آپگھات، ڊپريشن ۽ اميد جي ڳولا: زندگيءَ کان مايوس ماڻھن لاءِ اُميد جا در کوليو
اسان کي سمجھڻ گهرجي ته خودڪشي ڪنهن جي گھٽتائي يا بزدلي نه، پر برداشت جي حد کان اڳتي پھتل درد جو نتيجو آهي۔
اهو هڪ SOS سڏ آهي ، “مون کي ٻڌو، مون کي سمجھو، مون سان ڳالھايو۔”
عبدالله عثمان مورائي
سنڌ مان گهڻي قدر روزاني جي بنياد تي نوجوانن سميت مختلف عمر جي ماڻھن جي خودڪشين جون خبرون اچن ٿيون، جيڪا تمام گهڻي فڪر جي ڳالھ آهي. اسان جي دنيا ۾ اڄ سڀ کان وڏو دشمن ڪو ٻيو نه، پر خاموش اداسي آهي، اها اداسي جيڪا ڪنھن جي منھن مھانڊي تي نظر نٿي اچي، پر اندر ۾ جاڳندي رهي ٿي۔ ڪنھن جي کل ۾ درد لڪل هوندو آهي ته ڪنھن جي خاموشي ۾ فرياد ۽ دانھن ته ڪنھن جي روزمره جي مصروفيت ۾ بيزاري۔ اها ئي اداسي، جڏهن بغير علاج جي وڌندي رهي ٿي، تڏهن ڊپريشن بڻجي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو بار ايترو ڳرو ٿي وڃي ٿو جو ماڻهو پاڻ کي ختم ڪرڻ جي سوچ تائين پهچي وڃي ٿو۔
هتي هڪڙو سوال اڀري ٿو ته ڪيئن هڪ اهڙو انسان جيڪو ڪالھ تائين خوش ۽ کلندو هو، اڄ مرڻ چاهي ٿو؟
ان جو جواب اسان جي سماج جي بي حسي ۽ جھل ۾ لڪل آهي۔ اسان جسم جي بيماري کي ته بيماري سمجھون ٿا، پر دماغ جي بيماريءَ کي “ڪمزوري” چئون ٿا۔ ڪنھن کي بخار هجي ته دوا ڏيون ٿا، پر ڪنھن کي ڊپريشن هجي ته چوندا آهيون “عبادت ڪر، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو”۔ سچي عبادت بلڪل روح کي سڪون ڏئي ٿي، پر جڏهن دماغ ۾ ڪيميائي توازن بگڙي ٿو، تڏهن ان کي طبي مدد، ڳالهه ٻولھ، ۽ سماجي سھڪار جي ضرورت هوندي آهي۔

ڊپريشن – هڪ لڪل جنگ
ڊپريشن ڪنهن امير، غريب، مرد، عورت، نوجوان يا پوڙهي کي نٿو ڏسي۔ اهو ڪنھن کي به خاموشيءَ سان پنھنجي گرفت ۾ وٺي سگھي ٿو۔
ان جون علامتون عجيب آهن، مثال طور کائڻ تي دل نه چوڻ، راتين جو نه سمھي سگھڻ، پنهنجي ذات مان بيزاري، يا زندگيءَ کي بي مقصد سمجھڻ وغيره وغيره.
پر انهن سڀني کان خطرناڪ مرحلو اهو آهي، جڏهن ماڻهو سوچڻ لڳي ٿو ته “هاڻي منهنجي هجڻ جو ڪو مطلب نه رهيو آهي” ۽ اتي ئي خودڪشيءَ جو خيال پيدا ٿئي ٿو۔
اسان کي اهو سمجھڻ گهرجي ته خودڪشي ڪنهن جي گھٽتائي يا بزدلي نه، پر برداشت جي حد کان اڳتي پھتل درد جو نتيجو آهي۔
اهو هڪ SOS سڏ آهي ، “مون کي ٻڌو، مون کي سمجھو، مون سان ڳالھايو۔”
اميد جي ڳولا
پر هن اوندهه ۾ به روشني آهي۔ اميد هميشه موجود آهي، جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن اها ننڍڙي چمڪ ۾ لڪل هوندي آهي۔
اميد جو مطلب اهو ناهي ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، پر اهو ته “مان اڃا هار نه مڃي آهي۔”
اهڙي حالتن ۾ ٻن شيئن جو ڪردار بنيادي آهي، پھريون ڳالهائڻ ، جڏهن ڪو ماڻھو پنهنجو درد ڪنهن سان ونڊي ٿو ته، تڏهن هو پنهنجو ڄڻ اڌ علاج ڪري ٿو۔ ٻيو وري آهي سماجي سهڪار، هڪ سادو جملو جيئن “مان تنهنجي ساٿ ۾ آهيان” ڪڏهن ڪنھن جي زندگي بچائي سگهي ٿو۔
سنڌي ثقافت ۾ همدردي، گڏ رهڻ، ۽ محبت جا قدر تمام گھرا آهن۔ اسان وٽ “پاڻ کي وڃائڻ کان اڳ ٻين لاءِ جيئڻ” جو سبق آهي۔ جيڪڏهن اسان اهي روايتون نئين نسل تائين زنده رکيون، ته شايد ڪيترائي ماڻھو خودڪشيءَ کان اڳ اميد جي طرف واپس موٽي اچن۔
روحاني اميد – اندر جو سفر
صوفي فڪر چوي ٿو ته “نااُميد ٿيڻ، خود خدا کان جدا ٿيڻ آهي۔”
شاهه لطيف جا بيت، سچل جي فڪر، ۽ سنڌي صوفيت جو پيغام ٻڌائين ٿا ته هر ڏک ڪنهن مقصد سان موڪليو ويندو آهي۔ ڪڏهن ڪڏهن قدرت انسان کي اوندهه ۾ وجهندي آهي ته جيئن هو روشنيءَ جي قدر کي سمجهي۔
عبادت، راڳ، دعا، ۽ فطرت سان ناتا اڄ به هزارن ماڻهن لاءِ ذهني علاج جو ڪم ڪن ٿا۔ درياهه ڪناري ويھڻ، پنھنجي دل جون ڳالھيون ڪنھن سان ڪرڻ، يا شاهه جا بيت پڙهڻ، اهي سڀ اميد جا در کولن ٿا۔
اسان جي ذميواري
سماج طور اسان کي هر ان ماڻهوءَ لاءِ “محبت جي جاءِ” بڻجڻو پوندو، جيڪو اندر ۾ پنهنجي پاڻ سان لڙائي وڙهي رهيو آهي۔
خودڪشيءَ تي ڳالھائڻ کي “حرام” يا “شرمناڪ” نه، پر انساني ۽ اخلاقي فرض سمجھڻ گھرجي۔ اسڪولن، ڪاليجن ۽ ميڊيا ۾ “Mental Health Awareness” کي عام ڪرڻ گھرجي۔ ڊاڪٽرن سان گڏ، استادن، والدين ۽ دوستن کي به سکڻو پوندو ته ڪنهن کي ڪيئن ٻڌڻو آهي۔
حاصل مقصد ته زندگي، سڀني ڏکن، غمن ۽ نااُميدين جي باوجود، قابلِ محبت آهي۔ هڪ ڏينھن جي اوندهه، سڄي زندگيءَ جي صبح کي ختم نٿي ڪري سگھي۔ “جيون، پنهنجي اندر لڪل اميد جو نالو آهي۔ جڏهن تون سمجھين ٿو ته سڀ ختم ٿي ويو، تڏهن ئي ڪو نئون ڪِرڻو پيدا ٿيندو آهي۔”
_________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ ۽ انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندو آھي.



