Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چين، جنھن کي ”سوشلسٽ پيراڊائيز“ سڏيو وڃي ٿو

چين جا حڪمران ذميدار آهن، پنھنجا ڀڀَ نه ٿا ڀرين. گڊ گورننس سان ئي ملڪ جنت جھڙا ٿيندا آهن. سنڌ وارا دوست چون ٿا: ”اسان جيئري ئي دوزخ ۾ آهيون، تون جيئري جنت ۾ پھتو آهين ته هيڏانھن متان اچين، اُتي ئي ويٺو هُج.“

چين پنھنجي ترقيءَ لاءِ سنگاپور کي مثال بنايو جيڪو ڏوھن کان پاڪ، منظم ۽ اُسريل مُلڪ آھي

 سنگاپور جو اڳوڻو وزيراعظم ’لي ڪوآن يو‘ پاڪستان به ايندو رهندو هو، پر پاڪستانين سندس تجربن مان نه سکيو. پاڪستان جي باري ۾ هڪ ڀيري ’لي ڪوآن يو‘ پنھنجي مايوسيءَ جو اظھار ڪندي چيو هو، ”جيڪا قوم هن دنيا بدران ڪنھن ٻي دنيا جي خوشحال زندگي تي يقين رکي ٿي، ان کي ڇا ٿو سيکاري سگهجي.“

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

7 نومبر 2024ع: منھنجي ۽ نسيم جي هڪ سال جي ويزا لڳي ويئي. هاڻ چاهيون ته 21 آڪٽوبر 2025ع تائين هتي رهي سگهون ٿا.وشال به چئي پيو ته پاڪستان ڇا وڃي ڪندين، وڃي رٽائرڊمينٽ ڪري موٽي اچ. هاڻ منھنجي ذهن ۾ به اهو خيال گهر پيو ڪري ته ايندڙ سال جون ۾ رٽائرڊمينٽ ڪري، ڇوڪرن کي سيٽ ڪري هتي هليو اچان ۽ هڪ ڌار گهر وٺي رهجي، جيئن وشال ۽ سندس زال جي پرائيويسي متاثر نه ٿئي ۽ هتي ڪو هلڪو ڦلڪو ڪاروبار به ڪجي، جيئن وشال تي بار نه بنججي.

هتي جي زندگي هڻ هڻان واري ته ضرور آهي، پر ڊسيپلينڊ آهي. محنتي ماڻهوءَ جو قدر آهي، نه بجلي جو بحران، نه گئس جي کوٽِ پاڪستان ۾ جنھن به دوست سان ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي ته پھريون يا ٻيو سوال اهوئي آهي ته چين ۾ بجلي وڃي ٿي چوان نه، ته ڇوٽ ۾ پاڪستاني حڪمرانن کي گار ٿا ڏين ته اسان جي ڪڃر حڪمرانن اسان جا ته ٻيڙا ٻوڙي ڇڏيا آهن. اسان جيئري ئي دوزخ ۾ آهيون، تون جيئري جنت ۾ پھتو آهين ته هيڏانھن متان اچين، اُتي ئي ويٺو هُج.

چين، جنھن کي ’سوشلسٽ پئراڊائز‘ چيو وڃي ٿو، جنت جھڙو ان ڪري ٿيو آهي، ته هتان جا حڪمران ذميدار آهن، پنھنجا ڀڀَ نه ٿا ڀرين. گڊ گورننس سان ئي ملڪ جنت جھڙا ٿيندا آهن.

ڪجهه ڏينھن اڳ چين جي اڳواڻ ’ڊينگ زيائو پنگ‘ جو ذڪر ڪندي، سنگاپور جي اڳوڻي وزيراعظم ’لي ڪوآن يو‘ جي باري ۾ ڪي ڳالهيون لکيون هئم. ’لي ڪو آن يو‘ به سنگاپور کي جنت بنائي ڇڏيو.

سنگاپور 36 ڪلوميٽرن جو هڪ ننڍو ملڪ آهي، پر سندس واپاري  پکيڙ سڄي مسلم دنيا کان وڌيڪ آهي. ان جا پرڏيھي ناڻي جا ذخيرا 364 بلين ڊالرز آهن. جڏهن ته اها رقم فقط ڏيکاري پئي وڃي. اصل ذخيرا ٻه ٽريلين ڊالر آهن. سنگاپور ۾ هر سال 140 بلين ڊالرز جي نئين سيڙپ ٿئي ٿي. هاڻ اهو ٻين ملڪن ۾ به سيڙپ ڪري رهيو آهي.

