Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڀڳت ڪنور رام: ننڍپڻ جي هڪ ساروڻي ۽ سنڌوءَ جي ھڪ پُل تي نالو رکڻ جي تجويز  

ڀڳت ڪنور رڳو صوفي ڪلام ڳائڻ جو ڪلاڪار نه هو پر سنڌ جو صوفي سنت هو. هُو سنڌ جي صوفياڻي شاعريءَ جو اهڙو آواز بڻجي اڀريو  جنهن تي سڄي سنڌ عاشق هئي. هن عارفن جا ڪلام اهڙي ته وجداني انداز ۾ ڳايا جو مذهب ۽ ذات پات جا فرق مٽجي ويا.

گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جي وچ ۾ سنڌو درياءَ تي هڪ وڏي پل تعمير ٿي رهي آهي. جيڪڏهن هن پل جو نالو “صوفي سنت ڀڳت ڪنور رام پُل” رکيو وڃي ته ڇا ٿيندو؟

ٿورو تصور ڪريو ته مسافر جڏهن اها پل پار ڪندا ۽ سندس نالو پڙهندا ته ڪجهه ماڻهو شايد اهو ئي سوال ڪندا ته، ”هي ڪير هو؟“ ۽ پوءِ ڪو کين سندس ڪهاڻي ٻڌائيندو. نالو رکڻ جي ان سادي عمل سان تاريخ وري ساهه کڻڻ لڳندي ۽ محفوظ ٿيندي.

عبدالله عثمان مورائي

صوفي سنت شھيد ڀڳت ڪنور رام سان منهنجو پهريون تعارف ڪنهن اسڪول جي ڪلاس روم ۾ نه ٿيو ۽ نه ئي وري ڪنهن تاريخ جي باقاعده ڪتاب ذريعي. اهو تعارف نهايت خاموشيءَ سان، لڳ ڀڳ اتفاقي طور تي، موري ۾ اسان جي اوطاق جي ڀت تي لٽڪيل هڪ ڪيلينڊر ذريعي ٿيو.

انهن ڏينهن ۾ اسان جي اوطاق رڳو مهمانن جي ويهڻ جو ڪمرو نه هئي پر اها قصن، ڪهاڻين، بحثن، چانهه جي چسڪين تي ڪچهرين ۽  حڪمتن جو آستانو هئي. توڙي جو چاچا محبوب علي شاهه ڪاظمي وارن کي پنهنجا خانداني گهر هئا پر هو هڪ اڪيلائي پسند انسان هو ۽ اڪثر اتي اسان جي اوطاق تي رهندو هو۽ اوطاق جي ڪُنجي به وٽس هوندي هئي. هُو محرم جي ڏينهن ۾ موري ضرور ايندو هو ۽ محرم جي ماتمي جلوسن جي اڳواڻي ڪندو هو. ان کان سواء هُو پنهنجو گهڻو وقت سن ۾ سنڌ جي قد آور سياسي ۽ فڪري شخصيت سائين جي ايم سيد جي ساٿ ۾ گذاريندو هو. جڏهن به چاچا محبوب علي اسان وٽ موري ايندو هو، ته ڪڏهن به خالي هٿين نه ايندو هو. پنهنجي محبتي شخصيت سان گڏ هُو پنهنجي ٿيلهي ۾ ڪتاب به کڻي ايندو هو. اهي ڪتاب جن ۾ تاريخ، سياست، شاعري ۽ روحانيت جي خوشبو هوندي هئي. مون کي ياد آهي ته چاچا محبوب علي شاهه سان اسان گجهارتون ۽ ڪسوٽيون کيڏندا هئاسين.

اسان ان وقت تمام ننڍا هئاسين، ڀائر ۽ سئوٽ  ڊڪندا وتندا هئاسين، ان ڳالهه کان بلڪل بي خبر ته ڪهڙا فڪري وهڪرا اسان جي ڌرتيءَ جي تاريخ کي گهڙي رهيا آهن. هڪ ڏينهن چاچا هڪ ڪيلينڊر کڻي آيو. مونکي سال ياد ناهي پر مونکي ان تي ڇپيل تصوير اڄ به چڱيءَ طرح ياد آهي: هڪ پروقار انسان جنهن جو چهرو پرسڪون ۽ اکيون روشنيءَ سان ڀرپور هيون. تصوير جي هيٺان نالو لکيل هو: ڀڳت ڪنور رام.

