وينزويلا تي آمريڪي حملي خلاف حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ جو مظاھرو
وينزويلا تي آمريڪي سامراج جو حملو دنيا جي مظلوم قومن تي حملو ۽ گڏيل قومن جي وجود تي وار آهي. عالمي قانون تسليم ڪرڻ کان انڪاري آمريڪا سامراج دنيا جي امن لاءِ خطرو آهي
حيدرآباد
وينزويلا تي آمريڪي جارحيت خلاف عوامي تحريڪ طرفان ڇنڇر ڏينھن حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
مظاھري جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، سرمد راڄپر، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، ڪاشف ملاح، ڄام تماچي، اسلم پرويز عمراڻي ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي.

احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وينزويلا تي حملو ڪري آمريڪا يونائيٽيڊ نيشنس کي عملي طرح ختم ڪري ڇڏيو آهي، دنيا تي آمريڪي جارحيت ٻڌائي ٿي ته عملي طرح ٽين عالمي جنگ هلي رهي آهي.
هنن چيو ته وينزويلا تي آمريڪي سامراج جو حملو دنيا جي مظلوم قومن تي حملو آهي. هي حملو گڏيل قومن جي وجود تي وار آهي. عالمي قانون تسليم ڪرڻ کان انڪاري آمريڪا سامراج دنيا جي امن لاءِ خطرو آهي، آمريڪي جنگين ۽ مداخلتن پوري دنيا ۾ تباهي آندي آهي.
ھنن چيو تہ وينزويلا کانپوءِ آمريڪا ڪيوبا، ڪولمبيا، ڪينيڊا ۽ ڊينمارڪ کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. گرين لينڊ کي طاقت جي زور تي خريدڻ جي آمريڪي ڪوشش جهنگ جي قانون کان به بدتر آهي. گرينڊ لينڊ تي متوقع آمريڪي قبضي کانپوءِ دنيا باضابطا طور اعلانيل ٽين عالمي جنگ جي طرف ڌڪجي ويندي. آمريڪي سامراج سائوٿ آفريڪا ۾ آئيوري ڪوسٽ ۽ برڪينا فاسو جي اڳوڻي صدر ۽ فوجي حڪمران ليفٽيننٽ ڪرنل پال-هينري دامِيبا ذريعي برڪينا فاسو تي به حملي جي ڪوشش ڪئي ۽ موجوده صدر ابراهيم تروري کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي جيڪا ناڪام ٿي. ايران به آمريڪا جي نشاني تي آهي.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جي وسيلن تي آمريڪي سامراج جي ميري اک آهي. وينزويلا تي آمريڪي سامراج جي حملي سان پوري دنيا پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهي آهي، هن حملي سان دنيا ڪيتريون ئي صديون پوئتي ڌڪجي ويندي.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته تاريخ شاهد آهي ته آمريڪي جنگين ۽ مداخلتن رت جون نديون وهايون آهن، وينزيويلا جي تيل ۽ ٻين معدني وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ آمريڪا صدر نڪولس مادورو کي اغوا ڪيو آهي، هي مسئلو فقط وينزويلا جو نه پر ٽين دنيا جي سمورن ملڪن جو آهي، پاڪستاني عوام کي وينزويلا ۽ ٻين آمريڪي حملن خلاف جدوجھد ڪرڻ گهرجي. ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي سمورن ملڪن جي عوام جو گڏيل اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي. دنيا جي مظلوم قومن کي گڏجي آمريڪي سامراج خلاف ڊگهي ويڙهه وڙهڻ لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. (پريس رليز)
_____________