دنيا ۾ سڀ کان مھانگي زمين سنگاپور ۾ آهي، جيڪا ٻن هزار ڊالرن کان وٺي 10 هزار ڊالرن تائين هڪ اسڪوائر فوٽ ملي ٿي ۽ اها به اوهان هيٺان کان وٺي مٿي تائين ٺاهي سگهو ٿا. سنگاپور ۾ 98 سيڪڙوماڻهو فليٽن ۾ رهن ٿا ۽ گهر به تمام مھانگا آهن. هڪ هڪ گهر جي ماليت 50 کان هڪ سؤ ملين ڊالر هوندي آهي. دنيا جي سڀني وڏين ڪمپنين جون آفيسون اتي موجود آهن. ان ڪري ته ان جي بزنس ۽ صنعتي پاليسين ۾ تسلسل آهي. ملڪ ۾ امن آهي، حڪومتون اينديون ۽ وينديون رهن ٿيون،پر بزنس ۽ صنعتي پاليسي نه ٿي بدلجي.

سنگاپور دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي گند ڪچرو پکيڙڻ تي هڪ هزار ڊالر ڏنڊ آهي. چيگم تي پابندي آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪٿي به چيگم نه ملندو پر جيڪڏهن ڪٿي ڪو چيگم چٻاڙيندي ملي ويو ته مٿس ٻه هزار ڊالر ڏنڊ وڌو وڃي ٿو. سگريٽ پيئڻ لاءِ مخصوص هنڌ آهن. ان کان سواءِ سگريٽ پيئڻ ته پري رهيو، اوهان اهو هٿ ۾ به کڻي نه ٿا سگهو. زيبرا ڪراسنگ کان سواءِ گهٽي يا رستو پار ڪرڻ تي هڪ هزار ڊالر ڏنڊ پوي ٿو ۽ جيڪڏهن اها غلطي ٻيو ڀيرو ٿي ويئي ته ڏنڊ به ٻيڻو ٿيو وڃي. گاڏين جو لائسنس ڏهن سالن جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو ۽ ان جي في هڪ لک ڊالر آهي. ڪوبه شخص پنھنجي گهر ۾ هڪ کان وڌيڪ نوڪر رکي نه ٿو سگهي. پوءِ ڀلي اهو وزيراعظم يا کرب پتي ڇو نه هجي. وزيرن کي سرڪاري نوڪر نه ڏنا ويندا آهن. هو پنھنجي گاڏي پاڻ هلائيندا آهن ۽ انهن جي لاءِ ڪوبه سگنل بند نه ٿيندو آهي. کين ڪوبه پروٽوڪول نه ملندو آهي. البت وزيراعظم سان گڏ پوليس جي هڪ گاڏي هوندي آهي.

’لي ڪو آن يو‘، پنھنجي ننڍڙي ملڪ کي ائين ترقي نه وٺرائي. امن امان ۽ سياسي استحڪام سدائين سندس اولين ترجيح رهيا. سنگاپور دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي مظاهرا نه ٿيندا آهن. 2008ع ۾ پارليامينٽ هائوس جي سامھون مظاهرو ڪيو ويو. پوليس کين منتشر ٿيڻ جو حڪم ڏنو.هنن نه مڃيو ته کين گرفتار ڪيو ويو ۽ کين اهڙيون ته سخت سزائون ڏنيون ويون، جو ان کان پوءِ ملڪ ۾ ٻيھر وري مظاهرو نه ٿيو. 2009ع ۾ برما [ميانمار] جي وزيراعظم جي دوري دوران ٽن برمين بوٽينيڪل گارڊن ۾ مظاهرو ڪيو، حڪومت ٽنھي کي گرفتار ڪري، پيڪ ڪري برما جي حوالي ڪري ڇڏيو. اهو ڏينھن اڄوڪو ڏينھن وري سنگاپور ۾ ڪو مظاهرو نه ٿيو. امن امان جي حوالي سان به دنيا ۾ پھرين نمبر تي اچي ٿو. سنگاپور ويھن سالن کان ڪرائم فري ملڪ آهي. هٿيارن، منشيات ۽ عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.

