليءَ جي اھڙي لھر آئي، جنھن دوکي جي ديوار کي ملياميٽ ڪيو۔ جنھن ۾ ليکڪن، دانشورن ۽ عام ماڻھن شھنشاھيت ۽ پاپائيت ۽ ٻنھي جي ڳٺ جوڙ کي چئلينج ڪيو۔ ماڻھو ثقافتي، سياسي ۽ معاشي طور آزاد ٿيا ۽ ھن وڏي جنگاڻ ۾ نيٺ سوڀارا ٿيا۔

ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ھي ٻئي ڄڻا، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ساڄي ۽ کاٻي ٻانھن ھئا۔ قاضي فيض محمد، مسڪين جھان خان کوسو ۽ ڪامريڊ روچي رام سندس مددگار ھئا۔ حبيب جالب سندس مداح ھيو۔ جنھن مٿس شاعري لکي۔ قادر بخش نظاماٹيءَ کيس کاٻي ڌر جو لٽريچر پڙھايو۔ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنھنجي ڪتابن ۾ سندس بار بار ذڪر ڪيو آھي۔ محمد امين کوسو، گوبند مالھي، ڪامريڊ پوھو، نورالدين سرڪي، حفيظ شيخ، رشيد ڀٽي، اياز قادري، احسان بدوي، ناصر مورائي ۽ شمشير الحيدري ۽ ٻيا ڪيترائي سرفروش  سندس مختلف دؤرن ۾ ساٿي رھيا۔

اينٽي ون يونٽ تحريڪ جو نيوڪليس ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ھيو۔ اڪثر سياستدان، سرڪار نامدار جي دھل تي دوسو لڳا پيا ھئا۔ ۽ اڪثر اديب ۽ سرفروش ڪارڪن، حيدربخش جتوئيءَ سان ھئا۔ ايبڊو ۽ پروڊا ايڪٽ جي زمري ۾ اچڻ کان بچڻ لاءِ ايوب کھڙي ۽ علي محمد راشديءَ جھڙن سياستدانن مڙوئي پنھنجي کل بچائڻ لاءِ سنڌي ماڻھن کي ون يونٽ جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسايو۔ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر لکي ٿو تہ ھڪ دفعي لاڙڪاڻي جي پيٽرول پمپ تان گاڏيءَ ۾ تيل ڀرايو سين پئي تہ ایوب کھڙي پٺيرو بيٺل ڪامريڊ کي اچي ڀاڪر پاتو۔ ڪامريڊ پنھنجي ڪراھت جو اظھار ٿڏي تي ئي ڪيو ۽ پوءِ مونکي چيائين تہ واپس گهر ٿا ھلون۔ ھلي تڙ ڪري ۽ ڪپڙا ٿا بدلايون ۽ پوءِ ٿا اڳتي منزل کي ڇڪيون۔ چيم ڪامريڊ! ھاڻي تہ تڙ ڪري صاف ڪپڙا پائي نڪتا آھيون۔ چيائين ھن کھڙي جو زوريءَ ڀاڪر پاتو، پليت ٿي ويا سين ني۔ ھل تہ پھریان پاڪ ٿيون۔ سو ون يونٽ جي حاميءَ سان ڪامريڊ ايتري نفرت ڪندو ھيو۔ اصل ۾ ھو سياستدان ھئا بہ نہ۔ بس مڙوئي مٿان آيل حڪم تي اکيون ٻوٽي آڱوٺو ھڻندا ھئا۔ ھر ڪنو ڪم ڪرڻ لاء ھميشہ تیار ھوندا ھئا۔