تجسس وچان مون چاچا کان پڇيو ته، ”چاچا، هي ڪير آهي؟“ چاچا ڪجهه دير لاءِ ترسي، تصوير کي ڏٺو ۽ پوءِ اسان ڏانهن نهاريائين. ان کان پوءِ جيڪو ڪجهه هن ٻڌايو، اهو رڳو هڪ جواب نه هو پر اها عقيدت، انسانيت ۽ هڪ الميي جي ڪهاڻي هئي.

رواداريءَ جو درويش

ڀڳت ڪنور رام رڳو هڪ صوفي ڪلامن ڳائڻ جو ڪلاڪار نه هو پر سنڌ جو صوفي سنت هو. سنڌ جي هڪ هندو گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ هُو سنڌ جي صوفياڻي شاعريءَ جو اهڙو آواز بڻجي اڀريو  جنهن تي سڄي سنڌ عاشق هئي. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين عارفن جا ڪلام اهڙي ته وجداني انداز ۾ ڳايا جو مذهب ۽ ذات پات جا فرق مٽجي ويا.

سندس آواز ۾ محبت ۽ ٻڌيءَ جي ٻولي گڏ گڏ ٿي هليون. هو درگاهن ۽ عوامي ميڙن ۾ ڳائيندو هو، جتي مسلمان ۽ هندو بنا ڪنهن متڀيد جي هڪ ئي قطار ۾ ويهندا هئا. سندس فن رڳو وندر نه هو، پر اهو روح جي غذا هئي. پر تاريخ هميشه پنهنجي نرم دل روحن سان مهربان ناهي رهي.

ورهاڱي کان اڳ جڏهن مذهبي نفرتون پنهنجي عروج تي هيون ۽ خوف جو پاڇو اعتماد تي وڌي ويو هو ته سنڌ جي هن بي ضرر صوفي سنت ڀڳت ڪنور رام کي نشانو بڻايو ويو. رواداريءَ ۽ هم آهنگيءَ جي علامت هجڻ جي باوجود کيس انهن انتهاپسندن وحشياڻي نموني قتل ڪري ڇڏيو،جيڪي ان اتحاد کي برداشت نه ڪري سگهيا جنهن جي هو پچار ڪندو هو.

جڏهن چاچا محبوب علي شاهه سندس شهادت جو واقعو ٻڌائي رهيو هو ته مونکي ياد آهي ته مون پنهنجي اندر ۾ هڪ گهري اداسي محسوس ڪئي هئي. مان سياست کي سمجهڻ لاءِ تمام ننڍو هوس پر ناانصافي سمجهي سگهيس ٿي. مون وري ڪيلينڊر تي ان پرامن چهري کي ڏٺو ۽ حيران ٿيس ته جيڪو شخص سڄي عمر محبت جا گيت ڳائيندو رهيو ان جي پڄاڻي ايڏي پرتشدد ڪيئن ٿي؟

اهو ڪيلينڊر سال گذرڻ کان پوءِ به اسان جي ڀت تي گهڻو وقت لٽڪيل رهيو، جيتوڻيڪ ان جون تاريخون پراڻيون ٿي چڪيون هيون پر ڪنهن به ان کي اتان نه هٽايو. اهو هاڻي ڪيلينڊر نه رهيو هو، پر هڪ ياد بڻجي چڪو هو، گڏجي رهڻ جو هڪ خاموش سبق.

گم ٿيندڙ درويش، مٽجندڙ قدر

جيئن مان وڏو ٿيس، مون اڪثر ان تصوير بابت سوچيو. اڄ اهڙا ماڻهو ڪٿي آهن؟ اهي آواز ڪٿي آهن جيڪي ورڇ بجاءِ اتحاد جا گيت ڳائين؟ سنڌ هميشه پنهنجي صوفياڻي مزاج جي ڪري سڃاتي وئي آهي، اها ڌرتي جتي ولين جون درگاهون رواداريءَ جي پيغام سان گونجنديون آهن. ڀٽائيءَ کان لعل شهباز قلندر تائين، سچل کان ساميءَ تائين، سنڌ جو روحاني منظرنامو هميشه وسيع رهيو آهي. ڪنور ڀڳت رام ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي هو. هو ان سنڌي روح جو مظهر هو جتي سڃاڻپ جو بنياد ڪنهن کي خارج ڪرڻ تي نه پر گڏيل انسانيت تي هو.

