سنڌي سنگيت جو وڏو نالو، سُرن جو رکوالو بادل راهي: نه جيئري ٿو پُڇين دلبر …
سنڌ جو هڪ الميو اهو به آهي ته هتي فنڪار کي تڏهن ياد ڪيو وڃي ٿو، جڏهن هو بيماريءَ جي بستري تي سمهي يا دنيا کي الوداع چئي وڃي.
جيستائين فنڪار محفلن کي رونق بخشي، تيستائين ماڻهو تاڙيون وڄائن ٿا، موبائلن ۾ وڊيو ٺاهين ٿا، نالا وٺي فخر ڪندا آهن، پر جڏهن ساڳيو فنڪار ڪنهن تڪليف ۾ اچي وڃي، ته اڪثر معاشرو پنهنجي نظرون ڦيرائي وٺندو آهي.
فنڪار جو علاج، فنڪار جي عزت، فنڪار جو احترام ڪنهن به مهذب معاشري جا بنيادي پيمانا آهن. بدقسمتيءَ سان هتي فن ۽ ادب سان وابسته ماڻهن لاءِ ڪابه مستقل پاليسي، ڪوبه مستقل فنڊ ۽ ڪابه محفوظ ڇت موجود ناهي
مُشتاق ٽانوري
فن هونئن ته فنڪار جي ميراث آهي، پر هميشه پنهنجي فنڪار سان گڏ نه هلندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن فن جا مِهراڻا ڏيئا ته جلندا رهن ٿا، پر انهن ڏيئن کي روشني ڏيڻ وارا هٿ زخمي ٿي بي آس ٿي ويندا آهن. سنڌي موسيقيءَ جو وڏو نالو، سُرن جو رکوالو، دلين جي ڌڙڪنن کي ڌُنن ۾ بدلائڻ وارو استاد بادل راهي به اڄ اهڙي ئي ڪيفيت مان گذري رهيو آهي، سندس فن جي عظمت ته هميشه وانگر مضبوط بيٺل آهي، پر فنڪار جي طاقت ۽ همت وقت جي تڙپ ۾ ڪمزور ٿي چڪي آهي. پتي ۾ پٿري، مسلسل بيمارين ۽ ڊگهي جسماني تڪليفن سبب بادل راهيءَ جي صحت تي اهڙو سخت اثر پيو آهي، جو هُو پنهنجو پاڻ به سنڀالي نٿو سگهي. سندس جسم جيڪو ڪڏهن 84 ڪلوگرام وزن سان طاقت، توانائي، ڳوڙهي آواز ۽ مضبوط لهجي جو مثال هو، اڄ فقط 50 ڪلوگرام جي ڪمزوريءَ ۾ سُڪي، جُهڪي، باريڪ ٿي ويو آهي. بيمارين جي هن لاڳيتي چڪر ۾ ڊاڪٽرن طرفان ٻڌايل ڏهه لک رپين جو خرچ سندس وس کان بلڪل ٻاهر آهي. هن فنڪار لاءِ اها رقم ڪا عياشي نه پر زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ ڦاٿل هڪ ضرورت آهي. هيءَ بي وسي ۽ هيءَ تڪليف فقط بادل راهيءَ جي نه پر سنڌي سنگيت جي مجموعي احساس تي هڪ ڳرو بار بڻجي بيٺو آهي.

بادَل راهي انهن ٿورن موسيقارن مان آهي، جيڪي فقط سکيا سان نه پر قدرتي صلاحيتن سان نوازيل آهن. سُر، ڌُن ۽ رِدم ڄڻ سندس اندر مان ڪنهن درياءَ جي روانيءَ سان وهندا آهن. هن وٽ سريلو خيال پيدا ٿيڻ لاءِ ڪنهن وڏي مشق يا ڊگهي وقت جي ضرورت ناهي. ڪيترائي اهڙا خطا آهن جتي هو روز جي بنياد تي نوان سُر ترتيب ڏيندو رهيو، ڄڻ ته قدرت پاڻ هن جي ڪنن ۾ ڪو نئون راڳ ڦوڪيندي هجي. سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جو مشهور پروگرام ”سلام سنڌ“ سندس ايندڙ هر نئين ڏينهن جي تخليق جوجيئرو جاڳندو مثال آهي. هتي هو نه فقط پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو، پر سنڌي موسيقيءَ جي اصل روايت، اصل روح ۽ اصليت کي جديد حسناڪيءَ سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. روزانو هو ٽن، چئن يا ڪڏهن ڪڏهن ان کان به وڌيڪ نون ڪلامن کي سُرن سان سينگاري پيش ڪندو ھو ۽ اها ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. وڏن شاعرن جي اداس غزلن کان وٺي نون شاعرن جي سادن خيالن تائين، بادل راهي هر لفظ کي اهڙي محبت سان سريلو ٿو بڻائي جو شعر ۾ موجود احساس پاڻ ڪر موڙي جاڳي پوي ٿو. سنڌ جو هڪ الميو اهو به آهي ته هتي فنڪار کي تڏهن ياد ڪيو وڃي ٿو، جڏهن هو بيماريءَ جي بستري تي سمهي يا دنيا کي الوداع چئي وڃي. جيستائين فنڪار محفلن کي رونق بخشي، تيستائين ماڻهو تاڙيون وڄائن ٿا، موبائلن ۾ وڊيو ٺاهين ٿا، نالا وٺي فخر ڪندا آهن، پر جڏهن ساڳيو فنڪار ڪنهن تڪليف ۾ اچي وڃي، ته اڪثر معاشرو پنهنجي نظرون ڦيرائي وٺندو آهي.

