”سنڌ سنڌين جي آھي“ جو نعرو ڏيندڙ امامِ انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي
مولانا سنڌيءَ سنڌ جي ماڻھن کي واضح پيغام ڏنو ھو تہ جيڪو به سنڌ ۾ رھي ٿو، سنڌي ٻولي ڳالھائي ٿو ۽ ھن ڌرتيءَ سان وفاداري نڀائي ٿو، اھو سنڌي آھي. ڌرتيءَ سان وفاداري ئي اسلام جي حقيقي تعليمات جو حصو آھي.

ليکڪ: خاصخيلي لطيف راولاڻي
مولانا عبيدالله سنڌي برصغير جي انھن تاريخي شخصيتن مان ھڪ آھي، جن پنھنجي سڄي زندگي سامراج مخالف، فڪري ۽ سياسي بصيرت ۽ قومي شعور کي بيدار ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سِک گھراڻي ۾ جنم وٺڻ کان پوءِ اسلام قبول ڪرڻ ۽ پوءِ پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌيت سان سُڃاڻپ ڏيارڻ، سندس وطن سان بي پناهه محبت ۽ فڪري وابستگيءَ جو ثبوت آھي.
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو اصل نالو بوٽا سنگھ ھو. پاڻ 10 مارچ 1872ع تي ھڪ سِک گھراڻي ۾ پيدا ٿيا. مطالعي جي شوق ۽ حق جي ڳولا کين اسلامي تعليمات کان متاثر ڪيو، جنھن کان پوءِ پاڻ اسلام قبول ڪيائون. اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ سندن فڪري اڏام جو سڀ کان وڏو ۽ خوبصورت پھلو اھو ھو جو ھنن پاڻ کي فخر سان “سنڌي” سڏرايو.
قديم زماني ۾ ملتان ۽ بهاولپور جا علائقا سنڌ جو حصو ھئا، ۽ سنڌ جون حدون ڪشمير تائين پکڙيل ھيون. ان سڄي خطي جا رھواسي پنھنجي ڌرتيءَ سان وفادار ۽ نمڪ حلال ھئا. مولانا عبيدالله به انهيءَ تاريخي ۽ تهذيبي رشتي کي برقرار رکندي پاڻ کي سنڌي سڏائڻ تي فخر محسوس ڪيو.
مولانا سنڌيءَ جي علمي شخصيت شاهه ولي الله جي ڪتابن جي مطالعي سان وڌيڪ پختي ٿي. ان مطالعي کين علم ۽ فڪر جو ڀنڊار بڻائي ڇڏيو. ھي اھو دور ھو جڏھن سلطنت عثمانيه جو آخري وقت ھو ۽ سڄي خطي ۾ انگريز سامراج خلاف تحريڪون اڀري رھيون ھيون.
مولانا سنڌي برطانوي سامراج جي خلاف ھڪ منظم تحريڪ “ريشمي رومال تحريڪ” جو سرگرم اڳواڻ ھو. ان تحريڪ تحت اڳواڻ ريشمي رومالن تي ڳجھيون تحريرون لکي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ پيغام پهچائيندا هئا، جنهن تي انگريز سامراج کي شڪ به نه ٿيندو هو.
سياسي رابطن ۽ وڌيڪ فڪري وسعت لاءِ مولانا سنڌي پھرين افغانستان ويو ھو پر ڪجھ وقت کانپوءِ جڏھن محسوس ڪيائين تہ اُتي جون حالتون سازگار ناھن تہ پوءِ روس روانو ٿيو، جتي اُن وقت سوشلسٽ انقلاب برپا ٿي چڪو ھو. روس جي ان سياسي نظام کان متاثر ٿيڻ بعد، جڏھن پاڻ سنڌ واپس وريو، ته ھڪ نئون فڪر ۽ قومي فلسفو کڻي آيا.
مولانا سنڌيءَ سنڌ جي ماڻھن کي واضح پيغام ڏنو:
“سنڌ سنڌين جي آھي.”
جيڪو به سنڌ ۾ رھي ٿو، سنڌي ٻولي ڳالھائي ٿو ۽ ھن ڌرتيءَ سان وفاداري نڀائي ٿو، اھو سنڌي آھي.
ڌرتيءَ سان وفاداري ئي اسلام جي حقيقي تعليمات جو حصو آھي.
ھن پيغام ماڻھن ۾ قومي شعور ۽ حب الوطنيءَ جو نئون روح ڦوڪي ڇڏيو، جنھن سان سندس پوئلڳن جو ھڪ وڏو حلقو وجود ۾ آيو.
1944ع ۾ ھڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي مولانا سنڌي چيو ته:
“سنڌيو! ھڪ ٿي وڃو. اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل حڪومت ڏسڻ چاھيون ٿا، ۽ ان سلسلي ۾ ڪا به مذھبي تفريق يا سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين.”
پاڻ 22 آگسٽ 1944ع تي اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويا. جاگرافيائي ڦيرڦار ۽ نئين ملڪي نظام کان پوءِ سندن آخري آرامگاهه ۽ علائقو (ڊيرا غازي خان) سنڌ جي موجوده جاگرافيائي حدن کان الڳ ٿي ويو، پر اتي اڄ به “مولانا عبيدالله سنڌي اڪيڊمي” قائم آھي، جتي سندس فڪر تي عملي ۽ تحقيقي ڪم جاري آھي.
سنڌ ۾ مولانا سنڌيءَ جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ مرحوم مولانا عزيزالله ٻوھئي وڏو تاريخي ڪردار ادا ڪيو. ھن “سنڌ ساگر پارٽي” جو بنياد وڌو، جنھن جو منشور ۽ نظريو مولانا سنڌيءَ جي فڪر تي ٻڌل ھو. اڄ به سندس پوئلڳ ان فڪر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل آھن.
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو پيغام اڄ به زنده آھي—مذھبي رواداري، ٻوليءَ جي حفاظت، ۽ پنھنجي ڌرتيءَ سان سچائي ئي ڪنهن به قوم جي بقا جو اصل ضامن آهي.
____________

خاصخيلي لطيف راولاڻي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.