سنگاپور ۾ رھڻ  جو خرچ تمام گهڻو آهي. تنھنڪري زال مڙس ٻئي ڪم ڪن ٿا. ان ڪري سڄو ملڪ هنرمند آهي. ڪوبه شخص بي هنر نظر نٿو اچي. ماني گهرن ۾ نه ٿي ٺھي، جنھن جا ٻه سبب آهن، زال ۽ مڙس سڄو ڏينھن ڪم ۾ مصروف هوندا آهن، تنھنڪري ماني ڪير ٺاهي، ٻيو ته سڄي ملڪ ۾ فوڊ وينڊرز آهن، جن جو کاڌو گهڻو سستو ۽ صحت بخش هوندو آهي. سنگاپور ۾ خوراڪ ۾ ملاوٽ يا گند جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. تنھنڪري ماڻهو ٻاهران ماني خريد ڪري ايندا آهن يا ٻاهر کائيندا آهن. سڄي ملڪ ۾ ’ڊي ڪيئر سينٽر‘ آهن. مائٽ صبح جو پنھنجا ٻارڙا اتي ڇڏي ويندا آهن ۽ شام جو واپس وٺي ويندا آهن. ٻارن جي صفائي سٿرائي ۽ کاڌو پيتو ڊي ڪيئر ملازمن جي ذميواري آهي ۽ اهي ماڻهو پنھنجي ذميداري نھايت ايمانداريءَ سان نباهين ٿا. وزيراعظم جو ٻارڙو به سرڪاري اسڪول ۾ تعليم پرائيندو، تنھن ڪري انهن جو اسٽئنڊرڊ گهڻو هاءِ آهي. ٻار ارڙهن سالن جي عمر کان پوءِ خودمختيار ٿي ويندا آهن، پر کين مائٽن جي ويجهو رهڻو پوندو آهي. جيڪڏهن اهي والدين کان پري رهندا ته سندن فليٽ مھانگو ٿيندو ويندو ۽ اهي جيترو مائٽن جي ويجهو رهندا، اوترو کين فليٽ سستو پوندو. حڪومت کين سبسڊي ڏيندي، ان مان ٻه فائدا ٿين ٿا. مائٽ اڪيلائپ کان بچيل رهن ٿا ۽ ٻيو ته هو پنھنجن پوٽن ۽ پوٽين، ڏهٽن ۽ ڏوهٽين کي وقت ڏين ٿا. ان سان حڪومت جو هيلٿ بجٽ گهٽ ٿئي ٿو. ملڪ ننڍو آهي، زمين نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان هوندي به ٽي سؤ پارڪ آهن. اپارٽمنٽس جي سڀني عمارتن جي مٿان به پارڪ آهن. رستن جي ڪنارن تي ٻوٽا لڳل آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪير به وڻ وڍي نه ٿو سگهي. پبلڪ ٽرانسپورٽ سستي ۽ سڄي ملڪ ۾ دستياب آهي، تنھنڪري ماڻهو ذاتي گاڏين جي بدران اهي استعمال ڪندا آهن. ٽئڪسيون به سستيون آهن. ملڪ بزنيس فرينڊلي آهي. جيڪڏهن اوهان ڪم ڪرڻ گهرو ٿا ته سڄو سسٽم اوهان کي سپورٽ ڪندو.

اهو سڀ ڪمال ’لي ڪوآن يو‘ جو آهي ۽ ڊينگ زيائوپنگ، لي ڪوآن يو جي انهن تجربن مان سکيو. ’لي ڪوآن يو‘ پاڪستان به ايندو رهندو هو، پر پاڪستانين سندس تجربن مان نه سکيو. پاڪستان جي باري ۾ هڪ ڀيري ’لي ڪوآن يو‘ پنھنجي مايوسيءَ جو اظھار ڪندي چيو هو، ”جيڪا قوم هن دنيا بدران ڪنھن ٻي دنيا جي خوشحال زندگي تي يقين رکي ٿي، ان کي ڇا ٿو سيکاري سگهجي.“ لي ڪوآن يو جي زندگي جي ڪھاڻي ڇپيل آهي، جنھن جو چيني ترجمو مون هتي هڪ ڪتاب گهر تي ڏٺو. ڪاش ’لي ڪوآن يو‘ جي ان جيون ڪھاڻيءَ جو ڪير سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري.

سڀاڻي ويٽنامي بارڊر تي وڃڻ جو پروگرام آهي. جيڪا منھنجي خواهش هئي. وشال ٻن ٽن دوستن کي هلڻ جي لاءِ چيو، پر هرڪو پنھنجن ڪمن ڪارين ۾ هو. هاڻ گاڏي کشين ڊرائيو ڪندي. رات کشين ٻڌايو ته هوءَ ويٽنام جي ان سرحدي شھر ’تونگ شين‘(Dong XEN) ۾ ڪنھن زماني ۾ سينٽ وڪڻندي هئي ۽ ان ڌنڌي ۾ هن وڏو نقصان ڪيو هو. کشين جي اُن ڳالهه تي اسان ڏاڍو کلياسين ۽ چيم ”پڪ سان تونگ شين شھر جا ماڻهو کشين کي ڳولهيندا هوندا ته ڪڏهن ٿي اچي اسان جو قرض ادا ڪري.“

Yousif Sindhi-China-TheAsiaN

________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button