فتاح ملڪ پنھنجي اکين ڏٺو واقعو يا ڪنھنجي واتان ٻڌل ڳالھ ٻڌائي ھئي تہ، ھڪ دفعي، ھلندي ڪورٽ ۾، جج صاحب کيس ٽوڪيندي چيو تہ “ڪامريڊ! پڙھيو ڳڙھيو ماڻھو آھين۔ ڇا ھي شھپرن جو اسٽائيل توکي سونھين ٿو؟ ايندڙ حاضريءَ تي اچين تہ ھلڪا ڪرائي اچجانءِ۔” چون ٿا تہ ان ٻئي حاضريءَ تي ڪامريڊ شھپرن کي اڃا وڌيڪ تاءُ ڏئي، اچي حاضر ٿيو ھيو تہ جیئن جج کي ڀلي وڌيڪ غصو اچي۔ ھونءَ ڀي جيڪو عمل اوھانجي مخالف کي نہ وٹي، اھو بار بار ورجائڻ بہ پنھنجي پر ۾ ھڪ نرالي بغاوت آھي۔

ٻئي طرف، سنڌ سان ايتري محبت، شايد ئي ڪنھن ڪئي ھجي، جيتري ڪامريڊ حيدربخش ڪئي آھي۔ اڪثر سنڌ کان ٻاھر جي جيلن ۾ ناحق قيد ڪيو ويندو ھيو۔ پر جڏھن قيد ڪاٽي پنھنجي ڏيھ ورندو ھيو ۽ جيئن ئي سنڌ جي حدن اندر داخل ٿيندو ھيو تہ ریل جي گاڏي جون بند پيل دريون کولي ڇڏيندو ھيو۔ ماڻھو کيس منع ڪندي چوندا ھئا تہ “دري بند ڪيو، مُنھن ۾ مِٽي ٿي پوي۔” پر ڪامريڊ چوي، “ان مِٽيءَ جي مھڪ لاءِ تہ مان سالن جا سال سِڪندو رھيو آھيان۔ ان مِٽيءَ سان محبت جي پاداش ۾ تہ جیل ڪاٽيا اٿم۔ اھا مِٽي ڀل تہ منھنجي مُنھن کي لڳي تہ مان سرخرو ٿيان۔“ سو پنھنجي ڌرتيءَ ۽ مِٽيءَ سان محبت ئي ماڻھن کي امر ڪري ڇڏيندي آھي۔

“مِٽي ملڪ ملير جي آئون لڱن کي لايان۔”

ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ سنڌو درياءَ جو ڄڻ تہ ترانو لکیو ھیو۔

“ڀلي آئين، جي آئين، درياھ شاھ۔

ٿي ”راوي“ اچي تنهنجي ديدار تي،

۽ ”ستلج“ ۽ ”جهلم“ نمسڪار تي،

ٿين مست ٿيون تنهنجي للڪار تي،”

ھي نظم پڙھندي ان جي رواانيءَ منجهان اوھان محسوس ڪندا تہ سنڌو درياءَ جو وھڪرو ڪيئن ھوندو۔ آبشارن منجهان پاڻيء جو ڪرڻ ۽ نديءَ جي وھڪري وانگر نظم کي محسوس ڪرڻ ئي نظم جي اصل ڪاميابي آھي۔ ھي طويل نظم سنڌي ادب ۽ خاص ڪري شاعريءَ جو ماسٽر پيس آھي۔ رگ ويد ۾ سنڌو درياھ جي ساراھ ۾ اشلوڪ لکيل آھن، ان کان پوءِ وري سگهاري آواز ۾ جيڪڏھن ڪنھن سنڌو درياھ جي واکاڻ ڪئي آھي تہ اھو آھي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي۔ مولوي احمد ملاح ۽ ابراھيم منشيء بہ ھن موضوع سان خوب ملھايو آھي۔ سنڌ ۽ سنڌو درياءَ سان جنھن بہ نڀايو آھي اھو ماڻھن کان نہ وسرندو ٻئي طرف جن بہ ھنن سان ڦٽايو، ماڻھن جي دلين تان ڪري پيا۔

ٻئي طرف وري “جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ” جھڙو طويل نظم  لکي پاڻ “جيئي سنڌ“ جي نعري جا خالق بڻيا۔ شاعريءَ ۾، سنڌ جي چپي چپي، سنڌو درياھ، ھاريءَ ۽ ھارياڻيءَ سان بي پناھ محبت ڪئي اٿائين۔ ۽ انھن جي مخالفن سان وري بي پناھ نفرت۔ ڪٿي ڪٿي تہ نفرت ۾ تمام گهڻو جارح بہ ٿي ويا آھن۔ ۽ انتھائي سچار ماڻھو ايئن ڪندا بہ آھن۔ ان ڪري کين مباھ آھي۔ ھونءَ بہ شاعري ھڪ ميڊيم آھي، جنھنجي ذريعي پنھنجي خيالن کي ماڻھن تائين پھچائبو آھي۔ ترقي پسند شاعريءَ جي عمارت جا آئرا ڪشنچند بيوس ڀري چڪو ھيو۔ ان دؤر ۾ چار شاعر چئن ڀتين وانگر ھئا، شيخ اياز، نارائڻ شيام، عبدالڪريم گدائي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي۔ ۽ ھنن چئني ڄڻن پنھنجن پنھنجن شعبن ۾ خوب ملھايو۔

ڪامريڊ جي شاعريءَ جو ٿورڙو چس وٺندا ھلون۔

“وڏيرا چون ٿا، وڏا جان آهيون،

تمندار، سردار، سلطان آهيون،

ضعيفن جي لئہ قھر يزدان آهيون،

۽ ڏاڍن جا نوڪر ۽ دربان آهيون.

حريت جي جذبي کان بيجان آهيون،

اڃا ڀي چون ٿا، تہ انسان آهيون.“

اصل ھڪ ئي ڌڪ ۾ چڱن ڀلن کي پنھنجي پنھنجي اصل حيثيت ڏيکاري اٿائون۔ کين ڇٺيءَ جو کير ياد ڪرائي ڇڏيو اٿائين۔

اسان جا شاعر وتندا پراين ماين تي شاعري ڪندا، ڪامريڊ پنھنجي گهر واريءَ تي شاعري ڪئي۔ کيس پيار منجهان ڪڏھن “مصطفي ماءُ“ تہ وري ڪڏھن ”دادن ماءُ” چوندا ھئس۔ پنھنجي گهر واريءَ تي مزاحيہ شاعري ۽ پيروڊيون لکي، کيس کِل ڀوڳ جو موضوع بڻائڻ وارو ڪم تہ ڪيترن ئي شاعرن ڪيو آھي۔ پر ان سان محبت ۽ عزت جو اظھار ڪرڻ تي ڄڻ تہ اڪثر شاعرن کي ٽيئڙ تپ چڙھندو آھي۔ شيخ اياز تہ ایتري قدر بہ لکیو آھي تہ “پنھنجي گهر واريءَ سان عشق ڪرڻ ايئن آھي، ڄڻ فتح ٿيل قلعي تي ٻيھر چڙھائي ڪرڻ۔” حد ٿي وئي يار! نثر ۾ مشتاق يوسفيءَ بہ وري ساڳئي ئي روش روا رکي آھي۔ زال جي موضوع تي ڳالهہ ڪري ماڻھن کي کلائڻ، منھنجي سمجهہ کان ئي ٻاھر آھي۔ مونکي حيرت تڏھن ٿيندي آھي، جڏھن ڪو پنھنجي گهر جو موضوع، وچ چوراھي تي بيان ڪري اجايو پاڻ تي جڳ کلائيندو آھي۔ زال، سالِي، سس ۽ سھري جھڙا رشتا اجايو مزاحيہ شاعرن ۽ اديبن جي ريڊار جي زد ۾ ھوندا آھن۔ ھي رشتا تمام پيارا آھن۔ جيڪي پيدائشي طور وراثت ۾ نہ ملندا آھن۔ پر ھنن رشتن جي، انسان پاڻ چونڊ ڪندو آھي ۽ اھا چونڊ ھو شعوري طور پڪو پختو ٿيڻ وقت ڪندو آھي۔ حيدربخش جتوئي اھڙي ڪا بہ عورت دشمن سِٽ نہ لِکي، جنھن تي کيس شرمساري ٿئي۔