تنهن هوندي به اڄوڪي تيز رفتار ۽ نفرتن سان ڀريل ۽ ورهايل دنيا ۾ اهڙيون شخصيتون عوامي ياداشت مان ڌنڌليون ٿينديون نظر اچن ٿيون. سندن نالا اڄ رڳو ڪجهه ڪتابن جي ورقن يا پراڻين تصويرن ۾ محفوظ آهن پر اهي اسان جي روزمرهه جي ڳالهه ٻولهه يا سرڪاري حلقن مان غائب آهن. تاريخ رڳو لکتن ۾ محفوظ نه ٿيندي آهي پرجنهن کي اسين  ياد ڪرڻ ۽ عزت ڏيڻ جو فيصلو ڪندا آهيون ته پوءِ ان شخص لاء ڪجهه ڪري ان جي شخصيت کي   هميشه لاء محفوظ ڪري سگهبو آهي.

گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جي وچ ۾ هڪ پل

اڄڪلهه سنڌ ۾ سنڌو درياهه تي ڪجهه نيون  پلُون تعمير هيٺ آهن. پُلون رڳو سيمينٽ ۽ لوهه جا ڍانچا ناهن هونديون پر اهي علامتون هونديون آهن. اهي ورهايل زمينن کي پاڻ ۾ ڳنڍينديون آهن، مفاصلا گهٽائينديون آهن ۽ سفر کي ممڪن بڻائينديون آهن.

گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جي وچ ۾ سنڌو درياءَ تي هڪ وڏي پل تعمير ٿي رهي آهي. جيڪڏهن هن پل جو نالو “صوفي سنت ڀڳت ڪنور رام پل” رکيو وڃي ته ڇا ٿيندو؟ ٿورو تصور ڪريو ته مسافر جڏهن اها پل پار ڪندا ۽ سندس نالو پڙهندا ته ڪجهه ماڻهو شايد اهو ئي سوال ڪندا جيڪو مون موري ۾ ڪڏهن چاچا محبوب علي شاهه کان ڪيو هو ته، ”هي ڪير هو؟“ ۽ پوءِ ڪو کين سندس ڪهاڻي ٻڌائيندو. نالو رکڻ جي ان سادي عمل سان تاريخ وري ساهه کڻڻ لڳندي ۽ محفوظ ٿيندي.

ڪنور ڀڳت رام جي نالي پويان پُل جو نالو رکڻ رڳو هڪ اڪيلي فرد کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ نه هوندو. اهو هڪ اعلان هوندو ته سنڌ اڃا تائين مذهبي هم آهنگيءَ تي يقين رکي ٿي. اهو نالو ان ڳالهه جي تصديق ڪندو ته اسان جي گڏيل ياداشت ۾ مسلمان ۽ هندو ٻئي اهي درويش شامل آهن جن اسان جي ثقافتي روح کي گهڙيو آهي. اهڙي وقت ۾ جڏهن نفرتون اڪثر سرخيون بڻجي وڃن ٿيون، اهڙو قدم خاموشيءَ سان توازن بحال ڪري سگهي ٿو. اهو اسان کي ياد ڏياريندو ته سنڌ جي طاقت ان جي رنگارنگي ۽ وسعت ۾ آهي.

ڪيلينڊر کي زنده رکڻ

مان اڪثر موري واري اوطاق جي ان پراڻي ڪيلينڊر بابت سوچيندو آهيان. ان مونکي سيکاريو ته ياداشت تمام طاقتور شئي آهي. هڪ تصوير هڪ وساريل درويش بابت سڄي عمر جو شعور بيدار ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن ڀت تي لٽڪيل هڪ پراڻو ڪيلينڊر سالن تائين سندس ياد کي زنده رکي سگهيو ته تصور ڪريو ته سندس نالي واري هڪ پُل نسلن تائين ڪهڙو اثر ڇڏيندي؟

ڀڳت ڪنور رام ان دور ۾ اتحاد جو گيت ڳايو جڏهن دنيا نفرتن جي گهيري ۾ هئي. هن هم آهنگيءَ جي علامت طور بيٺي پنهنجي جان جي قرباني ڏني. اسين گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ڪري سگهون ٿا ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته سندس نالو وقت جي گِرد ۾ گم نه ٿي وڃي.

آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته پلُون علائقن کي ڳنڍينديون آهن پر ڪجهه پلُون دلين کي به ڳنڍي سگهنديون آهن. ڀڳت ڪنور رام جو نالو ان پُل لاءِ سڀ کان وڌيڪ موزون آهي جيڪا سنڌ جي ٻنهي ڪنارن کي محبت جي رشتي ۾ ڳنڍيندي.

_________________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button