فنڪار قومي ورثو هوندا آهن ۽ قومي ورثي جي حفاظت رياستن جو فرض آهي. استاد بادل راهي جهڙي اعليٰ موسيقار لاءِ ڏهه لک رپيا ڪا وڏي مدد نه پر سنڌي ثقافت جي حفاظت لاءِ هڪ اخلاقي ۽ سرڪاري ذميواري آهي. فنڪار جو علاج، فنڪار جي عزت، فنڪار جو احترام ڪنهن به مهذب معاشري جا بنيادي پيمانا آهن. بدقسمتيءَ سان هتي فن ۽ ادب سان وابسته ماڻهن لاءِ ڪابه مستقل پاليسي، ڪوبه مستقل فنڊ ۽ ڪابه محفوظ ڇت موجود ناهي. سنڌ حڪومت ڪيترين ئي حالتن ۾ فنڪارن جي مدد ڪئي هوندي، پر اها مدد گهڻو ڪري محدود، دير سان پهچندڙ ۽ ڪڏهن اصل حقدارن تائين نه پهچندڙ هوندي آهي. هتي اهڙو ڪو به ادارو ڪونهي جيڪو خاص طور فنڪارن، شاعرن، اديبن، اداڪارن ۽ صحافين جي تڪليفن خاص ڪري بيمارين جي حالت ۾ سندن علاج جو ذميوار هجي.
ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته حڪومت يا ثقافت کاتو هڪ مستقل ”فنڪار علاج فنڊ“قائم ڪري. اهڙو نظام جوڙي جتي فنڪار کي اپيلون نه ڪرڻيون پون، جتي کيس دروازا کڙڪائڻا نه پون، جتي سندس عزت ۽ ڪردار سلامت رهي ۽ جتي تڪليف جي وقت حڪومت پاڻ سندس دروازو کڙڪائي علاج جي آڇ ڪري. سنڌ اسيمبليءَ ۾ فنڪارن جي مدد بابت ڪڏهن به ڪنهن به ايم پي اي وڏي پيماني تي آواز نه اٿاريو آهي. جڏهن ته فنون لطيفه سنڌ جو روح آهن، ۽ انهن جي بقا توڙي ترقي لاءِ واضح سرڪاري قدمن جي تمام گهڻي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪو سياستدان يا ڪو نمائندو اڄ هي قدم کڻي ته اهو فقط فلاح جو ڪم نه پر تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن لکي سگهي ٿو.

استاد بادل راهي جي زندگي بچائڻ سڀ کان وڏو ۽ اهم قدم آهي، ڇو ته هو فقط هڪ فرد نه پر سنڌي موسيقيءَ جي روح، سُرن جي دنيا جو سفير ۽ لطيفي روايت جو پانڌيئڙو آهي. سندس بيماري فقط سندس ذات جي تڪليف ناهي، پر سنڌي ادب ۽ موسيقيءَ سان جاڙ آهي، سڀني سنڌ سرڪار، ثقافت کاتي، سماجي تنظيمن، ميڊيا، ۽ عام ماڻهن جي گڏيل ذميواري آهي ته هن قيمتي فنڪار جي حياتي تڪليفن کان بچائجي، سندس علاج جو بندوبست ڪجي ۽ کيس ٻيهر سُر وڄائڻ لاءِ طاقت ڏجي. اهو ٻج جيڪو هن سڄي عمر پنهنجي فن جي زمين ۾ پوکيو آهي، اهو فرض بڻائي ٿو ته سندس مدد ڪري ان محنت جي قدر ڪجي. فقط اظهار نه، پر عملي قدم کڻڻ گهرجن. فنڪار ڪنهن به قوم جا بي آواز محسن هوندا آهن، اڄ انهن مان هڪ محسن مدد جو منتظر آهي. سنڌ جي هن املهه اثاثي کي بچائڻ لاءِ گڏجي اڳتي وڌجي، جيئن بادل راهي ٻيهر پنهنجي سُرن سان سنڌ جي هوا کي مهڪائي سگهي.
_________________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو