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي “ڊيموڪريسي اينڊ انجسٽس آف چيف جسٽس” ۽ ٻين موضوعن تي پمفليٽ ڇپرائي، پاڻ پنھنجي سِرِ بسن ۽ ٻين عام ميڙن ۾ ورھائيندو وتندو ھيو۔ اھڙن عملن جي پاداش ۾ سرڪار کيس مچ جيل ۾ بہ قيد رکیو۔ پر جڏھن بہ آزاد ٿئي تہ وري ساڳئي ڪِرت سان۔ ھڪ دفعو ضياءُ ڀَٽي بہ بس ۾ پمفليٽ ورھائڻ جي ڪوشش ڪئي۔ چوي پيو اسان کي بہ پنھنجن سچيت پیشرو اڳواڻن وانگر، سڀ ساڳيا ڪم ڪرڻ کپن، پر اڃا ٻہ چار پمفليٽ مَس ورھائيائين تہ ھلندي بس ۾ ڊرائيور اوچتو جو بريڪ ھنيو تہ ضياءُ ڀٽي، چؤطاق و وڃي پٺيءَ ڀر ڪريو۔ ۽ پوءِ اٿي، ڪپڙا ڇنڊي، چپڙي ڪري ويھي رھيو۔ چيائين، “اسان جي ڀيڻي ناھي، اجايو ذري گهٽ پنھنجي چيلهہ ڀڃرائي ھيم۔” مان چيو مانس “ڪامريڊ! پنھنجن اڳواڻن سان ايڏي بہ برڪشي نہ ڪرڻ کپي۔ ھو مکڻ جا پليل ھئا، اسان کي ڊالڊا بہ خالص نہ مليو آھي۔”

ھونءَ تہ ھاري ڪميٽي ١٩٣٠ ۾ دادا ڄيٺمل پرسرام، جمشيد مھتا، سائين جي-ايم سيد ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جوڙي ھئي۔ پر ان ۾ اصل روح ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ڦوڪيو ھيو۔ پاڻ ١٩٤٧ ۾ رتيديري جي ڪنوينشن ۾ ھاري تحريڪ جا صدر ٿيا ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين، ان سان توڙ نڀائيندا آيا۔ ورھاڱي کان اڳ جيئن گوري آقا سان پئي وڙھيو تيئن ورھاڱي کانپوءِ وري ھاري ڪاميٽيءَ جي پليٽ فارم تان ڪاري آقا سان وڙھيو۔ شھيد مائي بختاور لاشاري سندس ئي تحريڪ جي شھيدياڻي آھي۔ جنھنکي علائقي جي زميندارن سعداللہ ۽ سندس مئنيجر خالد بندوق جا فائر ڪري شھيد ڪري ڇڏيو۔ سعداللہ وزير خارجہ ظفراللہ خان جو ڀائٽيو ھیو۔ جنھن رياست اندر پنھنجي رياست قائم ڪري ڇڏي ھئي، مائي بختاور جا گهر ڀاتي، جهڏي ۾، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي سربراھيءَ ۾ ٿيندڙ، ھاري ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويا ھئا، پويان ھي ٻئي ڄڻا پنھنجي ڪٽڪ سميت اچي بٽئي ڪرڻ لاءِ ڪڙڪيا۔ جنھن تي مائي بختاور لاشاريءَ کين منع ڪيو تہ سڀ مرد ٻاھر آھن، اچن تہ پھريان حساب ڪتاب ڪن، تيستائين ترسو۔ زميندار ۽ سندس مئنيجر ھارياڻيءَ کي ھبي تبي ڪيو، بد شد شد ڳالھايو ۽ ڌڪا ڏنا، جنھن تي مائيءَ ٽيانگ کڻي مٿن الاريو۔ اھڙي طرح مائي بختاور پنھنجي ٻار/راھ مان، زميندار کي ايئن دينا داستي، ٻنھي سرين اناج کڻڻ نہ ڏنو۔ ۽ ان ناجائزيءَ خلاف شينھڻ وانگر ٿي بيٺي۔ مائي بختاور پنھنجو ۽ پنھنجي حصي جي داڻن جو بچاءُ ڪيو۔ جنھن تي زميندار بندوق جي ناليءَ جا منھن کولي ڇڏيا۔ ۽ مائي بختاور شھيد ٿي وئي۔ ٻئي ڏيھن، جاءِ واردات تي پھچي، ڪامريڊ پنھنجي موجودگيءَ ۾ اھڙي ايف آءِ آر ڪٽرائي جو جوابدار جي بچڻ جو ذرو بہ امڪان نہ رھیو۔ مائي بختاور جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي، کيس ساماري لڳ دفن ڪيو ويو۔ ڪيس ھليو۔ ھاري ڪميٽيءَ پاران فريادي ڌر جو وڪيل ديوان انبارام ٿيو ۽ جوابدارن لاھور مان ڪو بئريسٽر گهرايو ھيو۔ شنڪر سنگهہ آڏواڻي ميرپور خاص جي عدالت جو سيشن جج ھيو۔ ٻنھي قاتلن مان سعدالله کي پنجويھ سال ۽ خالد کي ويھ سال ٽيپ لڳي۔ کين ٽيپ ڏيارڻ ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ ننھن چوٽيءَ جو زور لڳايو۔ توڻي جو ٻيا جوابدار اپيل ڪري قيد مان آزاد ٿي ويا۔ پر درندي صفت قاتل،  سعدالله پنجويھ سال برابر قيد ڪاٽيو۔۔۔

ڪامريڊ، ايوبي آمريت ۾ سڀ کان وڌيڪ زيرِ عتاب رھيو۔ ڪامريڊ جو، ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرائڻ، ھڪ وڏو ڪارنامو ليکيو ويندو آھي۔ ھن ايڪٽ ۾ ھارين لاءِ اڌ بٽئي وارو بل پاس ڪيو ويو ۽ اھو بہ منظور ڪرايو ويو تہ ھارين کي زمين تان بيدخل نہ ڪيو ويندو۔ ھن تحريڪ دوران شاھ عنايت شھيد وارو نعرو، “جو کيڙي سوئي کائي“ ورجايو ويو۔ بعد ۾ ھن ايڪٽ کي ڪامريڊ روچي رام سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو۔

ڪامريڊ، قمبر شھداد ڪوٽ جي علائقي مان اليڪشن ۾ بيٺو، اتان جي ماڻھن کيس ووٽ ڏيڻ تہ پري پر انتھا درجي جون اذيتون ڏنس۔ ايتري قدر جو مٿس ڪتا بہ  بڇيا ويا۔

“سڃاتئہ نہ سائل، خدا خوش رکيئي۔

ڪندا ديس! توکي وڃئون پيا دعائون۔”

دوست ملاقات ڪرڻ ويس. چوي ادا! ”جيھا ڪي تيھا، مون مارو مڃيا” ايئن ٻيو ڪير ڪري؟ اھو ئي ڪري سگهي ٿو جيڪو پنھنجن ماروئڙن جي محبت ۾ ڪُٺل ھوندو۔ کيس ڪا اڻ تڻ ھوندس، ڪو بيقرار روح مليل ھوندس، اندر ۾ ڪا ھورا کورا ھوندس، جيڪا کيس ورچي ويھڻ نہ ڏيندي، ھونءَ ڀي ” تنھنجي محبت وڌو آھي مامري، نہ تہ ڪير ڪشالا ڪري؟” وانگر، ڪامريڊ جائون جيئرو ھيو ماٺ ڪري نہ ویٺو، مايوس نہ ٿيو۔ ھيڻي نہ ٻوليائين۔ ھڪڙي وڏيرڙي کيس اليڪشن ۾ برابر شڪست ڏني۔ پر ھن آخرڪار سمورن وڏيرن کي ھيڪاندي شڪست ڏني۔ جن ون يونٽ پاس ڪرايو ھيو، انھن کي ون يونٽ بحال ڪرائي اھڙي شڪست ڏنائين جو سندن ست پيڙھيون بہ کيس ياد ڪنديون تہ واھ! برابر ڪو تاريخ ۾ مڙس مٿير ھيو، جنھن سان پالو پيو ھيو۔ ڪامريڊ سڀني کي گوڏا کوڙايا، ڌوڙ چٽائي ۽ پاڻ تاريخ ۾ ھميشہ لاءِ سوڀارو ٿي ويو۔ ون يونٽ جي حامين جون ورسيون سندن پونير بہ شرم وچان نہ ملھائیندا آھن۔ پر ڪيترن ڏھاڪن کانپوءِ بہ، ايڪويھين مئي-ڪامريڊ جي وصال جو ڏھاڙو، سنڌ جي حلالي پٽن جي يادداشت تي، ھميشہ لاءِ اڪريل آھي۔ ڪامريڊ بہ ڄڻ طع ڪري ڇڏيو ھيو تہ جیستائین ون یونٽ جي خاتمي جو اعلان نہ ٻڌندس، تيستائين ساھ نہ ڏيندس۔ سو نيٺ ڪامريڊ ون يونٽ جي خاتمي جو اعلان پيريءَ ۾ ئي سھي، پر پنھنجي جيئري، ڪنن سان ٻڌو۔ ڄڻ تہ جیئرو ئي ان اعلان ٻڌڻ لاءِ ھيو۔ ھنن ماڻھن سان جيستائين زندگيءَ وفا ڪئي تيستائين ڪنھن نہ ڪنھن ڪم ۾ جنبيل ھئا۔ چون ٿا تہ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو جیري جي ڪينسر وگهي موت ٿيو ھيو۔ غلام شاھ ڪلھوڙي جي مزار جي ڀر ۾ دفن ٿيل آھي۔

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو لازوال فڪر اڄ بہ زندھ آھي۔ سندس پوئلڳن جي ساڄي ھٿ ۾ ساڳيو ئي ڪامريڊ وارو قلم آھي، جنھنجي مَسُ سُڪي ناھي ۽ کاٻي ھٿ ۾ ساڳيو ئي عَلم آھي جيڪو سَر نِگون نہ ٿيو آھي۔ توڻي جو اوندھ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل آھن۔ پر ھن ڪاري جهڙ جي ڪناريءَ تي چانديءَ وانگر چمڪندڙ ليڪ ٻڌائي ٿي تہ سج اڃا لٿو ناھي۔ ۽ سچي ڳالهہ بہ اھا ئي آھي تہ سج لھندو بہ ناھي، صرف اکين اڳيان اوجهل ٿي ويندو آھي۔ سرخ سلام ڪامريڊ! سنڌ جي سياست جي اڀ تي ھميشہ جيان سج وانگر جرڪندڙ، اسان جا پيشرو اڳواڻ۔ سرخ سلام۔

(انجمن ترقي پسند مصنفين سکر جي اجلاس ۾ پڙھيل)

___________________

Khadim Mangi-TheAsiaN

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ جي عوام جو گڏيل ھيرو آهي جنھن جيڪو چيو ان لاء حقيقي جاکوڙ ڪري، تاريخ ۾ پنھنجو متحرڪ رول ادا ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button